محرم الحرام جي سلسلي ۾ سڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا آهن: ڪراچي پوليس عمران يعقوب منهاس
سنڌ ڪابينا کنڊ ٻاهر موڪلڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي: سينئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ
سنڌ ڪابينا کنڊ ٻاهر موڪلڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي، رهجي ويل برساتي ٻوڏ متاثر گهرن ٻيهر سروي ڪرڻ، 20 هزار برساتي ٻوڏ متاثر گهرن جي اڏاوت ڪندڙ مسترين کي تربيت ڏيڻ، شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل ڪاليج لياري ۾ ٽيچنگ فيڪلٽي ڀرتي ڪرڻ ۽ سنڌ ميڊيڪو ليگل ايڊوائزري بورڊ ٺاهڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي، سينئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته سنڌ ڪابينا کنڊ ٻاهر موڪلڻ جي مشروط اجازت ڏني آهي، حيدرآباد جي شهرين لاءِ تفريحي هنڌ قائم ڪيو ويندو، گهوٽڪي ضلعي ۾ آءِ بي اي جو ڪيمپس قائم ڪيو ويندو، ڪي پي ۾ دهشتگرد پيدا ڪندڙ مدرسن جي سرڪاري سطح تي فنڊنگ ٿيندي رهي آهي.
سنڌ ڪابينا جي اجلاس بعد صوبائي وزير سردار شاهه سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ ڪابينا کنڊ ٻاهر موڪلڻ جي مشروط اجازت ڏني آهي، سنڌ هائيڪورٽ مان اسٽي آرڊر ختم ٿيڻ بعد نوٽيفڪيشن جاري ٿيندو.
هن چيوته انڊس هاءِ واي تي ٻه پليون ٺاهڻ جي به ڪابينا اجلاس ڏني آهي، جڏهن ته معياري تعليم لاءِ گهوٽڪي ۾ سکر آءِ بي ايَ جو ڪيمپس ٺاهيو ويندو.
شرجيل ميمڻ چيو ته حيدرآباد جي شهرين لاءِ تفريحي هنڌ قائم ڪيو ويندو، رهجي ويل برساتي ٻوڏ متاثر گهرن ٻيهر سروي ڪرڻ، 20 هزار برساتي ٻوڏ متاثر گهرن جي اڏاوت ڪندڙ مسترين کي تربيت ڏيڻ، شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل ڪاليج لياري ۾ ٽيچنگ فيڪلٽي ڀرتي ڪرڻ ۽ سنڌ ميڊيڪو ليگل ايڊوائزري بورڊ ٺاهڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي.
سينيئر صوبائي وزير چيو ته ڪي پي ۾ دهشتگرد پيدا ڪندڙ مدرسن جي سرڪاري سطح تي فنڊنگ ٿيندي رهي آهي، اي پي ايس تي حملو به پي ٽي آءِ دور ۾ ٿيو، ان کان وڏي شرم جي ڳالهه ناهي ته پي ٽي آءِ دور ۾ بنون مان دهشتگرد پنهنجن ساٿين کي ڇڏائي فرار ٿي ويا، تاريخ شاهد آهي ته پي ٽي آءِ بانيءَ تي ڪڏهن به ڪو دهشتگرد حملو ناهي ٿيو.
شرجيل ميمڻ چيو ته ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن بابت ترميمي قانون منظور ڪيو ويندو، ماڻهن پنهنجون گاڏيون رجسٽر ڪرائن، ڪا به اڻ رجسٽرڊ گاڏي هلائڻ جي اجازت نه هوندي.
سينيئر صوبائي وزير چيو ته سنڌ اسيمبلي ۽ سيڪريٽريٽ جي ملازمن جي هيلٿ انشورنس گورنمينٽ اسٽيٽ لائف ڪمپنيءَ مان ٿيندي
سپريم ڪورٽ طرفان سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو
سپريم ڪورٽ طرفان سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت هيٺ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن واري ڪيس بابت فل ڪورٽ جو ٻيهر اجلاس ٿيو.
اجلاس دوران سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي فيصلي تي غور ڪيو ويو.
فل ڪورٽ جي اجلاس بعد سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار ڪاز لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.
ڪاز لسٽ موجب سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت درخواست تي فيصلو اڄ منجهند ٻارهين وڳي ٻڌايو ويندو.
سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني ريگيولر بئنچ فيصلو ٻڌائيندي.
سنڌ سرڪار ڪارونجهر جبل جي کوٽائي بابت خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي
سنڌ سرڪار ڪارونجهر جبل جي کوٽائي بابت خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي، صوبائي وزير سردار شاهه جو چوڻ آهي ته ڪارونجهر جبل ڪنهن جي جاگير ناهي، هو پٿر کڻڻ جي اجازت نه ڏيندا، ڪارونجهر جبل ثقافتي، مذهبي ۽ تاريخي حيثيت رکي ٿو، پ پ عوام کي ناراض ڪري ڪو به فيصلو نه ڪندي، ڪارونجهر يا ننگرپارڪر جي زمين کي ڪو به خطرو ناهي.
ڪراچيءَ ۾ سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سردار شاهه چيو ته ڪارونجهر جبل ڪنهن جي جاگير ناهي، هو پٿر کڻڻ جي اجازت نه ڏيندا، ڪارونجهر جبل ثقافتي، مذهبي ۽ تاريخي حيثيت رکي ٿو، پ پ عوام کي ناراض ڪري ڪو به فيصلو نه ڪندي.
هن چيو ته ڪارونجهر يا ننگرپارڪر جي زمين کي ڪو به خطرو ناهي، هو ڪارونجهر کان اڳتي ٻين سائٽن تي ڀوڏيسر کي به پراجيڪٽ بڻائي رهيا آهن.
سردار شاهه چيو ته نگران وزير کاتي جو رڪارڊ ئي چوري ڪري ويو، پهريان اهو رڪارڊ واپس ڪري نه ته سندس خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
صوبائي وزير چيو ته ڪتاب ڇاپڻ جون تياريون مڪمل آهن، پهرين آگسٽ کان ڪتاب ملڻ شروع ٿي ويندا، ڪاغذ مهانگو هجڻ مسئلو هو، ان بابت وفاق سان ڳالهايو آهي
سنڌ هائيڪورٽ پاران ايس ايس پي خيرپور ۽ 6 ايس ايڇ اوز طلب
سنڌ هاءِ ڪورٽ خيرپور پوليس پاران ناري جي گهرن تي چڙهائي خلاف داخل درخواست تي ايس ايس پي خيرپور ۽ ڇهن ايس ايڇ اوز کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.
ناري عشرت فاطمه چانگ طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته چانگ ۽ راڄپر براداري جي ٻن ڌرين ۾ پسند جي پرڻي تان تڪرار هلندڙ آهي، جنهن سان سندس گهر ڀاتين جو ڪو به تعلق نه آهي.
ناري جو چوڻ هو ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ تڪرار دوران ٽي ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن.
درخواست داخل ڪندڙ جو چوڻ هو ته ڇهن ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز پاران کيس حراسان ڪيو پيو وڃي، پوليس گهرن تي چڙهائي ڪري سندس گهر ڀاتين کي گرفتار ڪري رهي آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ايس ايس پي خيرپور، ڊي ايس پي ڪوٽڏيجي، ڊي ايس پي ٺري ميرواهه ۽ ڇهن ايس ايڇ اوز کي ذاتي حثيت ۾ طلب ڪري ورتو.
عدالت گهرو سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر کي نوٽيس جاري ڪري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي……..
وفاقي حڪومت ڪمرشل، زرعي ۽ وڏن واهپيدارن لاءِ بجلي اگهه وڌائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي
وفاقي حڪومت ڪمرشل، زرعي ۽ وڏن واهپيدارن لاءِ بجلي اگهه وڌائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪمرشل واهپيدارن لاءِ بجلي جي بنيادي اگهه ۾ 8 رپيه 4 پئسا اضافي جي منظوري ڏني وئي آهي، جولاءِ کان ڪمرشل واهپيدارن جي في يونٽ جي قيمت 77 رپيا 15 پيسا تائين پهچي ويندي.
ذريعن موجب، زرعي واهپيدارن لاءِ بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ في يونٽ 6 رپيه 62 پئسا اضافو منظور ڪيو ويو، جنهن بعد جولاءِ لان زرعي واهپيدارن جي في يونٽ جي قيمت 46 رپيا 83 ٿي ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جنرل سروسز لاءِ بجلي جو في يونٽ اگهه 6 رپيه 98 پئسا وڌائڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، جولاءِ کان جنرل سروسز لاءِ في يونٽ بجلي جي اگهه 61 رپيا 3 پيسا ٿي ويندو.
