سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينا جو اجلاس
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ود هولڊنگ ٽيڪس خلاف فلور مالڪن جي هڙتال جاري آهي، مختلف شهرن کي اٽي جي فراهمي بند ڪري ڇڏي
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ود هولڊنگ ٽيڪس خلاف فلور مالڪن جي هڙتال جاري آهي، مختلف شهرن کي اٽي جي فراهمي بند ڪري ڇڏي آهي.
حيدرآباد ۾ فلور مل مالڪن ۽ چڪي مالڪن شٽربند هڙتال ڪري اٽي جي فراهمي بند ڪري ڇڏي آهي.
ڪوٽڙي ۾ فلور ملز ايسوسيئيشن پاران ود هولڊنگ ٽيڪس لڳائڻ خلاف شٽر ڊائون هڙتال ڪري اٽي جي فراهمي بند ڪري ڇڏي.
اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ود هولڊنگ ٽيڪس سان اٽو مهانگو ٿي ويندو.
سندن چوڻ هو ته اهڙي ظالماڻي ٽيڪس کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو.
هنن مطالبو ڪيو ته حڪومت اضافي ٽيڪس لڳائڻ بدران اٽي تي سبسڊي ڏئي عوام کي رليف فراهم ڪري.
وفاقي سرڪار آپريشن عزم استحڪام تي مرحليوار عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪندي سمورن ڀائيوارن سان صلاح مشوري کانپوءِ حڪمت عملي تيار ڪري ڇڏي
وفاقي سرڪار آپريشن عزم استحڪام تي مرحليوار عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪندي سمورن ڀائيوارن سان صلاح مشوري کانپوءِ حڪمت عملي تيار ڪري ڇڏي.
ذريعن موجب، وفاقي سرڪار دهشتگردي ۽ انتها پسندي جي خاتمي لاءِ نيشنل ڊائيلاگ ڪندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ڪابينا ميمبرن کي آپريشن جي سببن ۽ دائري بابت اعتماد ۾ ورتو.
ذريعن موجب، وفاقي ڪابينا قومي ڊائيلاگ ۽ نئين حڪمت عملي جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آپريشن عزم استحڪام دوران 30 سيڪڙو ڪارروايون، 70 سيڪڙو ڳالهيون ۽ ٻيا قدم کنيا ويندا.
ذريعن موجب، ڏهين محرم کانپوءِ قومي ڊائيلاگ لاءِ آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف، سمورن سياسي اڳواڻن سان رابطا به ڪندو، اتحادين کي به اعتماد ۾ وٺي اڳتي وڌندا.
محرم الحرام دوران امن امان برقرار رکڻ لاءِ سمورن صوبن جي ضرورتن کي پورو ڪري رهيا آهن : محسن نقوي
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته هو محرم الحرام دوران امن امان برقرار رکڻ لاءِ سمورن صوبن جي ضرورتن کي پورو ڪري رهيا آهن.
ڪراچي ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي برهاني محل ۽ شاهه شهيدن امام بارگاهه جو دورو ڪيو ۽ برهاني محل ۾ دائودي بوهرا برادري جي سربراهه سيدنا مفضل سيف الدين سان ملاقات ڪئي.
سيدنا مفضل سيف الدين جو پٽ شهزاده حسين برهان الدين به موجود هو.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، سيدنا مفضل سيف الدين لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان آمد تي اوهان کي دل جي گهراين سان ڀليڪار ڪن ٿا.
محسن نقوي چيو ته اوهان جي آمد سندن لاءِ فخر جو باعث آهي، اوهان سان عقيدت ۽ احترام جو رشتو هميشه قائم رهندو، دائودي بوهري برادري امن پسند ۽ پيار ڪندڙ برادري آهي.
سيدنا مفضل سيف الدين دائودي بوهري برادري جا مسئلا فوري طور حل ڪرڻ تي گهرو وزير محسن نقوي جا ٿورا مڃيا ۽ چادر ۽ تبرڪات جا تحفا ڏنا.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سولجر بازار ۾ شاهه شهيدان امام بارگاهه ۾ انتظامن جو جائزو ورتو ۽ سيڪيورٽي انتظامن جو معائنو ڪيو.
شاهه شهيدان امام بارگاهه جي دوري جي موقعي تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي مولانا آيت الله عقيل الغربي ۽ سنڌ جي اڳوڻي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر سان ملاقات ٿي.
ملاقات دوران مولانا آيت الله عقيل الغربي ۽ مقبول باقر امن امان جي بهترين انتظامن تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جا ٿورا مڃيا.
ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير چيو ته شاهه شهيدان امام بارگاهه تي سڪيورٽي ۽ ٻيا انتظام بهتر آهن، وفاق محرم الحرام دوران امن امان کي برقرار رکڻ لاءِ سمورن صوبن سان رابطي ۾ آهي.
محسن نقوي چيو ته هو محرم الحرام دوران امن امان برقرار رکڻ لاءِ سمورن صوبن جي ضرورتن کي پورو ڪري رهيا آهن.
جسٽس عاليه نيلم چيف جسٽس لاهور هائيڪورٽ جي عهدي جو قسم کڻي ورتو
جسٽس عاليه نيلم چيف جسٽس لاهور هائيڪورٽ جي عهدي جو قسم کڻي ورتو آهي.
لاهور هائيڪورٽ جي پهرين عورت چيف جسٽس جي قسم کڻڻ واري تقريب گورنر هائوس لاهور ۾ ٿي.
تقريب ۾ پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر، جسٽس عاليه نيلم کي چيف جسٽس لاهور هائيڪورٽ جي عهدي جو قسم کڻايو.
قسم کڻڻ واري تقريب ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز، وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ، آءِ جي پنجاب، لاهور هائيڪورٽ جي جسٽس علي باقر نجفي، جسٽس عابد عزيز شيخ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
تقريب بعد چيف جسٽس عاليه نيلم سان پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ملاقات ڪئي، جنهن دوران مريم نواز، عهدو سنڀالڻ تي عاليه نيلم کي مبارڪ ڏني.
صدر آصف علي زرداري طرفان منظوري ڏيڻ بعد قانون واري وزارت، جسٽس عاليه نيلم جي چيف جسٽس لاهور هائيڪورٽ جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو.
لاڙڪاڻو: ڳوٺ نائچ ۾ معمولي ڳالهه تان جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 4 ڄڻا قتل
لاڙڪاڻي ويجهو ٻارن جي معمولي ڳالهه تان جتوئي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙي دوران 4 ڄڻا قتل ٿي ويا.
ڳوٺ نائچ ۾ ٻارن جي معمولي ڳالهه تان جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو.
جهيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب 46 ورهين جو شمن جتوئي، سندس پٽ شوڪت، علي حسن ۽ علي اڪبر جتوئي مارجي ويا.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.
مقتولن جي وارث عورت جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن ٻارن جي معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿيو هو، جنهن تان اڄ جوابدارن نذير زنگيجو، شبير زنگيجو، شهمير، مجاهد، سجاد ۽ ٻين گوليون هڻي شمن، سندس پٽ شوڪت ۽ ٻن ڀائرن علي حسن ۽ علي اڪبر کي قتل ڪيو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو ٻارن جي معمولي ڳالهه تان پيش آيو آهي.
مارجي ويلن جا لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ڪهرام مچي ويو.
شڪارپور پوليس ٻه هفتا اڳ اغو ٿي ڳوٺ ٻورڙي واسي ٻن مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي دعوىٰ
شڪارپور پوليس ٻه هفتا اڳ اغو ٿي ڳوٺ ٻورڙي واسي ٻن مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي دعوى ڪئي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته عبدالغفار شاھ ۽ صدام حسين دايو کي رستم جي ڪچي واري علائقي مان مقابلي بعد بازياب ڪرايو آهي.
پوليس موجب، ٽارگيٽڊ آپريشن دؤران ڏوھارين سان فائرنگ جي ڏي وٺ بعد ڏوھاري ٻنھي مغوين کي ڇڏي فرار ٿي ويا.
پوليس موجب، بازياب ٿيلن کي وارثن حوالي ڪيو ويندو جڏهن ته علائقي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن هلندڙ آهي.
واضع رهي ته ٻئي ڄڻا ٻه ھفتا اڳ جھان خان کان پنھنجي ڳوٺ رستم ويندي رستي مان اغوا ٿي ويا ھئا.
سڪيورٽي فورسز جو پشاور جي علائقي حسن خيل ۾ آپريشن، هاءِ پروفائل دهشتگرد ڪمانڊر سميت 3 دهشتگرد مارجي ويا، 4 جوان شهيد
سڪيورٽي فورسز پشاور جي علائقي حسن خيل ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران هاءِ پروفائل دهشتگرد ڪمانڊر سميت 3 دهشتگرد مارجي ويا، چار جوان شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر طرفان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته سڪيورٽي فورسز پوليس سان گڏجي ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي پشاور جي علائقي حسن خيل ۾ آپريشن ڪيو.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هاءِ پروفائل دهشتگرد ڪمانڊر عبدالرحيم سميت 3 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب فائرنگ کي سخت ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا چار جوان به شهيد ٿي ويا.
شهادت ماڻيندڙن ۾ صوابي سان تعلق رکندڙ 34 ورهين جو سپاهي محمد ادريس، 34 ورهين جو ڪوٽاٽ واسي سپاهي بدام گل، 38 ورهين جو سب انسپيڪٽر تاج مير شاهه ۽ سي ٽي ڊي ڪي پي جو اسٽنٽ سب انسپيڪٽر محمد اڪرم شامل آهن.
آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز ملڪ ۾امن ۽ استحڪام يقيني بڻائڻ لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، بهادر جوانن جون قربانيون سندن عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.
وفاقي ڪابينا هائوسنگ اينڊ ورڪس جي سفارش تي پاڪستان پبلڪ ورڪس کاتو ختم ڪرڻ جي حڪمت عملي جي منظوري ڏئي ڇڏي
وفاقي ڪابينا هائوسنگ اينڊ ورڪس جي سفارش تي پاڪستان پبلڪ ورڪس کاتو ختم ڪرڻ جي حڪمت عملي جي منظوري ڏئي ڇڏي.
وزيراعظم شهبازشريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ طئه ٿيل ايجنڊا تي غور ڪيو ويو.
جاري ڪيل پڌرنامي موجب ڪابينا هائوسنگ اينڊ ورڪس جي سفارش تي پاڪستان پبلڪ ورڪس کاتو ختم ڪرڻ جي حڪمت عملي جي منظوري ڏني.
منظور ٿيل حڪمت عملي موجب وفاقي ترقياتي منصوبن جي نگرانيءَ لاءِ پاڪستان انفرااسٽرڪچر ڊولپمنيٽ ڪمپني ٺاهي ويندي، جڏهن ته وفاقي حڪومت جي نگرانيءَ هيٺ صوبائي نوعيت جي سمورن ترقياتي منصوبن کي لاڳاپيل صوبائي ادارن حوالي ڪيو ويندو.
وفاقي ڪابينا ملڪ ۾ قانون طور رهندڙ هڪ ڏهائي 45 ملين مهاجرن جي پروف آف رجسٽريشن ڪارڊن جو مدو 30 جون 2025 تائين واڌ جي منظوري ڏني.
ڪابينا صحت واري وزارت جي سفارش تي جوائنٽ سيڪريٽري محمد اقبال کي نيشنل ڪائونسل فار هوميوپيٿي جو منظم مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني.
وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽيءَ جي 27 جون 2024ع تي ٿيل اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي به منظوري ڏني.
ڪابينا سرڪاري ملڪيتي ادارن بابت ڪابينا ڪميٽي جي 4 جولاءِ 2024ع تي ٿيل اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي به منظوري ڏني.
قومي اسيمبليءَ جي اجلاس دوران وزيراعظم شهبازشريف ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ
قومي اسيمبليءَ جي اجلاس دوران وزيراعظم شهبازشريف ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي.
اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهبازشريف چيو ته هنن ڪڻڪ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت نه ٿي، ان بابت ڪو فيصلو ناهي ٿيو.
هن چيو ته پي ٽي آءِ دور ۾ ڪڻڪ امپورٽ ۽ پوءِ ايڪسپورٽ ٿي، اربين رپيا کاڌا ويا ڪنهن کي خبر ناهي؟
شهبازشريف چيو ته اسد قيصر احترام جوڳو آهي، پر جڏهن هو اسپيڪر هو ته مخالف ڌر جي اڳواڻ کي ڳالهائڻ جي اجازت نه هوندي هئي، اهو رڪارڊ تي موجود آهي.
وزيراعظم جي اسد قيصر بابت رمارڪس تي مخالف ڌر احتجاج ڪندي نعري بازي ڪئي وئي.
اسد قيصر خطاب ڪندي چيو ته وزيراعظم سندس بابت ڳالهايو، درخواست آهي ته پراڻو رڪارڊ ڪڍرايو، ميان صاحب مخالف ڌر جي اڳواڻ طور ڪيترائي ڪلاڪ تقرير ڪندو هو.
هن چيو ته تاريخ ۾ ڪڏهن به ائين ناهي ٿيو ته اجلاس ۾ ناڻي واري وزير جي تقرير کان اڳ مخالف ڌر ڳالهايو هجي، شهبازشريف مخالف ڌر جي اڳواڻ طور 84 ڪلاڪ تقرير ڪئي.
اسد قيصر چيو ته سندن دور ۾ تقريرون لائيو هلنديون هيون، هاڻي سينسرشپ آهي، هاڻي مخالف ڌر جي اڳواڻ جي گهر تي ڇاپا هنيا ويندا آهن.















