تازه ترين
Home Blog Page 1288

حيدرآباد ضلعي ۾ منشيات تي ضابطي ۾ ناڪامي، 16 پوليس آفيسرن جي هڪ سال سروس ضبط

0
حيدرآباد جي ايس ايس پي ضلعي ۾ منشيات تي ضابطي ۾ ناڪامي سبب 12 ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز سميت 16 پوليس آفيسرن خلاف محڪماڻي ڪارروائي ڪدي سندن  هڪ سال جي سروس ختم ڪري ڇڏي آهي. منشيات وڪري تي ضابطي ۾ ناڪامي تي هالي، پڃاري، ٽنڊو ڄام، راهوڪي، مڪي شاهه ۽ ٻڍاڻي سميت ٻين ٿاڻن جي  ايس ايڇ اوز جي هڪ سروس ضبط ڪئي وئي آهي. ايس ايڇ او هالي سيف الله ٻگهيو، ايس ايڇ او سائيٽ عبدالمالڪ ابڙو، ايس ايڇ او پنڃاري محمد مالڪ خانزادو، ايس ايڇ او سٽي عمران رشيد جي هڪ سال جي سروس ختم ڪئي وئي آهي. سزا آيلن ايس ايڇ او ٽنڊو ڄام لياقت علي ڪنڀر، ايس ايڇ او ٻڍاڻي مبارڪ علي لاشاري ۽ ٻيا شامل آهن.

ملڪ ۾ هن وقت مهانگائيءَ جو طوفان هلي رهيو آهي : شرجيل ميمڻ

0
سنڌ جي اطلاعات کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، ملڪ ۾ هن وقت مهانگائيءَ جو طوفان هلي رهيو آهي، سنڌ حڪومت سوچي رهي آهي ته ڪهڙي طرح عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي، سنڌ ۾ حڪومت 21 لک ماڻهن کي گهر ٺاهي ڏئي رهي آهي، سياسي تنقيد ڪندڙ هر شيءِ ۾ غلطي ڳوليندا آهن، ٿرپارڪر جي ڪوئلي سان سڄي ملڪ جي بجلي جا مسئلا حل ٿي رهيا آهن، ڪجهه ڏينهن ۾ نگران سيٽ اپ اچي ويندو. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، وڏي وزير جي صلاحڪار رسول بخش چانڊيو سان گڏ مفت موبائل اسپتال سروس جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ جي 26 ضلعن ۾ موبائل يونٽ ڪم ڪري رهيا آهن ٽن ضلعن ۾ اڄ کان سهولتون فراهم ڪيون وينديون. سندس چوڻ هو ته هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، ملڪ ۾ هن وقت مهانگائيءَ جو طوفان هلي رهيو آهي. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت سوچي رهي آهي ته ڪهڙي طرح عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي، سنڌ ۾ حڪومت 21 لک ماڻهن کي گهر ٺاهي ڏئي رهي آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سياسي تنقيد ڪندڙ هر شيءِ ۾ غلطي ڳوليندا آهن، ٿرپارڪر جي ڪوئلي سان سڄي ملڪ جي بجلي جا مسئلا حل ٿي رهيا آهن، ڪجهه ڏينهن ۾ نگران سيٽ اپ اچي ويندو.

سکر ويجهو عطراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ

0
سکر ويجهو عطراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ مامو ۽ ڀاڻيجو مارجي ويا آهن. ڳوٺ گنج علي ۾ زمين جي مالڪي جي تڪرار تان عطراڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙي دوران هٿياربندن گوليون هڻي ستار ۽ نور حسن کي قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو زمين جي مالڪي جي تڪرار تان پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب سان هالينڊ جي سفير مس هيني ڊي ويريس ملاقات

0
ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب سان هالينڊ جي سفير مس هيني ڊي ويريس ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي ۽ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي  ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته  اسان جي سماج جو ذهن تبديل ٿي رهيو آهي،  پهريون ڀيرو سٽي ڪائونسل ۾ معذور ۽ ٽرانس جينڊر لاءِ سيٽون مخصوص ڪيون ويون آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت معذورن جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، سنڌ جو وڏو وزير معذورن جي بهتري لاءِ سرگرم آهي.  ڪراچي جي ميئر  چيو ته تازي ٿيل ڊجيٽل آدمشماري تحت ڪراچي جي آبادي وڌي وئي آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته نوجوانن کي روزگار جا بهتر موقعا فراهم ڪيا وڃن، ته جيئن نوجوان روزگار جي ڳولا ۾ يورپ ۽ ٻين ملڪن ڏانهن نه وڃن. مرتضيٰ وهاب چيو ته هو  گذريل 9 سالن کان حڪومت سان گڏ ڪم ڪري رهيو آهي، حڪومت عوام جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ هالينڊ جي مثالي دوستي آهي جنهن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو. ان موقعي تي ڊچ سفير مس هيني ڊي ويريز کي ڪي ايم سي طرفان يادگاري شيلڊ پيش ڪئي.

ڪيٽي بندر ۾ بااثر زميندار جي مبينا زيادتين خلاف هارين پاران احتجاج

0
ڪيٽي بندر ۾ بااثر زميندار جي مبينا زيادتين خلاف هارين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. هارين، بااثر جي مبينا زيادتين خلاف نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ڌرڻي سبب نيشنل هاءِ وي ٻنهي طرفان کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون، مسافر سخت پريشانيءَ ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. مظاهرين جو چوڻ هو ته بااثر زميندار ،کين مختلف هيلن بهانن سان تنگ ڪري رهيو آهي. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي بااثر خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

محرابپور : ڳوٺ بابو عبدالرحمان آرائين جو پرائمري اسڪول 10 سالن کان بند

0
محرابپور ويجهو پرائمري اسڪول 10 سالن کان بند پيل هجڻ  خلاف ڳوٺاڻن ۽ ٻارڙن طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڳوٺ بابو عبدالرحمان آرائين اسڪول بند هجڻ خلاف ڳوٺاڻن ۽ ٻارڙن الله ورايو، گل محمد، معراج احمد، نواز جٽ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهرين جو چوين هو ته اسڪول بند هجڻ ڪري سوين شاگردن جي تعليم تباهه ٿي رهي آهي. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي بند پيل اسڪول کولي ٻارڙن کي تعليم جهڙي زيور کان محروم ٿيڻ کان بچايو وڃي.

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ۽ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي خلاف احتجاجي مظاهرا

0
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ۽ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا. قمبر ۾ سول سوسائٽي، درزي يونين ۽ پورهيتن طرفان خالد معرفاڻي، سڪندر صنم، قادر چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو دهل وڄائي انوکو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڳڙهي ياسين ۾ ٽيڪسي ڊرائيورن پاران پيٽرول جي اگهه ۾ هڪ ڌڪ سان 20 رپيا واڌ خلاف نبي داد پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽيڪسي اسٽينڊ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ٻٻرلوءِ ۾ به شهرين پاران پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. پريالي ۾ تيل اگهن ۾ واڌ خلاف ٽيڪسي ڊرائيورن پاران اختيار بڙدي، ارشاد، راڻو ، ظفر بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نئين پل وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. عثمان شاهه هڙي ۾ مزدورن، ٽيڪسي، مزدا ۽ رڪشا ڊرائيورن طرفان پيٽرول اگهن ۾ واڌ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڊرائيورن ۽ پورهيتن مٺو پٺاڻ ۽ معشوق ساند جي اڳواڻي ۾ گاڏيو پيٽرول پمپن تي بيهاري احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهرين چيو ته حڪمران روانون پيٽروليم شين سميت عام واهپي جي شين ۾ واڌ ڪري غريبن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. احتجاج ڪندڙن چيو ته ملڪ ۾ پهريان ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، ويتر پيٽروليم شين جي اگهن ۾ غير معمولي واڌ سبب ماڻهو  آپگهات ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. هنن مطالبو ڪيوته پيٽروليم شين  جي قيمتن ۾ ڪيل واڌ واپس ورتي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

توشاخانه مان تحفا ورتا  ويا ۽ وڪرو ڪيا ويا،عطا تارڙ

0
وزيراعظم جي خاص مددگار عطا تارڙ چيو آهي ته توشاخانه مان تحفا ورتا  ويا ۽ وڪرو ڪيا ويا، هڪ ناليوارو ڏوهاري جنهن تي ملڪ ۾ غداري جو ڪيس آهي، جوابدار توشاخانه جي چوري ۽ 9 مئي جي واقعن ۾ به ملوث آهي، تحريڪ انصاف چيئرمين عدالت کان ڀڳل سرٽيفائيڊ ڀاڳوڙو آهي، هن شوڪت خانم جا پيسا جوا ۾ لڳايا، اڳوڻو وزيراعظم غيرقانوني پيسن سان ڪاروبار ڪندو رهيو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عطا تارڙ چيو ته توشاخانه ڪيس مان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پي ٽي آءِ چيئرمين شاهدن جي لسٽ پيش ڪئي نه عدالت ۾ پيش ٿيو. سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف چيئرمين شوڪت خانم جا پيسا جوا ۾ لڳايا، اڳوڻو وزيراعظم غيرقانوني پيسن سان ڪاروبار ڪندو رهيو آهي. وزيراعظم جي خاص مددگار عطا تارڙ چيو ته توشاخانه مان تحفا ورتا پر ڊڪليئر نه ڪيا ويا، 40 پيشين مان رڳو ٽن پيشين تي جوابدار حاضري لڳائي آهي، تحريڪ انصاف چيئرمين کي چوري جو جواب ڏيڻو پوندو.

وزيراعظم شهباز شريف اڄ ڪراچيءَ جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪندو

0
وزيراعظم شهباز شريف اڄ ڪراچيءَ جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪندو. وزيراعظم پاڪ بحريا جي جنگي بحري جهاز طارق جي افتتاحي تقريب ۾ شريڪ ٿيندو. سامونڊي جهاز جي افتتاحي تقريب ۾ ترڪ نائب صدر به شرڪت ڪندو، وزيراعظم جي ڪراچي ۾ ترڪيءَ جي نائب صدر سان ملاقات پڻ رٿيل آهي. وزيراعظم ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي نمائنده وفد ۽ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفد سان به ملاقات ڪندو.

مڪه مڪرمه ۾ خانه ڪعبه ۾ غسل ڏيڻ واري روح پرور تقريب ٿي جيڪا ڪيترائي ڪلاڪ جاري

0
مڪه مڪرمه ۾ خانه ڪعبه ۾ غسل ڏيڻ واري روح پرور تقريب ٿي جيڪا ڪيترائي ڪلاڪ جاري رهي. عرب ميڊيا موجب، ڪليد بردار الشيخ ڊاڪٽر صالح آل زين خانه ڪعبه جو دروازو کوليو ۽ مڪه مڪرمه جي نائب گورنر شهزاده بدر بن سلطان خانه ڪعبه جي اندرين حصي کي غسل ڏنو. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته غسل ڪعبه ۾ 20 لٽر آب زمزم ۽ عرق گلاب استعمال ڪيو ويو جڏهن ته ان موقعي تي بيت الله جي اندرين ڀيتن ۽ فرش کي صاف ڪيو ويو. عرب ميڊيا موجب، غسل بعد خانه ڪعبه کي عود، عرق گلاب ۽ بخور جي خوشبوئن سان معطر ڪيو ويو. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته غسل ڪعبه جي تقريب ۾ او آءِ سي سربراهه ۽ اعليٰ سول اختيارين شرڪت ڪئي. خانه ڪعبه کي هر نئين هجري سال جي 15 تاريخ تي غسل ڏنو ويندو آهي.
Exit mobile version