ڪڏهن به ذاتي مفادن لاءِ فوجي سربراهن سان ملاقاتون نه ڪيون آهن : وزيراعظم

سنڌ سرڪار ڊجيٽل لرننگ اسڪولن لاءِ 710 ملين رپيا سيڙپڪاري ڪري رهي آهي : مراد علي شاهه
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڊجيٽل لرننگ پروگرام لاءِ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ۽ ٽيڪ دي ورلڊ فائونڊيشن وچ ۾ ڀائيواري هوندي، سنڌ ۾ سيف جي هڪ سئو ڊجيٽل اسڪولن کي مائيڪرو اسڪولز ۽ 25 ڊجيٽل ڪلاس رومز ٺاهيا ويندا، سنڌ سرڪار ڊجيٽل لرننگ اسڪولز لاءِ پروگرام تحت 710 ملين رپين جي سيڙپڪاري ڪري رهي آهي، ڊجيٽل پروگرام ذريعي پرائمري سطح تي گهٽ تعليم يافته 12 هزار 5 سئو کان وڌيڪ شاگردن کي تعليم جون اهم مهارتون سيکاريون وينديون.
وڏو وزير مراد علي شاهه ملير جي علائقي رزاق آباد پهچي ويو.
تعليم وارو صوبائي وزير سردار به وڏي وزير سان گڏ هو.
وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي پروگرام اڪسيليريڊيڊ ڊجيٽل لرننگ جي پروگرام جو افتتاح ڪري ڇڏيو.
سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن، ٽيچ دي ورلڊ سان گڏجي رزاق آباد ۾ ڊجيٽل مائڪرو اسڪول قائم ڪيو آهي جنهن جو وڏي وزير مراد علي شاهه افتتاح ڪيو.
سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاري، سيف جو ايم ڊي قاضي ڪبير، ٽيچ دي ورلڊ جي انتظاميا وڏي وزير جو آڌرڀاءُ ڪيو.
وڏو وزير مراد علي شاهه ٻارن کي بليڪ بورڊ تي پڙهايو ۽ ٻارن سان رلي ملي ويو.
وڏي وزير ٻارن جي والدين سان به ملاقات ڪئي.
مائيڪرو اسڪول ڪانسيپٽ تحت اهي ٻارڙا ۽ ٻارڙيون داخل ڪيو ويون آهن جيڪي ڪڏهن اسڪول نه ويون.
وڏي وزير مراد علي شاهه اسڪول ۾ سولر لڳائڻ جي هدايت ڪئي.
وڏي وزير مراد علي شاهه تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ڊجيٽل لرننگ پروگرام لاءِ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ۽ ٽيڪ دي ورلڊ فائونڊيشن وچ ۾ ڀائيواري هوندي، سنڌ ۾ سيف جي هڪ سئو ڊجيٽل اسڪولن کي مائيڪرو اسڪولز ۽ 25 ڊجيٽل ڪلاس رومز ٺاهيا ويندا.
سندس چوڻ هو ته سنڌ سرڪار ڊجيٽل لرننگ اسڪولز لاءِ پروگرام تحت 710 ملين رپين جي سيڙپڪاري ڪري رهي آهي، ڊجيٽل پروگرام ذريعي پرائمري سطح تي گهٽ تعليم يافته 12 هزار 5 سئو کان وڌيڪ شاگردن کي تعليم جون اهم مهارتون سيکاريون وينديون.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته تعليم جي بهتري لاءِ سنڌ حڪومت سيف تحت معياري منصوبا قائم ڪري رهي آهي، ڊجيٽل تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هن منصوبي تحت تعليم جي واڌاري لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهن، سندس مقصد تعليم تائين پهچ ۽ تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ آهي.
هن چيو ته اڪسيليريڊيڊ ڊجيٽل لرننگ پروگرام جو هڪ شروعاتي مرحول اڄ ڪيو ڪيو پيو وڃي، ڊجيٽل لرننگ پروگرام کي ٽي ٽي ڊبليو ايف ذريعي لاڳو ڪيو ويندو، پراجيڪٽ 18 مهينن تائين هلندو ۽ ٻيهر ٻين سببن کي شامل ڪندي هن ۾ اضافو ڪيو ويندو، منصوبي جي شروعات ٻن مائيڪرو اسڪولز جي قيام سان ڪيو ويو آهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته منصوبي جي شروعات ملير جي علائقي رزاق آباد کي ڪئي پئي وڃي، ايندڙ سال هڪ سئو مائيڪرو اسڪولز ۽ 25 ڊجيٽل ڪلاس رومز مڪمل ٿي ويندا، سيف کي جديد طريقي ذريعي صوبي ۾ معياري تعليم جي مدد لاءِ پابند ڪيو ويو آهي.
پ پ حڪومت طرفان نئون جديد شهر قائم ڪرڻ جو منصوبو تيار
پ پ حڪومت ذوالفقار آباد ٺاهڻ ۾ ناڪامي کانپوءِ وري ٻيو نئون جديد شهر قائم ڪرڻ جو منصوبو رٿي ورتو.
تجويز ڪيل نئون شهر ملير جي سامونڊي پٽي، گڏاپ، گهگهر کان موٽر وي، ڪاٺوڙ جا جبل ۽ ٺٽي جي ڌاٻيجي واري علائقي تي ٻڌل هوندو.
نئون تجويز ڪيل شهر سيٽلائيٽ ٽائون نالي سان قائم ڪيو ويندو.
مجوزہ نئين جديد شهر اڏڻ سان ڳوٺاڻي ضلعي ملير ۾ سوين ڳوٺن جو مستقبل به خطري ۾ پئجي ويندو.
ڪراچي ۾ ڌارين آبادي جيان سيٽلائيٽ ٽائون قائم ٿيڻ سان ڌرتي ڌڻين لاءِ ٻيهر زمين تنگ ڪرڻ جا سانباها ڪيا ويا آهن.
سياسي تڪرار کان بچڻ لاءِ سنڌ اسمبلي ۾ ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي ترميمي بل جي نالي تي قانون سازي ڪئي ويندي.
شروعاتي طور 17 ديھون ڪنٽرولڊ ايريا ۾ شامل ڪري سيٽلائيٽ ٽائون قائم ڪيو ويندو.
تجويز ڪيل شهر ۾ ملير ضلعي جون الله ڦهائي، شاھه مريد، ماهيو، ناراٿر ۽ تَورِي ديھون شامل ڪيون وينديون.
ديھه شاهي چب، لوهار ڪو لَنگ، مِٺا گهر، ٻولهاري ۽ لنگيجي به شامل ڪئي ويندي.
ديھه ڪونڪار، کار کڙو، ڪاٺوڙ، اميلاڻو، ڌاٻيجي، گهگهر ۽ ڊانڊو به جديد شهر ۾ شامل ٿيندي.
صالح پٽ ويجهو جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي ڀاڄائي ۽ نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو
صالح پٽ ويجهو جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي ڀاڄائي ۽ نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
ڳوٺ رئيس علي گل مگسي ۾ جوابدار طارق مگسي ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي ڀاڄائي مسمات خانزادي مگسي ۽ دادن مري کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪيو.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي روهڙي جي اسپتال منتقل ڪيا.
پوليس جو چوڻ آهي ته بروقت اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيا آهن پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويندا.
پاڪستان ۽ ڀارت جي مسئلن جو حل ڳالهين ۾ آهي: آمريڪا
امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر چيو آهي ته امريڪا معاشي بحران جي حل لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت جاري رکندو، پاڪ-ڀارت مسئلن جو حل صرف ڳالهين ۾ آهي.
امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر هفتيوار پريس بريفنگ ڏيندي چيو ته، هو پاڪستان سميت ڪنهن ملڪ ۾ ڪنهن به سياسي اڳواڻ يا جماعت جو پاسو ناهن کڻندا، پاڪستان ۾ آزاد ۽ صاف شفاف چونڊن جي حمايت ڪن ٿا.
هن چيو ته آمريڪا معاشي بحران تي قابو پائڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت جاري رکندو.
وزيراعظم طرفان پاڙيسري ملڪ کي ڳالهين جي آڇ واري تي رد عمل ڏيندي امريڪي ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت کي سڌيءَ ريت ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪرڻ گھرجن.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي منشيات جي خاتمي لاءِ هر سال 4 ملين ڊالر ڏيندا آهن.
بلاول ڀٽو زرداري جو سوئيڊن جي هم منصب سان رابطو، قرآن پاڪ جي بيحرمتي تي ڳڻتي جو اظهار
سوئيڊن جي پرڏيهي وزير ٽوبياس بلسٽروم پاڪستاني هم منصب بلاول ڀٽو زرداري سان فون تي رابطو ڪيو آهي.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو آهي ته سوئيڊن جي هم منصب کيس فون ڪنهن جنهن دوران هن سوئيڊن ۾ ۽ ٻين ملڪن ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي جي واقعن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن سوئيڊش هم منصب تي زور ڀريو ته اظهارِ راءِ جي آزادي جي اوٽ ۾ اهڙي قسم جي واقعن جي اجازت نه ڏني وڃي.
بلاول ڀٽو زرداري موجب، سوئيڊش پرڏيهي وزير چيو ته سندن حڪومت هر قسم جي اسلامو فوبيا تي ٻڌل واقعن کي سختيءَ سان رد ڪري ٿي.
واضع رهي ته سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي ڪئي وئي هئي جنهن تي سڄي دنيا جي مسلمان ملڪن طرفا سخت احتجاج ڪيو ويو آهي….
پي ٽي آءِ اڳواڻ افتخار دراني اسلام آباد مان گرفتار
پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ افتخار دراني کي گرفتار ڪيو ويو.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پي ٽي آءِ اڳواڻ جي سوشل ميڊيا ٽيم طرفان سندس آفيشل اڪائونٽ ذريعي گرفتاري جي تصديق ڪئي وئي.
سوشل ميڊيا ٽيم طرفان دعوى ڪئي وئي ته افتخار دراني کي بنا ڪنهن ڪيس جا وارنٽ ڏيکاري گرفتار ڪيو ويو.
ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته افتخار دراني کي اسلام آباد مان سندس رهائشگاهه تان گرفتار ڪيو ويو.
گرفتاري بعد پي ٽي آءِ اڳواڻ کي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.
فلپائن ۾ هڪ جوڙو ٻوڏ جي به پرواهه نه ڪندي شادي لاءِ چرچ پهچي ويو
فلپائن جي صوبي بولاڪان ۾ طوفاني برساتن سبب ٻوڏ جهڙي صورتحال آهي، اهڙي ۾ هڪ جوڙي پنهنجي شادي جي تقريب ملتوي نه ڪئي ۽ طئي ٿيل تاريخ تي ئي شادي ڪئي.
سوشل ميڊيا تي ان جوڙي جي وڊيو به وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جوڙو پاڻي ۾ ٻڏل چرچ ۾ شادي لاءِ پهچي رهيو آهي.
وائرل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته گهوٽ ۽ ڪنوار سان گڏ سندن ويجها مائٽ ۽ دوست به تقريب ۾ موجود آهن .
ان موقعي تي ڪنوار جي طرفان ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي ٻڌايو ته چرچ ۾ پاڻي ڏٺو هو پر ان باوجود اسان شادي جي تقريب ملتوي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته گهوٽ ۽ ڪنوار هٿن ۾ گلدستو کڻي چرچ ۾ وڃي رهيا آهن ۽ ڪنوار جو قيمتي جوڙو به پاڻي ۾ ٻڏل ڏسي سگهجي ٿو.
https://www.facebook.com/majasphalili/videos/1400192580550943/?ref=embed_video&t=5
کنڊ جي في ڪلو قيمت ۾ پنج رپيا واڌ
کنڊ جي في ڪلو قيمت ۾ پنج رپيا واڌ، 150 رپيا في ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳي
هلندڙ هفتي ڪاروبار جي شروعات ۾ کنڊ جي هول سيل قيمت 135 رپيا هئي جيڪا اڄ 140 رپيا ٿي وئي آهي.
ٽن ڏينهن اندر کنڊ جي في ڪلو قيمت ۾ 5 رپيا واڌ ٿي آهي.
50ڪلو کنڊ 7 هزار رپين تائين وڪرو ٿي رهي آهي، ريٽيل سطح تي کنڊ 150 رپيا ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي.
باليووڊ فلم “لگان” جي مشهور آرٽ ڊائريڪٽر آپگهات ڪري ڇڏي
ڀارتي ميڊيا موجب نتن ڊيسائي جو راءِ ڳڙهه ۾ پنهنجي ئي پروڊڪشن اسٽوڊيو مان لاش هٿ آيو .
رپورٽس موجب نتن ڊيسائي ڪيترن ئي ڏينهن کان مالي پريشانين جو شڪار هو ۽ ان ڪري ئي هن آپگهات ڪيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته نتن ڊيسائي جي موت جي سمورن رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.
نتن ڊيسائي بالي ووڊ جي مشهور فلم جوڌا اڪبر، ديوداس، لگان سميت ٻين فلمن جو آرٽ ڊائريڪٽر هو.












