افغانستان پنهنجي ڌرتي پاڙيسري ملڪن ۾ دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪي، وزيراعظم
پاڪستان مدد لاءِ تيار آهي، افغانستان دهشتگردي روڪي، بلاول
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان مدد لاءِ تيار آهي، افغانستان دهشتگردي روڪي، افغان اختياريون ڪارروايون نه ٿيون ڪن ته سندن ايڪشن ٿي سگهي ٿو، پر اهو سندن پهريون آپشن نه هوندو.
پرڏيهي آفيس ۾ تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو سمجهن ٿا ته افغان انتظاميا پاڪستان تي حملو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪندي.
هن چيو ته وسيلن جي کوٽ آهي ته پاڪستان افغانستان جي مدد لاءِ تيار آهي، پر جيڪڏهن ڪارروائي ۾ نيت جو مسئلو آهي ته اها ڌار ڳالهه آهي.
پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان کان دهشتگردي تي هو پنهنجي دفاع لاءِ عالمي قانون تي عمل ڪندا، افغان اختياريون ڪارروايون نه ٿيون ڪن ته سندن ايڪشن ٿي سگهي ٿو، پر اهو سندن پهريون آپشن نه هوندو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نيٽو جيڪي هٿيار ۽ سامان ڇڏيو آهي، اهو ڪجهه هنڌن تي دهشتگردن وٽ آهي، دهشتگردي بابت سندن پاليسي واضح آهي، هو بلاڪن جي سياست ۾ ناهن.
پرڏيهي وزير چيو ته پرڏيهي وزير طور سندس منشور هو ته وزارت کي بهتر بڻايو وڃي.
قومي اسيمبليءَ سيڪريٽ ايڪٽ ۾ ترميمون منظور ڪري ورتيون
قومي اسيمبليءَ سيڪريٽ ايڪٽ ۾ ترميمون منظور ڪري ورتيون، جنهن تحت جنگ سان گڏوگڏ امن واري زماني کي به شامل ڪري سگهبو، حڪومت کي امن واري حالت ۾ ڪنهن به هنڌ، علائقي، زميني يا سامونڊي رستي کي پابندي مڙهيل قرار ڏيڻ جو اختيار حاصل هوندو.
قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسيءَ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ 1923ع ۾ ترميم جو بل پيش ڪيو، جنهن کي ايوان منظور ڪري ورتو.
وفاقي وزير بل کي ضمني ايجنڊا طور پيش ڪيو.
بل موجب لکت يا نه لکيل، ورچوئل، اليڪٽرانڪ يا ڊجيٽل مسودي کي به دستاويز ۾ شامل ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي.
بل موجب ملٽري صلاحيت، يا هٿيار، بارود جي خريد ۽ وڪري بابت معاملن کي ايڪٽ ۾ شامل ڪرڻ، انٽيليجنس جي تعريف ۾ آءِ بي سان گڏوگڏ آءِ ايس آءِ کي به شامل ڪرڻ، پابندي مڙهيل هنڌن جي تعريف ۾ دفاع پاڪستان بابت آفيسون، ڪيمپ آفيسون ۽ عمارت جي ڪنهن به حصي کي شامل ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
ايڪٽ تحت جنگ سان گڏوگڏ امن واري زماني کي به شامل ڪري سگهبو، حڪومت کي امن واري حالت ۾ ڪنهن به هنڌ، علائقي، زميني يا سامونڊي رستي کي پابندي مڙهيل قرار ڏيڻ جو اختيار حاصل هوندو.
بل موجب هٿياربند فوج طرفان وار گيمز، مشقن، تربيت، تحقيق يا ترقي، فوج جي چرپر، ان ڪيمرا بريفنگ لاءِ عارضي طور تي استعمال ٿيندڙ ڪيسن کي به منع ڪيل قرار ڏيڻ جي تجويز آهي.
پاس ڪيل بل موجب ملڪ اندر يا ٻاهر پرڏيهي ايجنٽ سان رابطو ملڪ دشمني هوندو، ڳجهن اهلڪارن، خبري يا ذريعن جي سڃاڻپ ٻڌائڻ ڏوهه هوندو، شڪ جي بنياد تي ڳجها ادارا ڪنهن به هنڌ يا شخص جي بنا وارنٽ جهڙتي وٺي سگهندا، ڳجهي اداري جا آفيسر گرفتار شخص يا ضبط ٿيل سامان کي جاچ آفيسر يا جي آءِ ٽي کي ڏيڻ جو پابند هوندو، جي آءِ ٽي تيرهن ڏينهن ۾ جاچ مڪمل ڪرڻ جي پابند هوندي.
ڀارت ۾ رٿيل ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ۾ قومي ٽيم جي شرڪت بابت فيصلي لاءِ هاءِ پروفائل ڪميٽيءَ جو اجلاس 3 آگسٽ تي طلب
ڀارت ۾ رٿيل ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ۾ قومي ٽيم جي شرڪت بابت فيصلي لاءِ هاءِ پروفائل ڪميٽيءَ جو اجلاس 3 آگسٽ تي طلب ڪيو ويو آهي.
وزيراعظم شهبازشريف طرفان پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداريءَ جي سربراهيءَ ۾ جوڙيل هاءِ پروفائل ڪميٽي جو اجلاس خميس ڏينهن ٿيندو.
بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪميٽي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڀارت وڃڻ يا نه وڃڻ بابت فيصلو ڪندي.
ڪميٽيءَ ۾وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، اعظم نذير تارڙ، احسان مزاري، مريم اورنگزيب، اسعد محمود، امين الحق، قمر زمان ڪائرا، طارق فاطمي ۽ قومي سلامتي جي ادارن جي سربراهن سميت پرڏيهي سيڪريٽري به شامل آهن.
ڪميٽي ۾ ڀارت ۾ ورلڊڪو بابت سمورن معاملن تي سفارشون تيار ڪندي، جن جي روشنيءَ ۾ قومي ٽيم جي ورلڊڪپ ۾ شرڪت بابت فيصلو ڪيو ويندو.
قطعي سفارشون منظوريءَ لاءِ وزيراعظم ڏانهن موڪليون وينديون، پي سي بي قومي ٽيم جي ورلڊڪپ ۾ شرڪت حڪومتي اجازت سان مشروط ڪئي آهي.
دادو ويجھو تيز رفتار ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر، ھڪ پيرسن عورت فوت
دادو ويجھو تيز رفتار ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ھڪ پيرسن عورت فوت ٿي وئي ۽ 5ڄڻا زخمي ٿي پيا.
دادو-جوھي روڊ تي تيز رفتار ٻن موٽرسائيڪلن وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ حسينا زال اڪرم ٻٻر فوت ٿي وئي، جڏھن تھ سيما، سندس ٽن ورھين جي ڌيءُ مسڪان، مھر پھوڙ، ذاڪر پھور ۽ شعيب پھور زخمي ٿي پيا.
اطلاع تي پوليس حادثي واري ھنڌ پھچي لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال پھچايو، جڏھن تھ زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ھئڻ ڪري کين سيوھڻ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
فوتي عورت جي وارثن ٻڌايو تھ مھر پھوڙ، سس حسينھ، گھرواري سيما ۽ ڌيءُ مسڪان سان گڏ موٽرسائيڪل تي جوھي کان دادو اچي رھيا ھئا تھ ساڻن حادثو پيش آيو.
لاڙڪاڻي ۾ رائيس ڪئنال ۾ وھنجندي ٻه نينگر ٻڏي ويا
لاڙڪاڻي ۾ رائيس ڪئنال ۾ وھنجندي ٻه نينگر ٻڏي ويا، علائقي واسين ھڪ نينگر کي بچائي ورتو، جڏھن تھ هڪ جي ڳولا جاري آهي.
نظر محلا ڀرسان رائيس ڪئنال لوهي پل وٽ 13ورهين جو نصر الله پٽ رشيد سيال 9 ورهين جو عامر پٽ الھھ بخش سيال وهنجڻ دوران ٻڏي ويا .
علائقي واسين 9 ورهين جي عامر سيال کي بچائي ورتو جڏهن ته نصرالله سيال جي ڳولا جاري آهي.
نينگرن جي وارثن ٻڌايو ته ٻئي نينگر مسجد انور مصطفي ۾ ديني تعليم پرائيندا آهن، رائيس ڪئنال ۾ وهنجڻ دوران ٻڏي ويا، علائقي واسين عامر سيال کي بچائي ورتو جڏهن ته نصرالله سيال جي ٽوٻن جي مدد سان ڳولا جاري آهي.
شڪارپور ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال بھتر آھي : وقتي گورنر آغا سراج دراني
وقتي گورنر آغا سراج دراني چيو آھي تھ شڪارپور ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال اڳ جي ڀيٽ ۾ گھڻي بھتر آھي، ڪچي ۾ پوليس جو آپريشن ھلندڙ آھي، جلد مغوين کي بازياب ڪرايو ويندو.
