تازه ترين

آرمي چيف فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير اردن جي بادشاهه ۽ اردن جي هٿياربند فوج جي سپريم ڪمانڊر سان ملاقات

- Advertisement -
آرمي چيف فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير اردن جي بادشاهه ۽ اردن جي هٿياربند فوج جي سپريم ڪمانڊر سان ملاقات ڪئي آهي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير اردن جي دوري دوران اردن جي بادشاهه شاهه عبدالله دوم ابن الحسين ۽ اردن جي هٿياربند فوج جي سپريم ڪمانڊر سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ولي عهد شهزاد الحسين بن عبدالله به موجود هو. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، خاص طور دفاع ۽ سلامتي ۾ ٻطرفو سهڪار وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آرمي چيف پاڪستان جي عوام، حڪومت ۽ هٿياربند فوج طرفان اردن جي بادشاهه کي نيڪ نيتي جو پيغام پهچايو، اردن سان لاڳاپا وڌيڪ گهرا ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. اردن جي بادشاهه علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي مهارت ۽ ڀائيواري جي واکاڻ ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي سهڪار وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل اردن جي هٿياربند فوج جي چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ميجر جنرل يوسف احمد الحنيتي سان به جنرل هيڊڪوارٽر ۾ ملاقات ڪئي. جنرل هيڊڪوارٽر پهچي تي فيلڊ مارشل جي شاندار آجيان ڪندي کيس گارڊ  آف آنر پيش ڪيو ويو……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.8 ° C
22.8 °
22.8 °
28 %
0.9kmh
0 %
آچر
32 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون