تازه ترين
Home Blog Page 1291

قومي اسيمبليءَ سيڪريٽ ايڪٽ ۾ ترميمون منظور ڪري ورتيون

0
قومي اسيمبليءَ سيڪريٽ ايڪٽ ۾ ترميمون منظور ڪري ورتيون، جنهن تحت جنگ  سان گڏوگڏ امن واري زماني کي به شامل ڪري سگهبو، حڪومت کي امن واري حالت ۾ ڪنهن به هنڌ، علائقي، زميني يا سامونڊي رستي کي پابندي مڙهيل قرار ڏيڻ جو اختيار حاصل هوندو. قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسيءَ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ 1923ع ۾ ترميم جو بل پيش ڪيو، جنهن کي ايوان منظور ڪري ورتو. وفاقي وزير بل کي ضمني ايجنڊا طور پيش ڪيو. بل موجب لکت يا نه لکيل، ورچوئل، اليڪٽرانڪ يا ڊجيٽل مسودي کي به دستاويز ۾ شامل ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي. بل موجب ملٽري صلاحيت، يا هٿيار، بارود جي خريد ۽ وڪري بابت معاملن کي ايڪٽ ۾ شامل ڪرڻ، انٽيليجنس جي تعريف ۾ آءِ بي سان گڏوگڏ آءِ ايس آءِ کي به شامل ڪرڻ، پابندي مڙهيل هنڌن جي تعريف ۾ دفاع پاڪستان بابت آفيسون، ڪيمپ آفيسون ۽ عمارت جي ڪنهن به حصي کي شامل ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ايڪٽ تحت جنگ  سان گڏوگڏ امن واري زماني کي به شامل ڪري سگهبو، حڪومت کي امن واري حالت ۾ ڪنهن به هنڌ، علائقي، زميني يا سامونڊي رستي کي پابندي مڙهيل قرار ڏيڻ جو اختيار حاصل هوندو. بل موجب هٿياربند فوج طرفان وار گيمز، مشقن، تربيت، تحقيق يا ترقي، فوج جي چرپر، ان ڪيمرا بريفنگ لاءِ عارضي طور تي استعمال ٿيندڙ ڪيسن کي به منع ڪيل قرار ڏيڻ جي تجويز آهي. پاس ڪيل بل موجب ملڪ اندر يا ٻاهر پرڏيهي ايجنٽ سان رابطو ملڪ دشمني هوندو، ڳجهن اهلڪارن، خبري يا ذريعن جي سڃاڻپ ٻڌائڻ ڏوهه هوندو، شڪ جي بنياد تي ڳجها ادارا ڪنهن به هنڌ يا شخص جي بنا وارنٽ جهڙتي وٺي سگهندا، ڳجهي اداري جا آفيسر گرفتار شخص يا ضبط ٿيل سامان کي جاچ آفيسر يا جي آءِ ٽي کي ڏيڻ جو پابند هوندو، جي آءِ ٽي تيرهن ڏينهن ۾ جاچ مڪمل ڪرڻ جي پابند هوندي

ملير ۾ سرڪاري زمين تي قبضي تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙي دوران ڇھھ ڄڻا زخمي

0
پپري ٿاڻي جي حد ميان خان مري ڳوٺ ۾ خالي پيل سرڪاري زمين تي قبضي لاءِ مري ۽ مگسي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو. جھيڙي دوران فائرنگ ۽ ڪھڙيون لڳڻ سبب سنگھار، امين اللھ، طاھر ۽ امير حسين سميت ٻنھي ڌرين جا ڇھھ ڄڻا زخمي ٿي پيا. اطلاع تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو جڏھن تھ ھڪ زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. پوليس جو چوڻ آھي تھ سرڪاري زمين جي مالڪي ۽ پئسن جي ڏيتي ليتي تان جھيڙو ٿيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي…

ڀارتي سينسر بورڊ ايڪشن ڪاميڊي فلمن جي اسٽار اڪشي ڪمار جي نئين فلم ”او مائي گاڊ (2)“ کي رليز ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪا

0
ڀارتي سينسر بورڊ ايڪشن ڪاميڊي فلمن جي اسٽار اڪشي ڪمار جي نئين فلم ”او مائي گاڊ (2)“ کي رليز ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. رپورٽس موجب، سينسر بورڊ فلم ۾ 35 تبديلين سان گڏ اڪشي ڪمار جي ڪردار تي بھ خدشن جو اظھار ڪندي ان ۾ تبديلي جو مطالبو ڪيو آھي. فلم او مائي گاڊ جو آفيشل ٽريلر جاري ڪيو ويندو ۽ ان کي سينسر بورڊ جي اجازت ملي وئي آھي پر ان موقعي تي ڪا تقريب منعقد نھ ڪئي ويندي. شاھھ رخ خان ۽ دپيڪا پڊڪون جي فلم پٺان ۽ عالميا ڀٽ جي فلم راکي ۽ راني کي پريم ڪھاني جي لاءِ بھ ڪا بھ ٽريلر جي تقريب نھ ٿي ھئي ۽ انھن ٽريلرز کي سڌي تي سوشل ميڊيا تي جاري ڪيو ويو ھو. امت راءِ جي ھدايت ڪاري ۾ بڻجندڙ فلم او مائي گاڊ 2 اڪشي ڪمار ھندو ديوتا شيوا جو ڪردار ادا ڪيو آھي ۽ ساڻس گڏ پنڪج ٿرپاٺي اوريامي گوتم بھ نظر ايندا. ”او مائي گارڊ 2“ 2012 جي طنزيھ ڪاميڊي ڊرامي بلاڪ بسٽر جو سڪيوئل آھي جنھن ۾ پاريش راول مرڪزي ڪردار ادا ڪيو ھو….

آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي ٻن ميچن سميت 6 ميچن جي شيڊول ۾ ڦير ڦار تي غور ڪيو پيو وڃي

0
آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي ٻن ميچن سميت 6 ميچن جي شيڊول ۾ ڦير ڦار تي غور ڪيو پيو وڃي . ذريعن موجب پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ مئچ 12 بدران 10 آڪٽوبر تي ڪرائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، پاڪستان ۽ ڀارت جي مئچ 15 بدران 14 آڪٽوبر تي ٿيندي . ذريعن موجب پاڪستان ۽ سريلنڪا جي 10 تي ميچ ڊي اينڊ نائٽ ٿيندي، جڏھن تھ 10 آڪٽوبر تي انگلينڊ بنگلاديش ميچ ھاڻي ون ڊي ميچ ٿيندي . ذريعن جو چوڻ ھو تھ آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريڪا، انگلينڊ ۽ افغانستان، نيوزلينڊ ۽ بنگلاديش ميچ ھڪ ئي ڏينھن ٿي سگھي ٿي

جولاءِ مھيني ۾ او جي ڊي سي ايل جي تيل، گئس ۽ ايل پي جي جـي پئداوار ۾ واڌ رڪارڊ

0
آئل اينڊ گئس ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ جي پڌرائي موجب او جي ڊي سي ايل جي ڪاميابين ۾ کوھھ نم ايسٽ ھڪ جي ڪامياب پرفارمنس شامل آھي، نم ايسٽ ھڪ کوھھ ضلعي ٽنڊو الھيار ۾ آھي. پڌرائي ۾ چيو ويو تھ نم ايسٽ ھڪ کوھھ مان 585 بيرل روزانو اضافي سان تيل حاصل ٿي رھيو آھي، جڏھن تھ نم ايسٽ ھڪ کوھھ مان 7.4 ملين ڪيوبڪ فٽ گئس جي پيداوار ٿي رھي آھي. او جي ڊي سي ايل جي پڌرائي موجب نم ايسٽ ھڪ کوھھ مان 32 ميٽرڪ ٽن روزانو ايل پي جي جي اضافي پيداوار ٿي رھي آھي. ان کانسواءِ پساکي آئل فيڊ حيدرآباد کان 1010 بيرل ڪچي تيل جي اضافي پيدا وار ٿي رھي آھي، جڏھن تھ ھن وقت کوھھ مان 1810 بيرل بي پي ڊي ڪچي تيل جي پيداوار حاصل ٿي رھي آھي. او جي ڊي سي ايل جي پڌرائي ۾ چيو ويو تھ سانگھڙ ۾ چڪ 2-1 جي کوھھ مان روزانو 140 بيرل ڪچو تيل حاصل ٿي رھيو آھي