وقتي گورنر آغا سراج دراني مديجي ويجھو ڳوٺ ترائي پهچي شڪارپور ضلع ڪائونسل جي چيئرمين ذوالفقارڪماريو سان ملاقات ڪئي.
ان موقعي تي سنڌ ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي آغا سراج دراني چيو ته شڪارپور، ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعن ۾ امن امان لاءِ پوليس جو آپريشن ھلندڙ آھي، اغوا ٿيل معصوم ٻارڙن سميت سمورن مغوين کي جلد بازياب ڪرايو ويندو.
صحافي جي سوال جو جواب ڏيندي آغا سراج دراني چيو تھ عرفان سمون سٺو آفيسر آھي، خبر نھ آھي تھ کيس ڇو بدلي ڪيو ويو .
ھن چيو تھ شڪارپور ضلعي ۾ اڳ جي ڀيٽ ۾ امن امان جي صورتحال گھڻي بهتر آھي، ھو اڳ ڳڙھي ياسين کان شڪاپور تائين ڪانوائي جي صورت ۾ ويندا هئا پر ھاڻي صورتحال بھتر آھي.
آغا سراج دراني جو چوڻ ھو تھ ڳڙھي ياسين تعلقي ۾ ترقياتي ڪم ٿيا آھن، ڪرپشن جي شڪايتن بعد انڪوائريون ھلي رھيون آھن، ھو جڏھن جيل مان آزاد ٿيندو ته سموري تعلقي جو دورو ڪندو ۽ ڪرپٽ ٺيڪيدارن کي معاف نھ ڪندو..
وزيراعظم ۽ آرمي چيف پاران پشاور جو دورو
وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير پاران پشاور جو دورو ڪيو ويو آهي.
وزيراعظم شهبازشريف کي باجوڙ ڌماڪي ۽ هلندڙ جاچ بابت بريفنگ ڏني وئي.
وزيراعظم پاران آپگهاتي ڌماڪن ۾ افغان شهرين جي ملوث هجڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته افغان حڪومت پنهنجي زمين ٻئي ملڪ ۾ دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪي.
وزيراعظم زخمين کي خار کان پشاور منتقل ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج جي ڪاوشن جي واکاڻ ڪئي.
جيڪب آباد مان هڪ شخص اغوا، ڌاڙيلن پاران ڀنگ طلب، وارثن پاران احتجاج
جيڪب آباد ۾ مغوي پورهيت جي گهرواري مڙس جي بازيابي لاءِ معصوم ٻارڙن سان گڏ احتجاج ڪيو.
هرکجي اغوا ٿيل مسلم ڪالوني واسي غلام علي ڪانگاھ جي گھرواري نصيما احتجاج ڪندي چيو ته سندس مڙس بجلي جو ڪم ڪندو آھي، 5 محرم تي گھران اھو چئي نڪتو ته کيس ڪشمور ۾ ڪم مليو آهي.
هن چيو ته 7محرم تي ڌاڙيلن ڪال ڪري 30لک ڀنگ طلب ڪيو ۽ رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ قتل جي ڌمڪي ڏني وئي، هو غريب آھن، ايتري رقم ڪٿان آڻن.
احتجاج ڪندڙ عورت سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد کي اپيل ڪئي ته سندس مڙس غلام علي کي بازياب ڪرايو وڃي….
عثمان بوزدار، خسرو بختيار ۽ محمد خان لغاريءَ سميت 22 ميمبرن کي پارٽيءَ مان ڪڍي ڇڏيو
تحريڪ انصاف، پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بوزدار، خسرو بختيار ۽ محمد خان لغاريءَ سميت 22 ميمبرن کي پارٽيءَ مان ڪڍي ڇڏيو.
پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل عمر ايوب طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 22 ڄڻن کي پارٽيءَ مان نيڪالي ڏني وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب عثمان بوزدار، سردار محمد خان لغاري، خسرو بختيار، جاويد اختر انصاري، فاروق اعظم ملڪ، محمد اختر ملڪ، سيد محمد نديم شاهه، اهتشام الحق، بهاول خان عباسي، سبين گل کي پارٽيءَ مان ڪڍيو ويو.
ميان شفيع محمد، سيد محمد اصغر شاهه، ميان طارق عبدالله، محمد افضل، احسن الحق، سليم اختر، محمد ظهير الدين، سلمان خان گدڏڪا، اڪرام ڪانو، محي الدين سولنگي ۽ ٻين کي به پي ٽي آءِ مان نيڪالي ڏني وئي آهي















