سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻن سالن کان گم ٿيل نينگري جي ڳولا بابت جاچ آفيسر ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو
ميرپور ماٿيلي جي عدالت ۾ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي
ميرپور ماٿيلي جي عدالت ۾ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
ڪچي ضمانت ختم ٿيڻ بعد پ پ ايم اين اي خالد لنڊ ٻن پٽن سميت دهشتگردي ٽوڙ عدالت پهچي ويو.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو جج موڪل تي هجڻ سبب پ پ ايم اين اي پٽن سميت گهوٽڪي جي سيشن ڪورٽ روانو ٿي ويو.
واضح رهي ته 5 ڏينهن اڳ پ پ ايم اين اي خالد لنڊ ۽ سندس ٻن پٽن سيشن ڪورٽ مان پنجن ڏينهن جي ڪچي ضمانت ڪرائي هئي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس،
ڪابينا پي ڊبليو ڊي کي ختم ڪرڻ جي باضابطه منظوري ڏئي ڇڏي، وفاقي ڪابينا پي ڊبليو ڊي بابت سموري پلان جي منظوري ڏني
ڀريا روڊ ويجهو پوليس موبائل ڪلٽي ٿيڻ سبب ايس ايچ او سميت10 اهلڪار زخمي
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ روڊ حادثن ۾ 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ڀريا روڊ ويجهو پوليس موبائل ڪلٽي ٿيڻ سبب ايس ايچ او سميت10 اهلڪار زخمي ٿي پيا.
واپڊا گرڊ اسٽيشن ويجهو قومي شاهراهه تي حادثي ۾ ايس ايڇ او نادر علي، اهلڪار ذوالفقار علي، مدثر، عبداللطيف، مقيم، مجاهد، نذير، ممتاز، گل بهار۽ منير سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي زخمي اهلڪارن کي کڻائي نوشهرو فيروز اسپتال منتقل ڪيو، جتي کين طبي امداد ڏني وئي.
ايس ايس پي نوشهرو فيروز صدام حسين خاصخيلي اسپتال پهچي زخمي اهلڪارن جي عيادت ڪئي.
پوليس اهلڪار ڪورائي ٿاڻي تي مقرر هئا، جيڪي ڪنڊيارو وڃي رهيا هئا، ته قومي شاهراهه تي ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب موبائل ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ زخمي ٿي پيا.
هوڏانهن جيڪب آباد ويجهو قومي شاهراهه تي مزدا جو رڪشا کي ٽڪر لڳڻ سبب ٻارن ۽ عورتن سميت پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا.
زخمين ۾ نينگر عبدالرسول بهراڻي، مسمات نظيران، جميلا بهراڻي، حبيب الله ۽ خان ڏنو شامل آهن.
اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتي کين طبي امداد ڏني وئي.
شھدادڪوٽ ويجهو ڳوٺ موسيٰ مگسي ۾ عورت کي مڙس ۽ ڏيرن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو
شھدادڪوٽ ويجهو ڳوٺ موسيٰ مگسي ۾ عورت کي مڙس ۽ ڏيرن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي.
پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته عورت شاهده کي سندس مڙس احمد مگسي ۽ ڏيرن گوليون هڻي قتل ڪيو آهي.
پوليس موجب گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيل ڳوٺ بدل بروهي واسي عورت 32 سالن جي شاهده مگسي کي شهدادڪوٽ جي اسپتال آندو ويو جتي هوءَ فوت ٿي وئي.
پوليس موجب وارثن عورت جي قتل واقعي کي لڪائڻ پئي چاهيو ۽ آپگهات قرار ڏئي لاش جو پوسٽ مارٽم نه ڪرايو ويو، نه ئي حد جي ٿاڻي تي اطلاع ڏنو ويو.
ميڊيا تي خبرون اچڻ بعد ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ معاملي جو نوٽيس ورتو.
ميروخان پوليس ڳوٺ موسيٰ مگسي پهچي عورت جي مڙس منير احمد مگسي ۽ ڏيرن هٿان قتل ٿيڻ جي تصديق ڪئي ۽ عورت جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال کڻائي آيا.
جوابدار پوليس کي ڏسي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.
اسرائيلي فوج جو خان يونس جي هڪ اسڪول تي هوائي حملو، 30 فلسطيني شهيد، 50 کان مٿي زخمي
اسرائيلي فوج جي خان يونس ۾ هڪ اسڪول تي هوائي حملي ۾ 30 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
فلسطيني صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج خان يونس جي ڏاکڻي علائقي ۾ اباسان شهر جي العوده اسڪول تي بمباري ڪئي.
فلسطيني اختيارين موجب، شهيد ٿيلن ۾ عورتن ۽ ٻارن جو وڏو انگ آهي جڏهن ته 50 کان وڌيڪ ماڻهو ٿي پيا.
فلسطيني اختيارين جو چوڻ آهي ته زخمين مان ڪيترن ئي ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جنهن سبب فوتين جي انگ ۾ اضافو ٿي سگھي ٿو.
غزه جي سرڪاري ميڊيا آفيس پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته گڏيل قومن جي انتظام هيٺ هلندڙ اسڪول ۾ بي گهر خاندانن کي پناهه ڏني وئي هئي.
ٻئي پاسي اسرائيلي حملي تي حماس خبردار ڪيو آهي ته شهرين تي حملن سان جنگ بندي جون ڳالهيون خطري ۾ پئجي سگھن ٿيون.
امريڪا طالبان کي سپورٽ نٿو ڪري : ميٿو ملر
امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿو ملر چيو آهي ته امريڪا طالبان کي سپورٽ نٿو ڪري.
هفتيوار پريس بريفنگ ۾ ميٿو ملر جو چوڻ هو ته امريڪا علائقائي سيڪورٽي کي درپيش خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان سان گڏيل مفاد رکي ٿو.
هن چيو ته پاڪستاني عوام دهشتگردن هٿان گھڻو نقصان برداشت ڪيو آهي، هو پاڪستان سان باقاعدگي سان ڪم ڪري رهيا آهن.
ميٿو ملر موجب، اڳ به واضع ڪيو آهي ۽ هاڻي به واضع ڪري ٿو ته طالبان کي فنڊ ناهن ڏيندا.
هن وڌيڪ چيو ته گڏيل قومن افغانستان ۾ عورت سان خراب ورتاءُ ۽ نام نهاد اخلاقي نگراني بابت رپورٽ جاري ڪئي آهي.
دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪندا : پينٽاگون ترجمان
پينٽاگون جي ترجمان ميجر جنرل پيٽرڪ رائيڊر چيو آهي ته دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪندا.
پينٽاگون ترجمان ميجر جنرل پيٽرڪ رائيڊر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هو پاڪستان جي اندروني فيصلن تي نه ڳالهائيندو، دهشتگردي جي معاملي تي پوري خطي کي خدشا آهن.
هن چيو ته پاڪستان ڪهڙي طرح سرحدن جي حفاظت ڪري ٿو، اهو ان جو پنهنجو فيصلو آهي، سڪيورٽي مسئلن کي حل ڪرڻ جو فيصلو به پاڪستان پاڻ ڪندو.
ميجر جنرل پيٽرڪ رائيڊر چيو ته هو پاڪستان سان گڏجي دهشتگردي خلاف ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ڪندا رهندا.
ٽي 20ورلڊ ڪپ ۾ ناقص ڪارڪردگي، وهاب رياض ۽ عبدالرزاق عهدي تان فارغ
آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ قومي ٽيم جي ناقص پرفارمنس تي سليڪٽر وهاب رياض ۽ عبدالرزاق کي عهدن تان فارغ ڪيوويو.
پي سي بي ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻئي اڳوڻا ڪرڪيٽر هاڻي ايندڙ سليڪشن معاملن ۾ شامل نه ٿيندا، محمد يوسف ۽ اسد شفيق فلحال سليڪٽر طورڪم جاري رکندا، ان کان علاوه ڪپتان ۽ هيڊڪوچ به سليڪشن ڪميٽي ۾ برقرار رهندا.
عبدالرزاق ۽ وهاب رياض جي جاءِ تي نوان سليڪٽر مقرر ڪيا ويندا هي فيصلو اڳوڻن ڪرڪيٽرن طرفان ٽيم تي سليڪشن کانپوءِ ڪيوويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي ٽيم سان سينيئر مينيجر طور ذميواريون نڀائيندڙ وهاب رياض کي ان عهدي تان به هٽائڻ جو امڪان آهي، سندس جاءِ تي سينيئر ڪرڪيٽر يا بيورو ڪريٽ کي قومي ٽيم جون نئون مينيجر بڻائي سگھجي ٿو.
واضع رهي ته وهاب رياض کي ٽيم ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي لاءِ عارضي سينيئي ٽيم مينيجر ڪيو ويو هو.
ذريعن جو چوڻ آحي ته ايندڙ ڏينهن ۾ سليڪشن ڪميٽي نئين سر جوڙڻ سان گڏ ٽيم انتظاميا ۾ به ڪجهه اهم تبديلون ٿي سگھن ٿيون.
ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٽي بهادر فوجي جوان شهيد
ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٽي بهادر فوجي جوان شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري پڌرائي موجب، وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن ۾ ٽي بهادر فوجي جوان شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب، شهيد جوانن ۾ سپاهي اسدلله، سپاهي محمد سفيان ۽ زين علي شامل آهن.
ترجمان پاڪ فوج موجب، 30 ورهين جي جي سپاهي اسد الله شهيد جو تعلق مٽياري سان هو، 28 سال جو سپاهي محمد سفيان شهيد ڊيرا اسماعيل خان ۽ 24 ورهين جو زين علي بهاولنگر جو رهواسي هو.
آءِ ايس پي آر موجب، علائقي ۾ ٻين امڪاني دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن ڪيو ويوآهي.
ڊي جي آءِ ايس پي آر جو وڌيڪ چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردن جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، بهادر جوانن جون اهڙيون قربانيون سندن عزم وڌيڪ مضبوط ڪنديون آهن.
واضع رهي ته ان کان اڳ اتر وزيرستان ۾سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڪيپٽن محمد اسامه بن ارشد شهيد ٿي ويو هو..















