- Advertisement -
شڪارپور جي ڪچي جا 70 کان وڌيڪ اغوا، قتل سميت مختلف ڪيسن ۾ گهربل ڏوھاري ڏوهن جي دنيا ڇڏي ھٿيار ڦٽا ڪري پوليس اڳيان پيش ٿيا.
ڏوھاري ٻيلو تيغاڻي، سکيو تيغاڻي، نثار سبزوئي، وحيد سبزوئي، اڪبر تيغاڻي، منظور جتوئي، سونارو تيغاڻي، سراج سبزوئي، عطاءُ الله تيغاڻي، جان محمد تيغاڻي سميت 70 کان وڌيڪ ڏوھارين ھٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا.
ڏوھارين ڳڙھي تيغو پوليس ڪيمپ تي گرفتاري پيش ڪئي.
ذريعن موجب شڪارپور پوليس وٽ پيش پيل 70 کان وڌيڪ ڏوھارين مان 30 ڏوھاري انعام يافتا ۽ سنگين ڪيسن ۾ گھربل آھن.
پوليس وٽ پيش پيل ڏوھاري ڦر، اغوا، قتل، ڌاڙن سميت مختلف سنگين ڪيسن ۾ گھربل ۽ دھشت جي علامت بڻيل ھئا.
شڪارپور پوليس لائين گرائونڊ ۾ گھرو وزير آڏو سڀني ڏوھارين کي پيش ڪيو ويندو، جتي پوليس ۽ رينجرس جا آفيشلز پڻ موجود ھوندا.- Advertisement -
