ملڪي معيشت ۾ ڪردار ادا ڪرڻ سندن معاشرتي ذميواري آهي : آرمي چيف
فوجي عدالتن ۾ سويلين جي ٽرائل خلاف ڪيس ، سپريم ڪورٽ فيصلو سڀاڻي تائين محفوظ ڪري ڇڏيو
فوجي عدالتن ۾ سويلين جي ٽرائل خلاف ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ فل ڪورٽ جوڙڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي، جيڪو سڀاڻي ٻڌايو ويندو.
سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ 6 رڪني بئنچ عام شهرين جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران وڪيل فيصل صديقي دليل ڏيندي چيو ته فل ڪورٽ جوڙڻ سان بئنچ تي اعتراض به ختم ٿي ويندو، درخواست ۾ واضح لکيل آهي ته هن وقت فل ڪورٽ جوڙڻ سان ڪيس متاثر نه ٿيندو.
فيصل صديقي چيو ته اٽارني جنرل خاطري ڪرائي ته هن ڪيس دوران ڪنهن شهريءَ جو فوجي ٽرائل نه ٿيندو، ٽن ججن ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪئي آهي، اهي فل ڪورٽ جو حصو نه ٿا بڻجي سگهن.
جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته ٽن ججن ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ناهي ڪئي، موجوده ڪيس ۾ رڳو هڪ جج ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪئي.
جسٽس مظاهر چيو ته اوهان هن وقت فل ڪورٽ جو مطالبو ڪري رهيا آهيو، جڏهن دليل مڪمل ٿي چڪا آهن.
چيف جسٽس چيو ته درخواست ڏيندڙن کان به فل ڪورٽ تي موقف ورتو وڃي.
درخواست ڏيندر اعتزاز احسن روسٽرم تي آيو ۽ چيو ته اهڙي قسم جي درخواستن جو دير سان اچڻ ڪيس جي مقصد کي خراب ڪرڻ برابر آهي، کيس هن بئنچ ۽ سپريم ڪورٽ تي مڪمل اعتماد آهي.
هن چيو ته هو مارشل لا ۾ به عدالتن ۾ پيش ٿيندو رهيو آهي، عدالت کي ڪيس جو ترت فيصلو ڪري تڪرارن جو رستو بند ڪرڻ گهرجي.
لطيف کوسا دليل ڏنا ته هو چاهن ٿا ته فل ڪورٽ ڪيس ٻـُـڌي پر اهو ٽيڪنيڪي بنيادن تي ممڪن ناهي، حڪومت طرفان ڪيس کي مذاق بڻايو ويو آهي، فل ڪورٽ جي درخواست رڳو وقت جو ذيان آهي.
سلمان اڪرم راجا چيو ته اهو بهترين موقعو آهي ته سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن بابت هڪ ئي ڀيرو فيصلو ڪري ڇڏي، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اختيار عدالت جي هٿ ۾ آهي.
سپريم ڪورٽ بار فل ڪورٽ بڻائڻ جي مخالفت ڪئي ۽ وڪيل عابد زبيري چيو ته بار کي به بئنچ تي مڪمل اعتماد آهي.
ٻڌڻي دوران فيصل صديقي ۽ زمان وردگ کانسواءِ سمورن درخواست ڏيندڙن فل ڪورٽ جي مخالفت ڪئي، جڏهن ته پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان به فل ڪورٽ جي مخالفت ڪئي وئي.
قاضي احمد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ، ٻه ڄڻا زخمي
قاضي احمد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ڏيڙان روڊ تي هٿياربندن دڪاندار مٿان فائرنگ ڪري ڏني.
گوليون لڳڻ سبب دڪاندار سردار آرائين سميت ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي کڻائي نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو، جتي زخمي دڪاندار سردار آرائين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
منظور قادر ڪاڪا ۽ مختيارڪار گرفتاريءَ کانپوءِ ضمانت واري درخواست داخل ڪرائي ڇڏي
اڳوڻي ڊائريڪٽر منظور قادر ڪاڪا ۽ مختيارڪار گرفتاريءَ کانپوءِ ضمانت واري درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي.
صوبائي اينٽي ڪرپشن جي اسپيشل جج جي عدالت اڳوڻي ڊائريڪٽر منظور قادر ڪاڪا ۽ مختيارڪار جي ضمانت جي درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏئي ڇڏي.
عدالت پاران اينٽي ڪرپشن جي پراسيڪيوٽر ۽ جاچ آفيسر کي نوٽيس جاري ڪندي 4 آگسٽ تي جواب طلب ڪيو ويو آهي.
31 جولاءِ سومر ڏينهن ضمانت رد ٿيڻ تي اينٽي ڪرپشن جي جاچ آفيسر اڳوڻي ڊائريڪٽر منظور قادر ڪاڪا ۽ مختيارڪار خير محمد ڏاهري کي گرفتار ڪيو هو.
اڳوڻي ڊائريڪٽر منظور قادر ڪاڪا ۽ ٻين جوابدارن تي نسلا ٽاور جي زمين 7سئو گز مان وڌائڻ ۽ سرڪاري زمين جو غيرقانون نقشو پاس ڪرڻ جو الزام آهي.
سپريم ڪورٽ نسلا ٽائور جي غير قانوني اڏاوت خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.
نوابشاهه ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو
نوابشاهه ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو آهي، پوليس لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.
چنيسر اسٽاپ وٽ اڻڄاتل هٿياربند گوليو هڻي ڳوٺ مير محمد کوسو جي رهواسي ذوالفقار کوسي کي قتل ڪري فرار ٿي ويا.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته هٿياربندن ذوالفقار کوسي کي 3 گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي.
پوليس موجب مارجي ويل همراهه ڳوٺ مير محمد کوسو جو رهواسي آهي.
مٺي ۾ ڪارونجهر جبل جي نيلامي خلاف وڪيلن ۽ سول سوسائٽي جو احتجاج
مٺي ۾ ڪارونجهر جبل جي نيلامي ۽ ڪٽائي خلاف ٿرپارڪر بار ڪائونسل جي سڏ تي مارچ ڪري ڌرڻو هنيو ويو .
ڪارونجھر جبل جي نيلامي خلاف بار ڪائونسل جي صدر وڪيل غلام مصطفي هڱورجو، جاويد اختر، ميئن بجير، رائي سنگهه راجپوت، شوڪت راهمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ريلي ڪڍي ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو.
اجحتجاجي ريلي ۾ مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي.
اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڪارونجهر جي نيلامي ۽ ڪٽائي ڪنهن به قيمت تي برداشت نه ڪئي ويندي.
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيوت ه ڪارونجهر جبل کي ثقافت ۽ سياحت جو مرڪز بڻائي ثقافتي ۽ قومي ورثو قرار ڏنو وڃي.
سنڌ هائيڪورٽ حيدرآباد سرڪٽ بئنچ ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف منع نامو جاري ڪري ڇڏيو
سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي روڪڻ جو حڪم جاري ڪندي اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف وڪيل شنڪر ميگهواڙ جي درخواست تي جسٽس خادم حسين تنيو ۽ جسٽس ابرار علي هڪڙو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي.
وڪيل دليل ڏيندي چيو ته ڪارونجهر سنڌ جو ثقافتي ورثو آهي، جنهن کي ورلڊ هيريٽيج ڊڪليئر ڪيو وڃِي.
عدالت ، درخوستگذار جا دليل ٻڌڻ بعد ڪارونجهر تي ڪنهن به قسم جي ڪٽائي ۽ ليز تي پابندي هڻندي اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو.
عدالت جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو آهي ته ايندڙ ٻڌڻي تائين ڪارونجهر جبل تي ڪنهن به قسم جي ڪٽائي نه ڪئي وڃي.
نيب ماضي ۾ ماڻهن کي انتقام جو نشانو بڻائيندي رهي آهي : وزيراعظم
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته نيب ماڻهن کي سياسي انتقام جو نشانو بڻائيندي رهي آهي.
اسلام آباد ۾ منرل سمٽ جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪرپٽ ماڻهن جي ڪرپشن کي نظرانداز ڪيو ويو، نيب ماڻهن کي سياسي انتقام جو بڻائيندي رهي.
هن چيو ته بدقسمتي سان معاشرو ورهائجي چڪو آهي، ماڻهن جي ذهنن ۾ زهر وڌو ويو آهي، موجوده صورتحال ۾ ملڪي ترقي لاءِ ڪم ڪرڻ ممڪن ناهي.
سندس چوڻ هو ته ٿرڪول دنيا جي وڏن ڪوئلي جي منصوبن مان هڪ آهي، ريڪوڊڪ منصوبو ملڪي تاريخ ۾ خاص اهميت رکي ٿو، 75 سالن دوران پنهنجي قيمتي دولت تي ڌيان ئي نه ڏنو ويو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ماضي جي غلطين مان سبق سکي اڳتي وڌڻو آهي، ڳالهيون گهڻيون ٿيون آهن، هاڻي ملڪي ترقي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو.
هن چيو ته جنگ هاڻي ڪو به آپشن نه رهي آهي، پاڪستان ائٽمي طاقت آهي پر اها طاقت ڪنهن ملڪ خلاف استعمال ڪرڻ لاءِ ناهي.
سندس چوڻ هو ته پاڙيسرين کي سمجهڻ گهرجي ته امن لاءِ رهڻ گهرجي ۽ مسئلن جي حل لاءِ بامقصد ڳالهيون ڪيون وڃن.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته غربت جي خاتمي لاءِ ۽ عوام جي مفادن لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي.
عمرڪوٽ ويجهو روڊ حادثو، 2 ڄڻا فوت
عمرڪوٽ ويجهو ڇور واهه ويجهو موٽرسائيڪل ۽ چنگچي ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
حادثي ۾ مولي محمد حيات ۽ نينگر مهيد سميجو فوت ٿي ويا آهن، لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
خوابن جي شهزادي منظور وساڻ پ پ خلاف اتحاد ٺهڻ ۽ چونڊن ۾ دير ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي
خوابن جي شهزادي منظور وساڻ پ پ خلاف اتحاد ٺهڻ ۽ چونڊن ۾ دير ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.
صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ جو چوڻ آهي ته عام چونڊون وقت تي ٿيندي نظر نه اچي رهيون آهن، عام چونڊون چڱي ڀلي وقت لاءِ ملتوي ٿي سگهن ٿيون.
منظور وساڻ جو چوڻ هو ته عالمي طاقتون ۽ قرض ڏيندڙ چونڊن ۾ دير لاءِ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.














