- Advertisement -
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ترڪيه ۽ ايران جي پرڏيهي وزيرن سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو، جنهن دوران اڳواڻن فلسطين ۾ اسرائيلي ظلمن جي مذمت، غزه ۾ فوري طور تي جنگبندي جو مطالبو ۽ امداد جي فراهمي تي زور ڏنو.
پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
پرڏيهي آفيس موجب، ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ اسرائيل جي ظلم جي سخت مذمت ڪندي معصوم فلسطينين جي نسل ڪشي، بي دخلي ۽ خوراڪ جي بحران تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو.
پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسحاق ڊار ۽ هاڪان فيدان بنا رنڊڪ جي انساني امداد جي فوري فراهمي، جنگبندي، منصفاڻي، جٽادار ۽ امن لاءِ عالمي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو.
ٻنهي اڳواڻن فلسطيني عوام ۽ انهن جي جائز مقصد لاءِ حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ گڏيل قومن ۾ منعقد ٿيل عالمي ڪانفرنس مان هاڪاري نتيجن جي اميد ظاهر ڪئي.
ان کان اڳ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ ايراني پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو، جنهن دوران غزه جي صورتحال تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي امداد جي فوري فراهميءَ تي زور ڏنو ويو.
پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب، ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ڳالهه ٻولهه دوران هڪ اعليٰ سطحي ايراني وفد جي جلد پاڪستان جي دوري تي بابت به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
ڳالهه ٻولهه ۾ غزه ۾ جاري انساني بحران ۽ فلسطيني عوام لاءِ عالمي سطح تي ٿيندڙ قدمن تي به ويچاريو ويو.
اسحاق ڊار هڪ ڀيرو ٻيهر فلسطين جي حمايت جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته نيويارڪ ۾ فلسطين بابت ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس مان هاڪاري نتيجا سامهون ايندا.
ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ٻه رياستي حل لاءِ عالمي ڪوششن کي تيز ڪرڻ ۽ خطي ۾ امن جي قيام لاءِ سهڪار وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ۽ مستقبل ۾ پاڪستان جي اعليٰ سطحي دوري بابت به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي…….- Advertisement -
