تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

هنگو ۾ ٻن ڌماڪن جي نتيجي ۾ ايس پي آپريشن سميت 3 پوليس اهلڪار شهيد

- Advertisement -
هنگو ۾ ٻن ڌماڪن جي نتيجي ۾ ايس پي آپريشن سميت 3 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا، جڏهن ته پوليس سان مقابلي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا. پوليس اختيارين موجب، دهشتگردن هنگو جي علائقي غلمينا ۾ خالي پوليس چيڪ پوسٽ کي بارودي مواد سان اڏائي ڇڏيو، جڏهن ته ڪوبه جاني ۽ مالي نقصان نه ٿيو. پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪي کانپوءِ ايس پي آپريشن اسد زبير ٻين اهلڪارن سان گڏ واقعي واري هنڌ وڃي رهيو هو ته درابن وٽ پوليس جي گاڏي کي بارودي مواد سان نشانو بڻايو ويو. ڊي ايس پي مهمند موجب، ٻئي ڌماڪي ۾ ايس پي اسد زبير ۽ ٻه پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا جڏهن ته 2 اهلڪار زخمي به ٿي پيا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪن ۾ شهيد ۽ زخمي ٿيلن ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال هنگو منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته علائقي ۾ پوليس جي اضافي نفري مقرر ڪئي وئي. ڊي پي اي موجب ڌماڪن کانپوءِ پوليس پهاڙن ۾ لڪي ويل دهشتگردن جو گهيراءُ ڪيو. هن چيو ته پوليس سان مقابلي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.2 ° C
19.2 °
19.2 °
24 %
1.7kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
29 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون