تازه ترين
Home Blog Page 585

زرعي انڊسٽري ملڪ جو مستقبل آهي، پر ڪجهه دوستن کي سمجهه ۾ نه پيو اچي، هاڻي اهي زراعت تي انڪم ٽيڪس لڳائي رهيا آهن: صدر آصف علي زرداريءَ

0
صدر آصف علي زرداريءَ چيو آهي ته زرعي انڊسٽري ملڪ جو مستقبل آهي، پر ڪجهه دوستن کي سمجهه ۾ نه پيو اچي، هاڻي اهي زراعت تي انڪم ٽيڪس لڳائي رهيا آهن، ملڪ ٺاهڻ ۾ رڳو معاشي پاليسي ئي نه پر ٻيون شيون به ضروري هونديون آهن، وڏن زميندارن تي ٽيڪس لڳائڻ آءِ ايم ايف جي شرط آهي، دنيا جي مضبوط لابي مسلمانن کي ورهائڻ لاءِ هڪ راءِ ٺاهڻ چاهي ٿي، پاڻ هڙتو صحافت نه پر صحافتي آزادي سان گڏ ۽ گروپ ٺاهي ڪنهن مقصد لاءِ ٿيندڙ صحافت خلاف آهن. لاهور ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي صدر آصف علي زرداريءَ چيو ته  زرعي فارم ۽ انڊسٽري مستقبل آهي، ڪجهه دوستن کي سمجهه ۾ نه پيو اچي، هاڻي اهي زراعت تي انڪم ٽيڪس لڳائي رهيا آهن، وڏن زميندارن تي انڪم ٽيڪس لڳندي اها آءِ ايم ايف جي شرط آهي. هن چيو ته ملڪ ٺاهڻ ۾ رڳو معاشي پاليسي ئي نه پر ٻيون شيون به ضروري هونديون آهن. آصف علي زرداريءَ چيو ته هو پاڻ هڙتو صحافت نه پر صحافتي آزادي سان گڏ آهي، سوشل ميڊيا جو دور آهي، دنيا آڏو پنهنجي ڳالهه رکي سگهجي ٿي، پر ان ۾ به گروپنگ نظر اچي رهي آهي، هو گروپ ٺاهي ڪنهن مقصد لاءِ ٿيندڙ صحافت خلاف آهن. صدر چيو ته زندگيءَ ۾ هر قسم جي آزمائش ايندي آهي ۽ هر آزمائش کي منهن ڏئي رهيا آهن، محترمه فاطمه جناح جو جنم ڏينهن آهي، سندس ذڪر به ضروري آهي. آصف علي زرداريءَ چيو ته دنيا جي مضبوط لابي مسلمانن کي ورهائڻ لاءِ هڪ راءِ ٺاهڻ چاهي ٿي. هن چيو ته پاڙيسري ملڪ ۾ اليڪشن ٿي، مودي ميڊيا جو نالو اوهان ٻڌو هوندو، اهو مودي ميڊيا گروپ سندس ارب پتي دسوت ٺاهيو آهي، جيڪو پنهنجي سوچ ماڻهن تائين پهچائي فيصلا پنهنجي حق ۾ چاهي ٿو. آصف علي زرداريءَ چيو ته آمريڪا ۾ 200 سال پراڻي جمهوريت آهي پر اتي به اهڙي قسم جا ڪم ٿي آهن، ٽرمپ کي ووٽ ڏنو ويو ته اخبارن موجب ان ڳالهه جا به ثبوت مليا آهن ته ٽرمپ جي مدد ڪئي وئي. صدر چيو ته مٿس جيتري  تنقيد ٿي آهي، شايد ئي ڪنهن تي ٿي هجي، پر هو ٽي وي ناهي ڏسندو، ڇاڪاڻ ته اتي سندس گِلا  ٿيندي آهي، جنهن سان کيس ثواب ملي ٿو…

وزيراعظم شهباز شريف طرفان 200 يونٽ وارن بجلي واهپيدارن کي ٽن مهينن لاءِ رعايت ڏيڻ جو اعلان