ذريعن موجب، وڏن واهپيدارن لاءِ بجلي جي في يونٽ ٽيرف ۾ 5 رپيا 51 پيسا اضافي جي منظوري ڏني وئي جنهن بعد جولاءِ کان وڏن واهپيدارن جو في يونٽ اگهه 59 رپيا 96 تائين پهچي ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته صنعتي واهپيدارن لاءِ بجلي جو بنيادي ٽيرف برقرار رکڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.
ذريعن موجب، پاور ڊويزن پاران وفاقي ڪابينا جي فيصلي سان نيپرا کي آگاهه ڪيو ويو آهي……….
ڪي اليڪٽرڪ جي پرائيويٽائزيشن کي ٺيڪ ڪرڻو پوندو ۽ هڪ کان وڌيڪ ڪمپنين کي بجلي جي ڊسٽري بيوشن ڏيڻ جي ضرورت آهي: سينيئر اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال
ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينيئر اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي پرائيويٽائزيشن کي ٺيڪ ڪرڻو پوندو ۽ هڪ کان وڌيڪ ڪمپنين کي بجلي جي ڊسٽري بيوشن ڏيڻ جي ضرورت آهي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته ڳالهين جو وقت ختم ٿي ويو، هاڻي ملڪ جي سلامتي جو مسئلو آهي، روس به معاشي بحران سبب ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو، کين سٺن فيصلن ۽ درست رخ جي ضرورت آهي.
سندس چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم بجلي جي بحران بابت پنهنجو موقف سامهون رکڻ چاهي ٿي، هلندڙ سال پاور سيڪٽر جا لاسز 600 ارب رپيا آهن، کين پاور ڪمپنين کي 17 سئو ارب رپيا ڏيڻا آهن، جڏهن ته ملڪ جي ڊيولپمينٽ لاءِ بجيٽ ۾ 14 سئو ارب رپيا آهن.
ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينيئر اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو ته ملڪي معيشيت کي سڀ کان وڏو نقصان پاور سيڪٽر جا لاسز آهن، ملڪ ۾ ضرورت کان وڌيڪ بجلي موجود آهي، پر 18، 18 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، جڏهن بجلي وڌيڪ ڏيندا ته وڌيڪ لاسز ٿيندا جنهن لاءِ هنن سوچيو ته بجلي ئي گهٽ ڏيندا ته لاسز گهٽ ٿيندا.
هن چيو ته اوهان بجلي جا لاسز بچائڻ لاءِ بجلي جي پيداوار گهٽ ڪري رهيا آهيو، هي سمورا لاسز اهو ادا ڪري رهيو آهي جيڪو بل ڏئي رهيو آهي، هي نظام ماڻهن جي برداشت کان ٻاهر آهي، سفيد پوش ماڻهو بجلي جو بل ادا نٿو ڪري سگهي.
ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينيئر اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو ته سمورن ڊسڪوز کي پرائيويٽائيز ڪرڻ گهرجي، ڪي اليڪٽرڪ جي پرائيويٽائيزيشن جو تجربو گهڻو بهتر ناهي، ڪي اليڪٽرڪ جي پرائيويٽائزيشن کي ٺيڪ ڪرڻو پوندو ۽ هڪ کان وڌيڪ ڪمپنين کي بجلي جي ڊسٽري بيوشن ڏيڻ جي ضرورت آهي……….
ترقي ۽ خوشحال مستقبل لاءِ آبادي ۾ تيزي سان اضافي جي مسئلي تي ڌيان ڏنو وڃي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن جي ٿيم ڪنهن کي پٺتي نه ڇڏيندا، سڀني کي شمار ڪندا، جي حمايت ڪري ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته ترقي ۽ خوشحال مستقبل لاءِ آبادي ۾ تيزي سان اضافي جي مسئلي تي ڌيان ڏنو وڃي، حڪومت ۽ معاشري کي تيزي سان وڌندڙ آبادي جي معاملي تي ڌياڻ ڏيڻو پوندو.
آبادي جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آبادي ۾ تيزي سان سان اضافو اهڙو چئلينج آهي جنهن جو فوري ۽ هاڪاري حل ضروري آهي، پ پ جي هر دور ۾ وڌندڙ آبادي جي مسئلي جي حل بابت نمايان اڳڀرائي ٿي.
