تازه ترين

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي آهي، جي يو آءِ سربراهه جو چوڻ آهي ته معاملا شدت طرف وڌي رهيا آهن، افغانستان سان ڇڪتاڻ واري رويي ۾ نرمي آڻڻي پوندي. بلاول ڀٽو زرداري، مولانا فضل الرحمان سان ملاقات لاءِ سندس رهائشگاهه پهتو، جتي مولانا فضل الرحمان بلاول ڀٽو زرداريءَ جي آجيان ڪئي. ملاقات دوران ملڪي سياسي صورتحال سميت ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران ملڪ جي سياسي، سڪيورٽي صورتحال سميت ايندڙ قانون بابت غور ويچار ڪيو ويو. ذريعن موجب پ پ چيئرمين، مولانا کي تازي صورتحال تي اعتماد ۾ ورتو، مولانا فضل الرحمان افغانستان جي صورتحال کي بهتر نموني حل ڪرڻ تي زور ڀيرو. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ امن امان جي صورتحال به غور هيٺ آئي. بلاول ڀٽو زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان پارلياماني  معاملن خاص طور قومي اسيمبلي  ۽ سينيٽ ۾ ورڪنگ رليشن شپ جو به ذڪر ڪيو. مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته پارلياماني جمهوريت ۾ سڀ کان اهم ڪردار پارليامينٽ جو آهي جيڪو ادا نه پيو ٿئي. ذريعن موجب بلاول، مولانا کي افغانستان بابت تجويزون ۽ خدشا صدر آصف علي زرداريءَ تائين پهچائڻ جي خاطري ڪرائي. بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ نيئر حسين بخاري، همايون خان ۽ جميل سومرو موجود هئا، جڏهن ته جي يو آءِ طرفان مولانا اسعد محمود ۽ مفتي ابرار به ملاقات ۾ شريڪ هئا. ملاقات بعد صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته ملاقات ۾ سياسي ۽ قومي معاملن تي ڳالهيون ٿيون. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداريءَ سان ڪنهن به آئيني ترميم تي ڳالهيون نه ٿيون، کيس مخالف ڌر جو اڳواڻ بڻجڻ ۾ ڪا دلچسپي ناهي، کين خبر آهي ته وٽن ڪيترا ميمبر آهن، ساڳين ميمبرن سان هو مخالف ڌر ۾ رهندا. مولانا فضل الرحمان چيو ته پاڪ افغان ڳالهين لاءِ سنجيده رابطو ڪيو ويو ته هو ضرور ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته ملڪي مفاد سندن ترجيح آهي،  پاليسي اختلافن باوجود هو پاڪستان جي ڏکيائين ۾ اضافو نٿا ڏسڻ چاهن. مولانا فضل الرحمان چيو ته  پاڪ افغان ڇڪتاڻ ٻنهي ملڪن لاءِ سٺي ناهي،  روين ۾  نرمي ۽ لچڪڪ آڻڻي پوندي…….. …………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.8 ° C
22.8 °
22.8 °
28 %
0.9kmh
0 %
آچر
32 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون