تازه ترين
Home Blog Page 1287

لاڙڪاڻي ۾ 5کان 15گريڊ جي سرڪاري نوڪرين لاءِ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن انٽرويو ۽ گريڊنگ پاليسي خلاف احتجاجي مظاهرو

0
لاڙڪاڻي ۾ 5کان 15گريڊ جي سرڪاري نوڪرين لاءِ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن انٽرويو ۽ گريڊنگ پاليسي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. اميدوارن آڪاش شاهاڻي، وقار ابڙي، واصف چانڊيي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. احتجاج ڪندڙ اميدوارن چيو ته سنڌ حڪومت جي سمورن کاتن ۾ گريڊ هڪ کان 15 جي سرڪاري نوڪرين لاءِ آءِ بي اي سکر جي ذريعي ٽيسٽ ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. هنن چيو ته ٽاپ ٽو باٽم ميرٽ لسٽ جاري نه ڪئي وئي آهي، ميرٽ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ميڪنزم به نه جوڙيو ويو آهي. هنن وڌيڪ چيو ته پاس لسٽ جي ذريعي انٽرويو ۽ گريڊنگ پاليسي جوڙي وئي آهي، کين خدشو آهي ته اهل اميدوارن کي نظرانداز ڪري رشوت ۽ پنهنجا نوازي تحت ڀرتيون ڪيون وينديون. اميدوارن مطالبو ڪيو ته گريڊ هڪ کان 15 جي سرڪاري نوڪرين ۾ انٽرويو ۽ گريڊنگ پاليسي ختم ڪري ميرٽ لسٽ جاري ڪري آفر آرڊر جاري ڪري ڏنا وڃن

اسلام ڪوٽ ۾ صحافين تي تشدد ڪندڙ ايس ايڇ او خلاف ڌرڻو

0
اسلام ڪوٽ ۾ صحافين تي تشدد ڪندڙ ايس ايڇ او خلاف ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو. صحافي ساجد بجير، ليکڪ حاجي محمد ڪنڀر، جماعت اسلامي جي اڳواڻ صبحان سميجي، سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر شنڪر لال، وڪيل ديال صحرائي، رمضان لنڊ، واپاري اڳواڻ ڪلديپ پارواڻي، ڄام غني سميجو، لجپت سوراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي. اڳواڻن چيو ته ايس ايڇ او مقامي صحافين تي تشدد ڪري ڏاڍ ۽ جبر جو پيغام ڏنو آھي. اڳواڻن جو چوڻ هو ته منشيات فروشن جي سرپرستي ڪندڙ ۽ منشيات ھلائيندڙ ايس ايڇ او کي فوري طور نه ھٽايو ويو ته سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو

خيرپور ميونسپل ڪميٽي جي نااهلي سبب شهر جا مک روڊ رستا ۽ علائقا گندي پاڻي هيٺ

0
خيرپور ميونسپل ڪميٽي جي نااهلي سبب شهر جا مک روڊ رستا ۽ علائقا گندي پاڻي هيٺ اچي ويا آهن . شاهي بازار، ڇٽري چوڪ، ڳاڙهي پل، چانڊيا موڙ، گاجاڻي روڊ، لقمان ڦاٽڪ سميت ٻين علائقن ۾ گٽرن جو گندو پاڻي بيھڻ ڪري شھرين کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن. شهرين دانهيندي چيو ته ميونسپل ڪميٽي خيرپور جي نااهلي سبب شھر گندگي جي ور چڙهيل آهي، ڪروڙين رپيا بجيٽ هجڻ باوجود صفائي سٿرائي نه پئي ڪرائي وڃي. شھرين ڊي سي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته شھر جي مختلف علائقن ۾ بيٺل نالين ۽ گٽرن جو گندو پاڻي نيڪال ڪرائي کيب تڪليفن کان بچايو وڃي

9وارڊن ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ پنج ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن: چوڌري وسيم افضل راجپوت

0
دوڙ ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين چوڌري وسيم افضل راجپوت چيو آهي ته 9وارڊن ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ پنج ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. دوڙ ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين چوڌري وسيم افضل راجپوت جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ وائيس چيئرمين حاجي ابرار حسين گورچاڻي، ڊاڪٽر سيد حبيب احمد شاهه، مولائي ضمير حسين، غلام حسين ديناري، حاجي محمد عرس لاشاري، روي ڪمار، طحه خانزادي، عبدالرحمان ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي دوڙ ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين چوڌري وسيم افضل راجپوت جو چوڻ هو ته ٽائون جي سمورن 9 وارڊن ۾ بنا فرق جي ترقياتي ڪم ڪرايا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته ترقياتي ڪمن جي لاءِ پنج ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن جيڪي روڊ رستن، گهٽين ۾ پيور بلاڪ ۽ ٻين ڪمن ۾ خرچ ڪيا ويندا. چيئرمين چوڌري وسيم افضل راجپوت جو چوڻ هو ته دوڙ شهر ۾ حددخلين خلاف آپريشن جو فيصلو ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هو سڀ گڏجي شهر ۽ ٻين وارڊن ۾ ترقياتي ڪم ڪرائي عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن

ن ليگ اڳواڻ طلال چوڌري جي پنجن ورهين واري نااهليءَ جو مدو ختم

0
ن ليگ اڳواڻ طلال چوڌري جي پنجن ورهين واري نااهليءَ جو مدو ختم ٿي ويو آهي. طلال چوڌري کي سپريم ڪورٽ 2 آگسٽ 2018ع تي توهين عدالت تي پنج سال نااهليءَ جي سزا ٻڌائي هئي. تڏهوڪي چيف جسٽس ثاقب نثار هڪ عوامي جلسي کي تقرير تي پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو. طلال چوڌريءَ 2018ع ۾ فيصل آباد ۾ رٿيل جسلي ۾ آمريت کي قانوني سهارو فراهم ڪندڙ ججن تي تنقيد ڪئي هئي. سڌ سماءَ واري وفاقي مريم اورنگزيب ٽوئٽ ڪندي چيو ته طلال کي پنج سال نااهلي ختم ٿيڻ تي واڌايون، طلال چوڌريءَ نوازشريف ۽ پارٽيءَ سان نظرياتي وابستگي، وفا ۽ محبت تي پنج سال سزا ڀوڳي جيڪا اڄ ختم ٿي وئي. هن چيو ته طلال چوڌري پنجن ورهين کان پوءِ اهل ٿي ويو آهي، پر ناحق سزا ڏيندڙ عوام ۽ تاريخ جي نظر ۾ سڄي عمر لاءِ نااهل ٿي چڪا آهن

توشا خانا ريفرنس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين گذريل سال ڪرپشن ۾ ملوث نڪتو: شيري رحمان

0
موسمياتي تبديلين واري وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته توشا خانا ريفرنس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين گذريل سال ڪرپشن ۾ ملوث نڪتو ۽ حقيقتون لڪائڻ سبب نااهل ٿيو هو. جاري ڪيل بيان ۾ شيري رحمان چيو ته توشا خاني جون حقيقتون سامهون اچڻ بعد هيل تائين پي ٽي آءِ چيئرمين ڪيترائي يوٽرن ورتا آهن، شروع ۾ هن اليڪشن ڪميشن جي اختيارن کي چئلينج ڪيو. هن چيو ته پهريان چوندو رهيو ته توشا خاني جا تحفظا وڪرو ناهن ڪيا هاڻي چوي پيو ته هن ملٽري سيڪريٽري ذريعي تحفا وڪرو ڪيا هئا. شيري رحمان چيو ته ٻين کي چور ۽ ڌاڙيل چوندڙ پي ٽي آءِ چيئرمين هاڻي اربين رپين جا تحفا چوري ڪرڻ بابت دليل پيش ڪري رهيو آهي. وفاقي وزير چيوته انتهاپسند سياست جي نتيجي ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين اڳ ئي نااهل ٿي چڪو آهي، حڪومت جي کيس نااهل ڪرائڻ ۾ ڪا به دلچسپي ناهي، پر پي ٽي آءِ چيئرمين به پنهنجي جهڙتي ڏي

سپريم ڪورت فوجي عدالت ۾ عام شهرين جي ٽرائل خلاف درخواستن تي فل ڪورٽ جوڙڻ واري اپيل رد

0
سپريم ڪورت فوجي عدالت ۾ عام شهرين جي ٽرائل خلاف درخواستن تي فل ڪورٽ جوڙڻ واري اپيل رد ڪري ڇڏي، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا آهن ته فل ڪورٽ سيٽمبر ۾ دستياب ناهي، عدالتي موڪلون هلي رهيون آهن، سمورن ججن جون ذاتي مصروفيتون به آهن، جيڪي هن ڪيس سبب معطل آهن، ڪنهن کي وڻي يا نه هو پنهنجو ڪم ڪندا رهندا، سندن ڪم غلط آهي يا صحيح ان جو فيصلو وقت ۽ تاريخ ڪندي چيف جسٽس عمر عطابنديال جي سربراهيءَ ۾ 6 رڪني لارجر بئنچ عام شهرين جي ٽرائل خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي ۽ محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌايو. عدالت عام شهرين جي ٽرائل خلاف درخواستن تي فل ڪورٽ جوڙڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس، اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان ڪجهه چوڻ چاهيو ٿا”؟ اٽارني جنرل چيو ته گذريل ڏينهن فيصل صديقي جي درخواست ٻڌي وئي، جيستائين ڪيس جو تعلق آهي ته سمورين ڌرين کي خاطري ڪرائي وئي آهي. هن چيو ته حراست ۾ ورتلن کي سندس گهرڀاتين سان ملڻ ۽ وڪيل ڪرڻ جي اجازت آهي، کين فيئر ٽرائل جو حق ڏنو پيو وڃي. اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته 9 مئي واقعن ۾ ڪو به ڏوهه عمر قيد يا موت جي سزا واري نوعيت جو ناهي، ڪالهه لطيف کوسا چيو ته هڪ شخص کي جڊيشل مئجسٽريٽ آڏو پيش ٿيڻ کان روڪيو ويو. منصور عثمان اعواڻ چيوته گرفتار 102 ڄڻن مان ڪنهن کي به روڪڻ جو واقعو پيش ناهي آيو، هر شخص جي عزت جو خيال رکيو پيو وڃي،هو خاطري ڪرائي ٿو ته گرفتار 102 ڄڻن مان ڪنهن سان به خراب ورتاءُ نه ڪيو ويو، ائين ٿيو ته ترت ايڪشن ورتو ويندو. چيف جسٽس عمر عطابنديال فل ڪورٽ واري درخواست رد ڪندي چيو ته فل ڪورٽ سيٽمبر ۾ دستياب ناهي، عدالتي موڪلون هلي رهيون آهن، سمورن ججن جون ذاتي مصروفيتون به آهن، جيڪي هن ڪيس سبب معطل آهن. هن چيو ته هو الله آڏو جوابده آهن، ان ڪري پنهنجو ڪم جاري رکيو، ڪنهن کي وڻي يا نه هو پنهنجو ڪم ڪندا رهندا، سندن ڪم غلط آهي يا صحيح ان جو فيصلو وقت ۽ تاريخ ڪندي. چيف جسٽس چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو آهي ته قانون کان هٽي قائم ڪيل ڪورٽ کي عدالت تصور نه ڪيو ويندو، محرم علي ڪيس ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ يا هائيڪورٽ جي سپروائزري کانسواءِ عدالت قائم نٿي ٿي سگهي. جسٽس عائشه ملڪ چيو ته آئين تحت بنيادي انساني حقن جي سهولت شهرين کي حاصل آهي، هر شهريءَ وت ڪنهن به عدالت ۾ وڃڻ وقت آزادي جو حق هوندو آهي. هن چيو ته اهڙي عدالت جيڪا آرٽيڪل 175ايَ تحت ناهي پر عدالت آهي، ان ۾ سويلينز کي آزادي ڪيئن هوندي؟ اٽارني جنرل چيو ته آرمي ايڪٽ جون اڪثرن شقون ورديءَ وارن تي لاڳو ٿينديون آهن. چيف جسٽس چيو ته ڪيس جي ٻڌڻي جاري رهندي. اٽارني جنرل چيو ته کيس به ان بابت هدايتون وٺڻيون آهن، ايڊجوٽنٽ جنرل سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، اهو فوج جي سربراهه سان ڳالهائيندو. هن چيو ته آرمي ايڪٽ ۾ هڪ ته پرڏيهي آهن جيڪي جاسوسي سميت ٻين ڏوهن ۾ ملوث آهن،  ٻيو اهو ته آرمي ايڪٽ هيٺ ڪورٽ مارشل وارو معاملو آهي، ٽيون اهڙا ماڻهو جيڪي فوج خلاف دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث سمورن معاملن کي نظر ۾ رکندي غور ڪيو وڃي. جسٽس منيب اختر چيو ته عام شهرين لاءِ ملٽري ڪورٽن ۾ متوازن عدالتي نظام نه هوندو، جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته هدايتون وٺي هو سمورو روڊ ميپ عدالت آڏو پيش ڪندو. چيف جسٽس چيو ته ممڪن آهي ته ڪو هاڪاري جواب ملي، جنهن سان درخواست ڏيندڙن جا خدشا ختم ٿي وڃن. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪن ٿا، اها عالمي امن لاءِ خطرو آهي : جودت يلماز

0
ترڪيه جي نائب صدر جودت يلماز چيو آهي ته هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪن ٿا، اها عالمي امن لاءِ خطرو آهي، ترڪيه ۽ پاڪستان سرحد پار دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيا آهن،  ترڪيه دهشتگردي خلاف 40 ورهين کان وڙهي رهيو آهي، دهشتگردي خلاف پاڪستان جي قدمن جي حمايت ڪريون ٿا، ٻوڏ ۾ جتي ترڪيه پاڪستان جي مدد ڪئي، اتي زلزلي ۾ پاڪستان جو سهڪار مثالي هو، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا مضبوط کان مضبوط ٿي رهيا آهن. سامونڊي فوج جي جنگي جهاز پي اين ايس طارق جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ترڪيه جي نائب صدر چيو ته پاڪستان سان هي آخري دفاعي منصوبو ناهي، هو دهشتگردي خلاف دهشتگردي خلاف پاڪستان جي قدمن جي حمايت ڪن ٿا. سندس چوڻ هو ته هو هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪن ٿا، اها عالمي امن لاءِ خطرو آهي. ترڪيه جي نائب صدر جودت يلماز چيو ته ترڪيه ۽ پاڪستان سرحد پار دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيا آهن،  ترڪيه دهشتگردي خلاف 40 ورهين کان وڙهي رهيو آهي. هن چيو ته  ٻوڏ ۾ جتي ترڪيه پاڪستان جي مدد ڪئي، اتي زلزلي ۾ پاڪستان جو سهڪار مثالي هو، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا مضبوط کان مضبوط ٿي رهيا آهن. ترڪيه جي نائب صدر جودت يلماز چيو ته موجوده عالمي حالتن ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جا لاڳاپا وڌيڪ اهميت حاصل ڪري ويا آهن، ترڪيه دفاي شعبي ۾ وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن.

پاڪستان ۽ ترڪيه تاريخي ۽ مذهبي رشتي ۾ ڳنڍيل آهن : وزيراعظم شهباز شريف

0
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه تاريخي ۽ مذهبي رشتي ۾ ڳنڍيل آهن، زلزلي ۽ ٻوڏ جهڙي قدرتي آفتن ۾ ترڪيه ڀرپور مدد ڪئي، وقت جي گهرج آهي ته ٻئي ملڪ اسٽريٽجڪ سهڪار کي هٿي وٺرائن، گوادر کي به هڪ اهم واپاري مرڪز بڻايو آهي، سي پيڪ هڪ گيم چينجر منصوبو آهي جنهن تي تيزي سان ڪم جاري آهي، سي پيڪ ترقي جو رستو آهي، اميد آهي ته ترڪيه به فائدو وٺي سگهي ٿو. سامونڊي فوج جي جنگي جهاز پي اين ايس طارق جي افتتاحي تقريب ڪراچي شپ يارڊ ۾ ٿي. تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف، ترڪيه جي نائب صدر جودت يلماز، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، وفاقي وزير احسن اقبال، سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري، وڏي وزير مراد علي شاهه، نيول چيف ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف ترڪيه جي سهڪار سان تيار ڪيل جنگي جهاز پي اين ايس طارق جو افتتاح ڪيو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ترڪيه جي نائب صدر جي ڪراچي آمد تي سندس ٿورائتا آهن، هو ڪراچي شپ يارڊ جي آفيسرن، انجنيئرن، ورڪرن ۽ ٻين لاڳاپيل ماڻهن کي مبارڪ ڏئي ٿو. سندس چوڻ هو ته ملجم ڪلاس ڪورويٽ چوٿون سامونڊي جهاز آهي جيڪو پاڪستان ۽ ترڪيه گڏجي تيار ڪيو آهي، پاڪستان ۽ ترڪيه تاريخي ۽ مذهبي رشتي ۾ ڳنڍيل آهن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته زلزلي ۽ ٻوڏ جهڙي قدرتي آفتن ۾ ترڪيه ڀرپور مدد ڪئي، وقت جي گهرج آهي ته ٻئي ملڪ اسٽريٽجڪ سهڪار کي هٿي وٺرائن. هن چيو ته گوادر کي به هڪ اهم واپاري مرڪز بڻايو آهي، سي پيڪ هڪ گيم چينجر منصوبو آهي جنهن تي تيزي سان ڪم جاري آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سي پيڪ ترقي جو رستو آهي، اميد آهي ته ترڪيه به فائدو وٺي سگهي ٿو.

پورهئي واري کاتي جي اداري سيسي ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ۽ بي ضابطگين جو انڪشاف

0
سنڌ جي پورهئي واري کاتي جي اداري سيسي ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ۽ بيضابطگين جي اينٽي ڪرپشن کاتي جاچ ٽيم کي جاچ مڪمل ڪري ڏيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. اينٽي ڪرپشن ٽيم 11 مئي تي سيسي هيڊ آفس تي ڇاپو هڻي سيسي ۾ جعلي ڀرتين، جعلي خريداريون، صنعتن کان رشوت وصولي عيوض فائدو ڏيڻ وارا ثبوت هٿ  ڪري ڊپٽي ڪنٽرولر آڊٽ، اڪائونٽس سيد اسد حيدرآبادي کي به حراست ۾ وٺي گڏ کڻي وئي هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اسد حيدرآبادي جاچ دوران سيسي بورڊ ۾ محمد خان ابڙو جي جعل سازي ذريعي ميمبر بڻجڻ جو انڪشاف ڪيو هو. ذريعن موجب اسد حيدرآبادي کاتي جي ڊائريڪٽر  محمد زاهد ٻٽ جي عهدي تي مقرري دوران فراڊ جا معاملا لڪائڻ ۽ اهم فائل ردي ۾ وڪرو ڪرڻ جو به انڪشاف ڪيو. اسد حيدرآبادي زاهد ٻٽ جي ڊائريڪٽر ايڊمن طور 159 ماڻهن  ضابطي خلاف ڀرتين جو به انڪشاف ڪيو. جاچ دوران اسد حيدرآبادي ڪورنگي ۾ گارمنيٽ ڪارخاني کي گهٽ ملازم ڏيکارڻ بدلي 13 ڪروڙ رپيا ڪرپشن جو به اعتراف ڪيو، حيدرآبادي پاران رجسٽريش جي ڪرپشن ۾ زاهد ٻٽ، ڊائريڪٽر وجيلينس اينڊ سروي نادر ڪناسرو، ۽ محمد خان ابڙو سميت ٻين جي ملوث هجڻ جو  پڻ اعتراف ڪيو. اينٽي ڪرپشن پاران ڪيل جاچ دوران حيدرآبادي ليبر کاتي ۾ ڪرونا وبا دوران به غير قانوني خريداري ۽ ڪرپشن جو اعتراف  ڪيو هو. جاچ دوران اسد حيدرآباد، سٽور ڪيپر مدد علي جي ڪرونا دوران ڊائريڪٽر پروڪيورمنٽ ڊاڪٽر سعادت ميمڻ جي هدايت تي 25 وينٽيليٽر جناح اسپتال کي ڏيڻ جو به اعتراف ڪيو آهي. سيسي قانون قاعدن موجب مزدورن جي ملڪيت ڪنهن ٻئي اداري کي ڏيڻ به غير قانوني هوندي آهي.
Exit mobile version