تازه ترين
Home Blog Page 1289

مٺي ويجهو پيرسن مبينا طور ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو

0
مٺي ويجهو پيرسن مبينا طور ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو. مصري شاهه درگاهه ويجهو 70 سالن جي ڏيوجي ڀيل مبينا طور ڦاهو کائي پنهنجي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي پيرسن جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد پيرسن جي موت جو اصل ڪارڻ معلوم ٿيندو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

وڏي وزير مراد علي شاهه سان نيڌرلينڊ جي سفير مس هيني ڊي وريس ملاقات

0
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته نيڌرلينڊ جا پاڻي ماهر صوبي ۾ ٻوڏ جي مسئلن تي سنڌ سرڪار سان گڏجي ڪم ڪندا، سنڌ حڪومت ٿر ۽ ڪوهستان جي علائقن ۾ ننڍا ڊيم ٺاهيا آهن، ڊيم برسات جي پاڻي سان ڀرجندا آهن، ننڍن ڊيمن جو پاڻي زراعت ۽ چوپائي مال لاءِ استعمال ٿيندو آهي، نيڌرلينڊ جي سيڙپڪارن لاءِ فشريز ۽ واٽر سيڪٽر ۾ موقعا آهن. وڏي وزير مراد علي شاهه سان نيڌرلينڊ جي سفير مس هيني ڊي وريس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻه طرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن بابت ڳالهيون ڪيون ويون آهن. ان موقعي تي نيڌر لينڊ جي سفير چيو ته ماهيگيري ۽ واٽر مينيجمينٽ ۾ نيڌر لينڊ وٽ ٽيڪنالاجي آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته نيڌرلينڊ جي سيڙپڪارن لاءِ سنڌ ۾ فشريز ۽ واٽر سيڪٽر ۾ موقعا آهن. نيڌرلينڊ جي سفير هيني ڊي وريس چيو ته موسمياتي تبديلي جي مسئلن تي به نيڌرلينڊ سنڌ حڪومت سان ڪم ڪرڻ چاهي ٿو. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جو آبپاشي کاتو نيڌرلينڊ سان رابطو ڪندو. نيڌر لينڊ جي سفير چيو ته نيدرلينڊ جا پاڻي ماهر سيپٽمبر ۾ ايندا. وڏي وزير سندن اجلاس آبپاشي کاتي سان طئي ڪري ڇڏيو. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته نيڌرلينڊ جا پاڻي ماهر صوبي ۾ ٻوڏ جي مسئلن تي سنڌ سرڪار سان گڏجي ڪم ڪندا، سنڌ حڪومت ٿر ۽ ڪوهستان جي علائقن ۾ ننڍا ڊيم ٺاهيا آهن. مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ڊيم برسات جي پاڻي سان ڀرجندا آهن، ننڍن ڊيمن جو پاڻي زراعت ۽ چوپائي مال لاءِ استعمال ٿيندو آهي. سنڌ حڪومت ۽ نيڌرلينڊ ۾ پوليٽري جي صنعت ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو……..

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ ٽي ڄڻا فوت  ٿي ويا

0
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ ٽي ڄڻا فوت  ٿي ويا ۽ ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڪنب ويجهو مهراڻ هاءِ وي تي ٻن ٽرالرن وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي هڪ ڄڻو فوت  ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. جهنڊو مشائخ وٽ روڊ حادثي ۾ وزيرستان واسي  محمد اختر پٺاڻ فوت ٿي ويو ۽ نوجوان شهزاد پٺاڻ زخمي ٿي پيو. اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته تيز رفتاري سبب حادثو پيش آيو آهي. مسڻ ويجهو سطان آباد واري علائقي ۾ ٻن موٽرسائيڪل ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو ۽ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا. اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. کهڙا ويجهو رپڙي روڊ تي موٽرسائيڪل جو ٽڪر لڳڻ سبب واٽهڙو نوجوان فوت ٿي ويو. اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

سنڌو درياءَ ۾ پاڻيءَ وهڪرن ۾ لاٿ جو سلسلو جاري

0
سنڌو درياءَ ۾ پاڻيءَ وهڪرن ۾ لاٿ جو سلسلو جاري آهي. گڊو بئراج وٽ 24 ڪلاڪن اندر پاڻي سطح ۾ 18 هزار 175 ڪيوسڪ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي. گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 4 لک 51 هزار 724 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 4 لک 22 هزار 487 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.

نگران وزيراعظم جي نالي تي حڪومتي اتحاد وچ ۾ صلاح مشوري جو آخري دور اڄ شروع ٿيڻ جو امڪان

0
نگران وزيراعظم جي نالي تي حڪومتي اتحاد وچ ۾ صلاح مشوري جو آخري دور اڄ شروع ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب اتحادي پارٽين جا تجويز ڪيل نالا سامهون اچڻ کانپوءِ وزيراعظم مخالف ڌر جي اڳواڻ سان ملاقات ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومتي اتحاد ۾ نگران وزيراعظم لاءِ 5 کان وڌيڪ نالن تي غور ڪيو ويو. نگران وزيراعظم لاءِ حتمي نالن جو معاملو پارٽي قيادت تي ڇڏڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته حتمي فيصلو وزيراعظم، بلاول ڀٽو ۽ مولانا فضل الرحمان ٻين پارٽين سان رابطو ڪرڻ کانپوءِ ڪندا.