ڀارتي رياست ھرياڻھ ۾ وڳوڙين مسجد تي حملو ڪري پيش امام کي شھيد ڪري ڇڏيو

0
ڀارتي رياست ھرياڻھ جي ضلعي نوح ۾ بجرنگ دل ۽ وشوا ھندو پريشد جي جلوس جي دوران ڇڪريون ٿيون جنھن دوران 5ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترا ئي زخمي ٿي پيا. ڀارتي ميڊيا موجب، ھرياڻھ وڳوڙن ڳڙڳوٺ ۽ گروگرام کي پنھنجي گھري ۾ آڻي ورتو آھي. ڳڙڳوٺ ۾ چڪرين دوران مظاھرين ڪيترين ئي گاڏين کي باھھ لڳائي ۽ دڪانن ۾ ڀڃ ڊاھھ ڪئي. گروگرام ۾ بھ گذريل رات انتھاپسندن مسجد تي حملو ڪيو، حملي جي نتيجي ۾ مسجد جو پيش امام شھيد ٿي ويو. وڳوڙن بعد ھرياڻھ ۾ صورتحال تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ انٽرنيٽ سروس معطل ڪري قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آھي، جڏھن تھ تعليمي ادارا پڻ بند ڪيا ويا آھن. ھرياڻھي گھرو وزارت طرفان وفاق کان وڌيڪ فورس گھري وئي آھي. ٻئي طرف ھرياڻھ جي مندر ۾ وڳوڙن سبب ڦاٿل اڍائي ھزار ماڻھن کي ريسڪيو ڪيو ويو

ڳڙهي ياسين ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ قتل

0
ڳڙھي ياسين ويجھو ھٿياربندن گوليون ھڻي ھڪ ڄڻي کي قتل ڪري ڇڏيو . ڊکڻ ناڪي وٽ اڻڄاتل ھٿياربند گوليون ھڻي ھڪ ڄڻي کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا. اطلاع تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتول جو لاش کڻائي ڳڙھي ياسين تعلقي اسپتال منتقل ڪيو جتي سندس سڃاڻپ سکر واسي نور حسن مگسي طور ٿي. پوليس جو چوڻ آھي تھ وارثن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويندو، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن . آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نھ ٿي سگھيو ھو ۽ نھ ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگھي ھئي

افغانستان کان دهشتگردي روڪڻ جو مطالبو ڪيو آهي: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري

0
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته افغانستان کان دهشتگردي روڪڻ جو مطالبو ڪيو آهي، دهشتگردي جو خاتمو ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي. پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگردي سبب ٻئي ملڪ متاثر ٿيا آهن. هن چيو ته دهشتگردي کي روڪڻ ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي. سندس چوڻ هو ته دنيا جي اهم اڳواڻن جي آمد پرڏيهي پاليسي جي ڪامياب هجڻ جو ثبوت آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگردي بابت سندن موقف واضح آهي

ڪوئيٽا ۾ پوليو ٽيم تي حملي سبب 2 پوليس اهلڪار شهيد

0
ڪوئيٽا ۾ پوليو ٽيم تي حملي سبب 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا. پوليس موجب فائرنگ جو واقعو ڪوئيٽا جي علائقي نوان ڪلي ۾ پيش آيو، جتي اڻڄاتل هٿياربندن پوليو ٽيم تي فائرنگ ڪئي. فائرنگ سبب 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا، پر پوليو ٽيم محفوظ رهي. بلوچستان جي وڏي وزير پوليو ٽيم تي فائرنگ جي مذمت ڪندي واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. ٻئي پاسي ملتان جي علئاقي شاهه شمس ۾ فائرنگ سبب هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو. پوليس موجب نپوليس اهلڪار سادي لباس ۾ هو ۽ گهر وڃي رهيو ته مٿس فائرنگ ڪئي وئي.

نگران وزيراعظم جي نالن بابت ڪنهن به قسم جي ڄاڻ ناهي : شرجيل انعام ميمڻ

0
اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته نگران وزيراعظم جي نالن بابت ڪنهن به قسم جي ڄاڻ ناهي، نگران حڪومت سنڌ سرڪار جي منصوبن کي روڪي نه سگهندي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته  پ پ عام چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندي ۽ بلاول ڀٽو زرداري نئون وزيراعظم هوندو. هن چيو ته پ پ برساتي ٻوڏ متاثرن گهر ٺاهي ڏئي رهي آهي، شهرين جي سهولت لاءِ پيپلز بس سروس شروع ڪئي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته  ٿر جي ڪوئلي مان سموري ملڪ کي بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي.
Exit mobile version