سندس چوڻ هو ته پيپلزپارٽي جي عوامي حڪومتن آبادي ۾ اضافي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قدم کنيا، پ پ جي حڪومتن آگاهي مهم، صحت جي سار سنڀال ۽ خانداني منصوبابندي جهڙا قدم کنيا.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جنرل ضياءَ الحق جي آمريت دوران ملڪ ۾ تيزي سان وڌندڙ آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪاز کي نقصان پهتو، ضياءَ الحق اقتدار خاطر مذهبي جنونيت کي هٿي وٺرائي ۽ اعتدال پسند سوچ کي دٻايو.
آءِ ايم ايف نئين قرض پروگرام لاءِ پاڪستان کان ڊو مور جو مطالبو ڪري ڇڏيو
آءِ ايم ايف نئين قرض پروگرام لاءِ پاڪستان کان ڊو مور جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
آءِ ايم ايف جي ماهرن، پاڪستاني اختيارين سان مشڪل ترين ورچوئل ڳالهيون ڪيون.
آءِ ايم ايف چئني صوبن جي نمائندن سان ورچوئل ڳالهيون ڪيون.
آءِ ايم ايف جي ماهرن هر صوبائي حڪومت سان ڌار ڳالهيون ڪيون، ورچوئل ڳالهين ۾ ناڻي واري وزارت جا وفاقي ۽ صوبائي آفيسر شامل هئا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف پاڪستان کان زراعت تي انڪم ٽيڪس اوڳاري بهتر بڻائڻ جو مطالبو ڪيو، چئني صوبن زرعي انڪم ٽيڪس تي آءِ ايم ايف جو مطالبو مڃي ورتو ۽ زرعي آمدني تي ٽيڪس اوڳاڙي جو پلان تيار ڪرڻ لاءِ ٻن ڏينهن جو وقت طلب ڪئي.
ذريعن موجب، چارئي صوبائي حڪومتون 12 جولاءِ تائين پلان جمع ڪرائينديون، زرعي آمدني تي انڪم ٽيڪس جي شرح هر سال 6 لک رپين کان وڌيڪ آمدني تي لاڳو ٿيندي، زرعي آمدن تي انڪم ٽيڪس جو ريٽ به نارمل انڪم ٽيڪس جي حساب سان هوندو، زرعي آمدن تي وفاق ۽ صوبا هڪ پيج تي اچي ويندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته زرعي آمدن تي صوبن، آءِ ايم ايف کي ڀرپور سهڪار جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب، خيبرپختونخوا حڪومت به آءِ ايم ايف سان هاڪاري ڳالهيون ڪيون، آءِ ايم ايف ڪي پي جي هڪ سئو ارب رپيا سرپلس بجيٽ کي ساراهيو.
وزيراعظم ايف بي آر ۽ ٻين ادارن ۾ هلندڙ سڌارن جي منصوبن بابت ٿرڊ پارٽي آڊٽ هر سطح تي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
وزيراعظم شهباز شريف ايف بي آر ۽ ٻين ادارن ۾ هلندڙ سڌارن جي منصوبن بابت ٿرڊ پارٽي آڊٽ هر سطح تي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ پاڪستان ڪسٽمز ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو جي معاملن بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو.
وزيراعظم شهباز شريف ڪسٽم آپريشنز ۾ سمورين غير ضروري رنڊڪن کي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ڪسٽم جو شعبو ملڪي معيشيت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو.
سندس چوڻ هو ته ايف بي آر ۾ سڌارا ۽ مڪمل ڊجيٽلائيزيشن معاشي بقا جو مسئلو آهي.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته ادارن ۾ سڌارن جي منصوبن جي ٽئين پارٽي کان آڊٽ کي هر سطح تي يقيني بڻايو وڃي.
سندس چوڻ هو ته ايف بي آر روينيو ۾ واڌ کي يقيني بڻائڻ لاءِ انفورسمينٽ سسٽم کي بهتر بڻائي.
شهباز شريف جو چوڻ هو ته سمورن بندرگاهن تي ڪسٽم آپريشن کي شفاف ۽ ڪرپشن کان پاڪ بڻايو وڃي.
وزيراعظم چيو ته ڪسٽم آپريشن ۾ سڀ غير ضروري رنڊڪون ختم ڪيون وڃن.















