تازه ترين
Home Blog Page 1286

بابر اعظم ۽ شاهين شاهه آفريدي جي آءِ سي سي نئين ٽيسٽ پليئرز رينڪنگ ۾ ترقي

0
آءِ سي سي نئين ٽيسٽ پليئرز رينڪنگ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ۽ فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي جي ترقي ٿي وئي. آءِ سي سي جي طرفان رانديگرن جي نئين ٽيسٽ رينڪنگ ۾ نيوزيلينڊ جي ڪين ويلمسن جي پهرين پوزيشن برقرر آهي، جڏهن ته انگلينڊ جي مڊل آرڊر بيٽر جوءِ روٽ هڪ درجو ترقي ماڻي ٻئي نمبر تي اچي ويو. آسٽريليا جو اسٽيو اسمٿ ٻه درجا ترقي ماڻي ٽئين نمبر تي اچي ويو، جڏهن ته پاڪستاني ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم رينڪنگ ۾ ٻه درجا ترقي ماڻي چوٿين نمبر تي پهچي ويو. آسٽريليا جي مارنس لبوشين 3 درجا پوئتي ٿيڻ بعد پنجين نمبر تي اچي ويو، ٽريوس هيڊ ڇهين، عثمان خواجه ستين، هيري بروڪ نائين ۽ پاڪستان جو سعود شڪيل 15 ۽ عبدالله شفيق 21 هين نمبر تي موجود آهي. ٽيسٽ بالرن جي رينڪنگ ۾ ڀارت جو روي چندرن ايشون جي پهرين پوزيشن برقرار آهي، جڏهن ته پاڪستان جو اسٽار بالر شاهين شاهه آفريدي رينڪنگ ۾ ٽي درجا ترقي ماڻي ڇهين نمبر تي اچي ويو.

ليبيا ۾ انساني اسمگلرن جي ويئر هائوس تي ڇاپن دوران 385 پاڪستاني بازياب

0
ليبيا ۾ انساني اسمگلرن جي ويئر هائوس تي ڇاپن دوران 385 پاڪستاني بازياب ڪرايا ويا آهن. پرڏيهي خابرو ايجنسي جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڇاپي دوران اوڀر ليبيا ۾ انساني اسمگلرن جي اهڙن گدان تي ڇاپا هنيا ويا جتي ماڻهن کي لڪائي رکيو ويندو هو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستاني شهرين کي سومر جي ڏينهن جي صبح اوڀر ليبيا جي شهر تبروڪ کان تقريبن 8ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ الخير جي علائقي ۾ اسمگلرن جي گدامن مان آزاد ڪرايو ويو، انهن ۾ ٻارڙا به شامل هئا کين پوليس هيڊ ڪوارٽر منتقل ڪيو ويو. اختيارين موجب پاڪستاني شهري يورپ وڃڻ جي ارادي سان ليبيا پهتا هئا، انهن کي اسمگلرن حراست ۾ ورتو ۽ آزادي جي لاءِ ڀنگ گهريو هو.

روس يوڪرين جي پورٽ تي حملو ڪري تباهه ڪري ڇڏيو

0
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، روس رومانيه جي ويجهو ڊينيوب درياهه تي قائم پورٽ کي نشانو بڻايو. ميڊيا رپورٽس جي موجب روس اربع جي ڏينهن پورٽ تي ڊرون حملا  ڪيا جنهن ۾ گدام تباهه ٿي ويا. رومانيه جي صدر روس جي طرفان يوڪرين تي مسلسل حملن تي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته ته رومانيه جي ويجهو روس جا انفراسٽرڪچر تي ڪيل حملا قبولڻ جوڳا نه آهن. يوڪرين جي هوائي فوج جو چوڻ آهي ته رات دير سان ڊرونز ڊينيوب درياهه جي طرف حملا ڪيا ويا. اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪنهن به جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو. يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي جو چوڻ آهي ته روسي حملن سان بدقسمتي سان نقصان ٿيو آهي.

ڌاڙيلن پاران پوليس اهلڪار ۽ سندس سالي جي وڊيو وائرل ڪري ڇڏي

0
ڳڙهي حسن مان اغوا ٿيل پوليس اهلڪار ۽ سندس سالي جي ڌاڙيلن وڊيو وائرل ڪري ڇڏي آهي . ڪجهه ڏينهن اڳ پوليس اهلڪار شير محمد لاشاري ۽ سندس سالو عبدالوحيد لاشاري پر اسرار نموني گم ٿي ويا هئا، جڏهن ته وارثن سندن اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو هو. پوليس اهلڪار شير محمد لاشاري ۽ سندس سالي عبدالوحيد لاشاري تي تشدد ڪرڻ واري ڌاڙيلن وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي آهي. وڊيو ۾ مغوي پوليس اهلڪار شير محمد لاشاري جو چوڻ آهي ته هو ڪنڌڪوٽ وڃي رهيا هئا ته مگسي لاڙي وٽان ڌاڙيلن اغوا ڪيو، ايس ايس پي جيڪب آباد سمير نور چنا ۽ ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ امجد شيخ کين بازياب ڪرائين. واضح رهي ته پوليس اهلڪار شير محمد لاشاري ڳحي حسن ٿاڻي تي مقرر آهي.

ڌاڙيلن پاران معصوم نينگر جي رسن سان ٻڌل واري ويڊيو وائرل ڪري ڇڏي

0
ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿيل معصوم نينگر فرحان سومري جي ڌاڙيلن رسن سان ٻڌل هجڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي آهي . ڪنڌڪوٽ جي مرزاپور پاڙي مان ٻه مهينا اڳ ڌاڙيل نينگر فرحان سومري کي اغوا ڪري ويا هئا. مغوي نينگر فرحان سومري جي وارثن وڏي وزير مراد علي شاهه جي آڏو احتجاج ڪيو هو، جڏهن ته وڏي وزير مغوي نينگر جي وارثن کي خاطري ڪرائي هئي ته نينگر کي جلد بازياب ڪرايو ويندو. ڌاڙيلن مغوي نينگر جي وارثن کان 30لک رپيا ڀنگ گهري ورتو آهي، جڏهن ته پوليس نينگر جي بازيابيءَ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن. ڌاڙيلن مغوي نينگر فرحان سومري جي رسن سان ٻڌل هجڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي آهي. وائرل وڊيو ۾ مغوي نينگر فرحان سومرو وارثن کي بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي.

زوب ڪينٽ حملي ۾ افغان دهشتگردن جي ملوث هجڻ جي تصديق

0
زوب ڪينٽ حملي ۾ افغان دهشتگردن جي ملوث هجڻ جي تصديق ٿي وئي آهي. تيرهن جولاءِ تي زوب ڪينٽ ۾ ٿيل دهشتگرد حملي ۾ ٽن دهشتگردن جي سڃاڻپ افغان شهرين طور ٿي آهي، جن جو تعلق افغانستان جي صوبي قنڌار سان آهي. پاڪستان افغان دهشتگردن جي تصديق تي سخت رد عمل جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس افغان سفارتخاني کي افغان دهشتگردن جا لاش وصول ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. پاڪستان دهشتگردن ڪاررواين ۾ مسلسل افغان دهشتگردن جي شموليت ۽ افغان ڌرتي استعمال ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي..

روينيو عملدارن 45 ايڪڙ سرڪاري زمين تان قبضا ختم ڪرائي ڇڏيا

0
ملير جي روينيو عملدارن گڏاپ ۾ ڪارروائي ڪري 45 ايڪڙ سرڪاري زمين تان قبضا ختم ڪرائي ڇڏيا. ڊپٽي ڪمشنر ملير جي اڳواڻي ۾ سب ڊويزن گڏاپ ۾ ڪارروائي ڪري 45 ايڪڙ زمين تان قبضا ختم ڪرايا ويا. ڪارروائي ۾ اي سي گڏاپ عبداالمنان ڀٽي، مختيارڪار گڏاپ عبدالجليل بروهي ۽ مختيارڪار ڳوٺ آباد ملير عبدالعزيز جوڻيجي سميت اينٽي انڪروچمينٽ فورس ۽ مقامي پوليس حصو ورتو. ان موقعي تي ڊي سي ملير عرفان سلام ميرواڻي جو چوڻ هو ته ملير ضلعي ۾ سرڪاري زمينن قبضا ختم ڪرايا ويندا، قبضا خور ڀلي ڪيترا به بااثر هجن سندن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ڊي سي ملير عرفان سلام ميرواڻي چيو ته سرڪاري زمين تي لينڊ مافيا غيرقانوني طور فارم هائوس ٺاهيا هئا جن کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو.

سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي سطح ۾ واڌ ٿيڻ بعد ڪچي وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا

0
نئين ديري جي نصرت لوپ بند تي پاڻي جو دٻاءُ برقرار آهي، جڏهن ته ڳوٺ ٻرڙا سميت ٻيا ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. پاڻي هيٺ آيل ڳوٺن جو نئين ديري ۽ ٻين شهرن سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي، رهواسين مطالبو ڪيو آهي ته سندن واهر ڪئي وڃي. ٻي پاسي سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي چاڙهه سبب ميهڙ جي ڪچي جا ڳوٺ به پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. يوسي نئون ڳوٺ، يوسي مگسي، يوسي شاهه پنجو جي ڳوٺن جو شهرن سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي. پ پ ايم پي اي فياض ٻٽ پاران ڊي سي دادو کي خط لکي متاثر ڳوٺاڻن سرڪاري اسڪول خالي ڪرائي ترسائن جي هدايت ڪئي وئي آهي. آبپاشي کاتي جي اختيارين ايل ايس بند تي ڪئمپون پڻ قائم ڪري بند جي نگراني ڪئي پئي وڃي.

پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا منفرد ۽ مضبوط آهن: آرمي چيف جنرل عاصم منير

0
آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا منفرد ۽ مضبوط آهن، جن سمورن چئليجن جو مقابلو  ڪندي پنهنجي مضبوطي ثابت ڪئي آهي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته چين جي پيپلز لبريشن آرمي جي 96هين سالگرهه جي ايڇ ڪيو ۾ ملهائي وئي، جنهن ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. تقريب ۾ چيني سفارتخاني جي عملدار پينگ چنڪسو، ميجر جنرل وانگ زونگ ۽ ٻيا پڻ شرڪت ٿيا. چيني سفارتڪار  پي ايل اي جي 96هين سالگرهه تقريب ڪوٺائڻ تي آرمي چيف جا ٿورا مڃيا، سندس چوڻ هو ته چين ۽ پاڪستان وچ ۾ اهو سهڪار تي ٻڌل ڀائيواري وقت ۽ عالمي طور ضروري آهي. آرمي چيف جنرل عاصم منير، پي ايل ايَ کي واڌايون ڏنيون ۽ چين  جي دفاع، سلامتي ۽ قوم جي تعمير ۾ پي ايل اي جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي. جنرل عاصم منير ٻنهي ملڪن جي فوج ۽ عوام وچ ۾ گهرن لاڳاپن جي مختلف پاسن تي روشني وڌي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا منفرد ۽ مضبوط آهن، جن سمورن چئليجن جو مقابلو  ڪندي پنهنجي مضبوطي ثابت ڪئي آهي. آرمي چيف چيو ته پي ايل اي ۽ پاڪستان آرمي هڪٻئي جا ڀائر آهن، هو اجتمامي مفادن جي تحفظ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهندا………..

ميرپورخاص: ٽي ايم سي مير شير محمد جي  ھڪ ارب 35 ڪروڙن جي بجيٽ پيش

0
ميرپورخاص: ٽي ايم سي مير شير محمد جي  ھڪ ارب 35 ڪروڙن جي بجيٽ پيش، ھڪ لک 15 ھزار رپيا بچت ڏيکاري وئي ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن مير شير محمد ٽالپر جي ھڪ ارب 35 ڪروڙ 96 لک 88 ھزار 828 رپين جي سال 24_2023ع جي لاءِ بجيٽ پيش ڪئي وئي، ٽي ايم سي جي بجيٽ اڪائونٽ آفيسر فرحان دايو پيش ڪئي.بجيٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي ٽي ايم سي جي خرچن جو ڪاٿو ھڪ ارب 35 ڪروڙ، 95 لک 83 ھزار 828 آھي، اھڙيءَ ريت بجيٽ ۾ ھڪ لک 15 ھزار رپيا بچت ڏيکاري وئي آھي. بجيٽ ۾ ٻڌايو ويو تھ سنڌ حڪومت پاران ٽي ايم سي جي 11 يوسيز ۽ 44 وارڊن  ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ 66 ڪروڙ رپيا ۽ ٽي ايم سي کي ملندڙ اسپيشل گرانٽ جي مد ۾ 15 ڪروڙ رپيا  ملڻ جي اميد آھي. اڪائونٽ آفيسر بجيٽ پيش ڪندي چيو تھ ٽائون ۾ 74 آفيسر مقرر ٿي وڃڻ جي اميد آھي، ان ڪري سندن پگھارن جي مد ۾ 6 ڪروڙ 22 لک رپيا رکيا آھن جڏھن تھ ڪائونسل ۾ اڳ ئي ڪم ڪندڙ ملازمن جي پگھارن جي مد ۾ 23 ڪروڙ 97 لک رپيا رکيا ويا آھن، اھڙيءَ ريت مجموعي طور پگھارن جي مد ۾ اٽڪل 30 ڪروڙ رپيا خرچ ٿي وڃن ٿا، جڏھن تھ ڪائونسل وٽ ھڪ ارب رپيا بچن ٿا، جيڪي ڪانٽيجنسي ۽ ترقياتي ڪمن جي مد ۾ خرچ ڪيا ويندا. بجيٽ بڪ ۾ چيئرمين آفيس جي خرچن لاءِ 73 لک 50 ھزار رپيا ۽ وائيس چيئرمين جي آفيس جي خرچن لاءِ 15 لک 45 ھزار رپيا رکيا ويا آھن، اھڙيءَ ريت جنرل ايڊمنسٽريشن برانچ جي خرچن لاءِ ھڪ ڪروڙ 57 لک 50 ھزار رپيا رکيا ويا آھن.  
Exit mobile version