نوابشاهه ۾ دڪان مان چوري جي ڪوشش دوران چورن جي فائرنگ ۾ سندن ئي ساٿي مارجي ويو

0
نوابشاهه ۾ دڪان مان چوري جي ڪوشش دوران چورن جي فائرنگ ۾ سندن ئي ساٿي مارجي ويو. بي سيڪشن ٿاڻي جي هد مريم روڊ تي ڪامران شاھ جي پرچون جي دڪان ۾ چوري دوران علائقي واسين چورن کي ڏسي ورتو. چورن جي کي پڪڙڻ جي ڪوشش دوران چورن جي فائرنگ ڪري ڏني جنهن دوران گوليون لڳڻ سبب چورن جو مبينا ساٿي مارجي ويو، اطلاع تي حد جي پوليس پهچي مارجي ويل چور جو لاش اسپتال منتقل ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل چور جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگھي، واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ مٿان 6 جنوري 2021 تي ڪيپيٽل هـِل حملي ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو

0
اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ مٿان 6 جنوري 2021 تي ڪيپيٽل هـِل حملي ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويو. آمريڪي ميڊيا موجب 2020ع جي صدارتي چونڊن تي اثرانداز ٿيڻ جو ڪيس پنهنجي منطقي انجام تائين پهچڻ شروع ٿي ويو آهي. اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي 6 جنوري 2021 تي ڪيپيٽل هـِل تي حملي ڪيس ۾ عدالت فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو. آمريڪي ميڊيا موجب فرد جرم ۾ ڊونلڊ ٽرمپ تي حڪومت ۾ مداخلت جي ڪوشش، آمريڪا کي ڌمڪيون ڏيڻ ۽ حقن جي ڀڃڪڙيءَ جي سازش جو به الزام لڳايو ويو آهي. ٻئي پاسي امريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ فرد جرم 2024 جي صدارتي چونڊن ۾ مداخلت قرار ڏئي ڇڏيو. پنهنجي بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اسپيشل ڪائونسل جيڪ سمٿ سندس مٿان ڪوڙو فرد جرم داخل ڪيو آهي جيڪا 2024 جي صدارتي چونڊن ۾ مداخلت آهي. واضع رهي ته امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي ٽيون ڀيرو فرد جرم لاڳو ڪئي وئي آهي.

پاڪستان نيوي جي جهاز پي اين ايس طارق جي افتتاحي تقريب اڄ ٿيندي

0
پاڪستان نيوي جي جهاز پي اين ايس طارق جي افتتاحي تقريب اڄ ٿيندي، ترڪيه جو نائب صدر تقريب ۾ شرڪت لاءِ اعليٰ سطح وفد سميت ڪراچي پهچي ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ وفاقي وزير شازيه مري ڪراچي ايئرپورٽ تي ترڪيه جي نائب صدر جي آجيان ڪئي. ترڪيه جو نائب صدر سادت يلماز پاڪ نيوي جي جهاز پي اين ايس طارق جي افتتاحي تقريب  ۾شرڪت ڪندو. ترڪيه جو نائب صدر سادت يلماز پاڪ نيوي جي جهاز پي اين ايس طارق جي افتتاحي تقريب  ۾شرڪت ڪندو. ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف به پي اين ايس طارق جي لائوچنگ تقريب ۾ شرڪت لاءِ اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچندو. ترڪيه جو نائب صدر وزيراعظم شهباز شريف، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ٻين سان ملاقات پڻ ڪندو. ان موقعي تي پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ دفاع سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن جو امڪان آهي.

آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سان جرمن آرمي چيف ليفٽيننٽ جنرل الفونس ماس جي ملاقات

0
آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سان جرمن آرمي چيف ليفٽيننٽ جنرل الفونس ماس ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت علائقائي سلامتي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، چيف جنرل سيد عاصم منير سان جرمن آرمي چيف ليفٽيننٽ جنرل الفونس ماس جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سڪيورٽي صورتحال ۽ دفاعي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب، ليفٽيننٽ جنرل الفوناس ماس دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي ڪاميابين ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي مسلسل ڪوششن کي ساراهيو.

آمريڪا پاران باجوڙ حملي جي مذمت

0
آمريڪا باجوڙ حملي جي مذمت ڪندي آپگهاتي ڌماڪي ۾ انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر باجوڙ ۾ جي يو آءِ ف جي ڪارنر ميٽنگ ۾ آپگهاتي ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو ته اهڙا حملا سمورن پرامن ۽ جمهوري سماجن جي توهين آهي. پريس بريفنگ دوران آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته هو حملي ۾ متاثر ماڻهن سان تعزيت جو اظهار ڪن ٿا، پاڪستاني عوام دهشتگردن هٿان تمام گهڻو نقصان برداشت ڪيو آهي. هـُن دهشتگرد گروپن جي گڏيل خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. هڪ سوال جي جواب ۾ آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته پاڪستان سان ٻه طرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ رابطا جاري رهندا. ميٿيو ملر جو وڌيڪ چوڻ هو ته هنن طالبان تي واضع ڪيو آهي ته افغانستان دهشتگرد جي اڏي طور استعمال نه ٿئي.
Exit mobile version