وفاقي ڪابينا هائوسنگ اينڊ ورڪس جي سفارش تي پاڪستان پبلڪ ورڪس کاتو ختم ڪرڻ جي حڪمت عملي جي منظوري ڏئي ڇڏي
سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون ملنديون يا نه، سپريم ڪورٽ طرفان محفوظ ٿيل فيصلو اڄ ٻڌائڻ جو امڪان
سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون ملنديون يا نه، سپريم ڪورٽ طرفان محفوظ ٿيل فيصلو اڄ ٻڌائڻ جو امڪان آهي.
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت هيٺ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت فل ڪورٽ جو صلاح مشوري وارو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ تيرهن ججن شرڪت ڪئي.
ڏيڍ ڪلاڪ هلندڙ اجلاس ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽون ڏيڻ واري فيصلي بابت صلاح مشورا ڪيا ويا ۽ ججن پنهنجي پنهنجي راءِ ڏني.
ججن ۾ صلاح مشورا مڪمل ٿيڻ بعد ڪيس جو محفوظ ٿيل فيصلو اڄ ٻڌائڻ جو امڪان آهي.
شرجيل ميمڻ جي صدارت هيٺ ايڪسائز ۽ ٽيڪسيشن جو اعليٰ سطحي اجلاس
سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پريميئم نمبر پليٽون رڳو رجسٽرڊ گاڏين تي ئي لڳائي سگهبيون، منشيات جي وڪري ۾ ملوث سرڪاري ملازمن خلاف ڪارروائي لاءِ چيف سيڪريٽري سان رابطو ڪيو ويندو.
شرجيل ميمڻ جي صدارت هيٺ ايڪسائز ۽ ٽيڪسيشن جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پريميئم نمبر پيلٽن جي ٻي نيلامي شروع ڪرڻ ۽ نمبر جاري ڪرڻ لاءِ ڌار آفيس قائم ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
اجلاس ۾ گاڏي مالڪن جي نالن جي شروعاتي لفظن سان به پريميئم نمبر پليٽون جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
سينيئر صوبائي وزير پهرين نيلامي ۾ جاري ڪيل پريميئم نمبر پليٽن جون سموريون قانون گهرجون پوريون ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
سندس چوڻ هو ته پريميئم نمبر پليٽون رڳو رجسٽرڊ گاڏين تي ئي لڳائي سگهبيون.
اجلاس ۾ سينيئر صوبائي وزير نارڪوٽيڪس ڪنٽرول ونگ جي اهلڪارن لاءِ وڌيڪ يونيفارم تيار ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.
شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته منشيات خلاف ڪاررواين کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن، نئين نسل کي منشيات وڪرو ڪندڙن جي رحم ڪرم تي نه ٿو ڇڏي سگهجي.
سينيئر صوبائي وزير چيو ته منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪيسن جي مضبوط پيرو کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن اهي پنهنجي انجام تائين پهچي سگهن……….
سنڌ هاءِ ڪورٽ نوابشاهه واسي نوجوان سلمان ڪيريتو کي مقابلو ڄاڻائي زخمي ڪرڻ جو ڪيس نوابشاهه پوليس اهلڪارن خلاف داخل
سنڌ هاءِ ڪورٽ نوابشاهه واسي نوجوان سلمان ڪيريتو کي مقابلو ڄاڻائي زخمي ڪرڻ جو ڪيس نوابشاهه پوليس اهلڪارن خلاف داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ نوابشاهه جي عدالت کي بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او طفيل ڀٽو، ايس ايڇ او راڻا جمشيد، منشي نظير لاشاري ۽ نواب گوپانگ تي ايف آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
واضح رهي ته مبينا پوليس مقابلي ۾ زخمي ڪيل نوجوان سلمان ڪيريو جي ڀاءُ عامر ڪيريو پوليس خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي.
پوليس 22 آڪٽوبر تي مقابلو ڄاڻائي نوجوان سلمان ڪيريو کي زخمي ڪيو هو……….
معاشي ترقي لاءِ ڪجهه نه ڪرڻ ناانصافي هوندي، معاشي هدفن جي بهتري لاءِ خود احتسابي جي ضرورت آهي؛ وزيراعظم شهباز شريف
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته معاشي ترقي لاءِ ڪجهه نه ڪرڻ ناانصافي هوندي، معاشي هدفن جي بهتري لاءِ خود احتسابي جي ضرورت آهي، ڪنهن به وزارت جي ٿوري به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، آءِ ايم ايف کان ڇوٽڪاري جو هدف رڳو ڳالهين سان پورو نه ٿيندو، پي اين ايس سي ۾ 12 جهاز آهن ۽ 5 ارب رپيا پگهار ڪيترو ظلم آهي، ڪراچي پورٽ تي 12 سئو ارب رپين جي چوري ٿي رهي آهي، چوري نه ٿئي ته اهي پيسا داسو ۽ ڀاشا ڊيم تي خرچ ٿي سگهن ٿا.
وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته محرم الحرام جي مناسبت سان سڪيورٽي جا سخت انتظام هئڻ گهرجن، محرم الحرام دوران صوبن کي جيڪا مدد گهربل هوندي فراهم ڪندا.
سندس چوڻ هو ته سندس تاجڪستان ۽ قازقستان جو دورو ڪامياب رهيو، روس جي صدر پيوٽن سان ملاقات فائديمند رهي، روسي صدر سان واپار سميت ٻين شعبن بابت ڳالهيون ٿيون.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته چين دوري دوران ڪاروباري ۽ ٻين معاملن بابت ڳالهيون ٿيون، مسئلا حل ڪري پاڪستان کي اڳتي کڻي وڃڻو آهي.
هن چيو ته بلوچستان ۾ 28 هزار ٽيوب ويلن کي شمسي توانائي تي منتقلي اهم قدم آهي، بلوچستان جي وڏي وزير ۽ وفاق سان لاڳاپيل آفيسرن منصوبي لاءِ محنت سان ڪم ڪيو، ٽيوب ويلن لاءِ وفاق طرفان ڏنل 80 ارب رپيا ضايع ٿي رهيا هئا.
وزيراعظم چيو ته بجلي پهچائڻ واري لائنن کي بهتر بڻائڻ ۽ بجلي جي چوري تي ضابطو آڻڻو آهي، بلوچستان جي وڏي وزير جو مسئلن جي حل لاءِ سنجيدگي جو مظاهرو ساراهه جوڳو آهي.
شهباز شريف چيو ته معاشي ترقي لاءِ ڪجهه نه ڪرڻ ناانصافي هوندي، معاشي هدفن جي بهتري لاءِ خود احتسابي جي ضرورت آهي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪنهن به وزارت جي ٿوري به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، آءِ ايم ايف کان ڇوٽڪاري جو هدف رڳو ڳالهين سان پورو نه ٿيندو، پي اين ايس سي ۾ 12 جهاز آهن ۽ 5 ارب رپيا پگهار ڪيترو ظلم آهي، ڪراچي پورٽ تي 12 سئو ارب رپين جي چوري ٿي رهي آهي، چوري نه ٿئي ته اهي پيسا داسو ۽ ڀاشا ڊيم تي خرچ ٿي سگهن ٿا………
حڪومت طرفان حساس اداري کي فون ٽيپ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو اختيار چئلينج
حڪومت طرفان حساس اداري کي فون ٽيپ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو اختيار چئلينج،
شهري فهد بشير، ايڊووڪيٽ نديم سرور ذريعي لاهور هائيڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي،
درخواست ۾ وزيراعظم، وفاقي حڪومت ۽ پي ٽي اي سميت ٻين کي ڌر بڻايو ويو، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پي ٽي اي جي جنهن سيڪشن تحت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، ان جا اڃا تائين رولز ناهن ٺهيا.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ريپ ڪيس ۾ ايس او پي تي عمل نه ڪرڻ تي آءِ جي سنڌ کان وضاحت طلب ڪري ورتي
سنڌ هاءِ ڪورٽ ريپ ڪيس ۾ ايس او پي تي عمل نه ڪرڻ تي آءِ جي سنڌ کان وضاحت طلب ڪري ورتي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جنسي ڏاڍائي واري ڪيس ۾ گرفتار جوابدار جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
آءِ جي سنڌ پاران قائم ڪيل اسپيشل يونٽ تي عملدرآمد نه ٿيڻ جو عدالت ۾ انڪشاف ٿيو.
عدالت زيادتي ڪيس ۾ ايس او پي تي عمل نه ڪرڻ تي آءِ جي کان وضاحت گهري ورتي.
عدالت چيو ته جيڪڏهن ايندڙ ٻڌڻي تائين رپورٽ پيش نه ڪئي وئي ته آءِ جي سنڌ کي ذاتي حيثيت ۾ عدالت ۾ پيش ٿي وضاحت ڏيڻي پوندي.
عدالت چيو ته آءِ جي ريپ جي ڪيسن جي جاچ لاءِ ايس ايس او آءِ يو سيل جوڙيو هو،جنهن ۾ هڪ ڊي ايس پي، هڪ سب انسپيڪٽر ۽ هڪ ليڊي سب انسپيڪٽر شامل هئا، پر سپر مارڪيٽ ٿاڻي تي داخل ڪيل زيادتي ڪيس جي رڳو هڪ ليڊي انسپيڪٽر جاچ ڪري رهي آهي، باقي ٻه ميمبر موجود نه آهن.
عدالت لاڳاپيل ايس ايس پي جاچ، ڊي ايس پي ۽ سب انسپيڪٽر خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو……….
برسات ۽ خراب موسم سبب ڪراچي کان ملڪ جي ٻين شهرن ڏانهن ويندڙ ريل گاڏيون دير جو شڪار ٿي ويون
برسات ۽ خراب موسم سبب ڪراچي کان ملڪ جي ٻين شهرن ڏانهن ويندڙ ريل گاڏيون دير جو شڪار ٿي ويون.
ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته قراقرم ايڪسپريس 45 منٽن جي دير سان ٽي وڳي بدران ساڍي 3 وڳي منزل طرف رواني ٿيندي.
پاڪ بزنس ايڪسپريس 45 منٽن جي دير سان 4 وڳي بدران پوڻي 5 وڳي رواني ٿيندي.
تيز گام 20 منٽن جي دير سان 5 لڳي 50 منٽن تي رواني ٿيندي.
ريلوي ترجمان جو چوڻ آهي ته ٻيون سڀ ريل گاڏيون شيڊول تحت پنهنجي وقت تي روانيون ٿينديون.
ڦلجي اسٽيشن ويجهو جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي نياڻي کي قتل ڪري ڇڏيو
ڦلجي اسٽيشن ويجهو جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي نياڻي کي قتل ڪري ڇڏيو.
ڳوٺ قاسم چانڊيو ۾ جوابدر پنهنجي نياڻي فخر النساءَ چانڊيو کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪري ڇڏيو.
مقتول جي چاچي علي حيدر چانڊيو ٿاڻي تي پهچي واقعي جو اطلاع ڏنو.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نينگري جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو ڪارنهن تان پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
ناري جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ڪهرام مچي ويو.
مظفر آباد ويجهو جيپ کاهي ۾ ڪرڻ سبب ڊرائيور سميت 13 ڄڻا فوت
مظفر آباد ويجهو جيپ کاهي ۾ ڪرڻ سبب ڊرائيور، ٽن ٻارڙن ۽ چئن عورتن 13 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.
نيلم ويلي شاهراهه ديوليان ڀرسان جيپ اونهي کاهي ۾ ڪري پئي.
حادثي جي نتيجي ۾ ڊرائيور، ٽن ٻارڙن ۽ چئن عورتن 13 ڄڻا فوت ٿي ويا.
پنجگران پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي اطلاع بعد امدادي ٽيمون روانيون ڪيون جن فوتين جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال پهچايو.
پنجگران پوليس موجب، جيپ حادثي ۾ مقامي ماڻهو به زخمي ٿي پيا آهن.
ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته برسات سبب امدادي ڪمن ۾ ڏکيائيون پيش اچن پيون، مقامي ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت ماڻهن کي ڪڍي رهيا آهن.