0
وزيراعظم شهباز شريف طرفان 200 يونٽ وارن بجلي واهپيدارن کي ٽن مهينن لاءِ رعايت ڏيڻ جو اعلان،  سندس چوڻ آهي ته هنن سياست قربان ڪري رياست کي بچايو آهي، نوي ڏينهن اندر ڪرپشن ختم ڪرڻ جا اعلان ڪندڙن جي دور ۾ وڏا اسڪينڊل ظاهر ٿيا،  ڪڻڪ ۽ کنڊ ٻاهر موڪلي کيسا ڀريا ويا،  بي اعتمادي رٿ کان بچڻ لاءِ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي معيشيت کي نقصان پهچايو ويو، آءِ ايم ايف سان ٽن سالن جو پروگرام ڪو راز ناهي. اسلام آباد ۾  توانائي جي شعبي ۾ سڌارن بابت ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهبازشريف چيو ته چيو ويو ته 90 ڏينهن ۾ ڪرپشن جو خاتمو ٿي ويندو، پر وڏا وڏا ڪرپشن ڪيس سامهون آيا. هن چيو ته ڦريل دولت جو هڪ رپيو به نه آيو برطانيا جي مهربانيءَ سان 190 ملين پائونڊ پاڪستان کي واپس ڏنا ويا پر ان رقم ۾ به ڪرپشن ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته سياست قربان ڪري رياست کي بچايو، ڏکيو مرحلو گذري ويو، ملڪ بچي ويو، مٿن تنقيد ڪئي وئي ته آءِ ايم ايف سان گڏجي بجيٽ بڻائي رهيا آهن، سڀني کي خبر هئي ته هو آءِ ايم ايف کان پروگرام حاصل ڪري رهيا آهن. شهبازشريف چيو ته هڪ تنظيم جي بانيءَ چيو ته مري ويندو پر آءِ ايم وٽ نه ويندو ۽ ڪيترائي مهينا ضايع ڪري پوءِ ويو، جنهن ڪري آءِ ايم ايف کان مهانگو پروگرام ورتو ۽ پوءِ ان پروگرام کي سياست جي نظر ڪيو. هن چيو ته بجيٽ ۾ ٽيڪسون لڳايون ويون آهن، اميرن تي ڪجهه ٽيڪسون پهريون ڀيرو لڳايون ويون آهن،  زمين جو ڪاروبار ڪندڙن ۽ سيڙپڪارن تي پهريون ڀيرو ٽيڪس لڳائي وئي آهي، جتان هڪ سئو ارب رپيا آمدنيءَ جي اميد آهي. وزيراعظم چيو ته پگهاردار طبقي تي ٽيڪس لڳائي وئي آهي، جنهن تي احتجاج ڪيو ويو، ايندڙ سال ريئل اسٽيٽ سيڪٽر جي ٽيڪس ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو ويندو. شهبازشريف چيو ته بجلي جي اگهه تي نظرثاني ڪئي وئي آهي، ٻه سئو يونٽن تائين بجلي استعمال ڪندڙن کي رليف ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان اعلان سان 94 سيڪڙو واهيپدار لاڀ حاصل ڪندا ،200 يونٽ استعمال ڪندڙ عام واهپيدارن کي سيپٽمبر تائين رعايت ڏني  ويندي، آڪٽوبر ۾ موسم بهتر ٿي ويندو. وزيراعظم چيو ته ڪراچي بندرگاهه تي 12 سئو ارب رپيا ڊيوٽي ۽ ٽيڪس چوري ڪئي پئي وڃي، هڪ اداري کين هڪ هفتو اڳ اها رپورٽ ٿي آهي. شهبازشريف چيو ته 27 سئو ارب رپين جا ڪيس ورهين کان عدالتن ۾ پيا آهن………

اتر وزيرستان ۾ سيڪورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا ۽ پاڪ فوج جو ڪيپٽن شهيد

0
اتر وزيرستان ۾ سيڪورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا ۽ پاڪ فوج جو ڪيپٽن شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته اتر وزيرستان  ۾پاڪ فوج دهشتگرديءَ جي موجودگيءَ جي اطلاع تي آپريشن ڪيو، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. پاڪ فوج جي ترجمان موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته فائرنگ دوران دهشتگردن سان وڙهندي  پنهنجي دستي جي قيادت ڪندڙ 24 ورهين جي ڪيپٽن محمد اسامه بن ارشد شهادت ماڻي. ترجمان موجب شهيد ڪيپٽن جو تعلق راولپنڊي سان هو. آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن ڪيو ويو، پاڪ فوج ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، بهادر جوانن جون قربانيون سندن عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات

0
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات پوڻ سبع گرمي جو زور گهٽجي ويو ۽ مواصلاتي نظام ڊانوان ڊول ٿي ويو. نئون ڪوٽ ۾ سخت گرمي کانپوءِ برسات پوڻ بعد   موسم خوشگوار ٿي وئي. نئون ڪوٽ جي مختلف علائقن ۾ برسات کانپوءِ بجلي جو نظام ڊانوان ڊول ٿي ويو. سنڌڙي ۽ ڀرپاسي ۾ تيز هوا سان گڏ برسات پوڻ بعد گرمي گهٽجي وئي. برسات پوڻ سبب ڦٽين جي فصل کي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي. ٿاڻي بولا خان جي ڪوهستان واري علائقي ۾ برسات پوڻ بعد گرمي جو زور گهٽجي ويو. ڪوهستان ۾ تيز برسات پوڻ بعد نئيون وهي آيون، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي

منشيات جو ڪاروبار کلي عام ڪيو پيو وڃي، سمورن صوبن کي گڏجي منشيات خلاف ڪارروائي ڪرڻي پوندي: شرجيل انعام ميمڻ

0
سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته منشيات جو ڪاروبار کلي عام ڪيو پيو وڃي، سمورن صوبن کي گڏجي منشيات خلاف ڪارروائي ڪرڻي پوندي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته نارڪو ٽڪس جي نفري ۽ صلاحيت ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي، روڊ چيڪنگ سبب ٽيڪس جي شرح ۾ اضافو ٿيو آهي. سندس چوڻ هو ته  ايڪسائيز کاتي ٽارگيٽ کان وڌيڪ ٽيڪس جمع ڪئي آهي، پريميئر نمبر پليٽس لاءِ الڳ آفيس قائم ڪئي پئي وڃي. صوبائي وزير جو چوڻ هو ته منشيات جي حوالي سان معاشرو خطرناڪ صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي، مارچ کان وٺي هن مهل تائين 141 ڪارروايون ڪيون ويون، 158 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي  

اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري کي  ٻن هفتن لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ملي وئي

0
اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري کي  ٻن هفتن لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ملي وئي اسلام آباد هائيڪورٽ فواد چوڌري کي 10 کان 24 آگسٽ تائين پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق فواد چوڌري طرفان پرڏيهه وڃڻ جي اجازت وٺڻ لاءِ داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت اڳوڻي وزير جو نالو 2 هفتن جي لاءِ عارضي طور تي پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيو ته فواد چوڌري 10 کان 24 آگسٽ تائين پرڏيهه وڃي سگهي ٿو. ٻئي طرف عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي فواد چوڌري چيو ته هڪ سال کان وڌيڪ ٿي ويو آهي، اڃان تائين  ضمانتون هلي رهيون آهن. هڪ ڪيس مان نڪران ٿو ته ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو وڃي ٿو اسان جي پراسيڪيوشن برانچ مڪمل طور تباهه ٿي چڪي آهي. هن چيو ته رياستي ڍانچو ادارن تي بيٺل هوندو آهي جنهن کي تباهه ڪيو پيو وڃي،  هي هاڻ عدالتن کي تباهه ڪرڻ جي لاءِ انهن جي پويان پئجي ويا آهن، هن وقت رنجشون گهٽ ڪرڻ ۽ ڳالهيون ڪرڻ جي ضرورت آهي…….

ڳجهن ادارن کي ڪال ٽريس ۽ رڪارڊ ڪرڻ جي اجازت ملي وئي

0
ڳجهن ادارن کي ڪال ٽريس ۽ رڪارڊ ڪرڻ جي اجازت ملي وئي، وفاقي ڪابينا سرڪيوليشن سمري ذريعي ڪال ٽريس ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. ڳجهي ايجنسي جي نامزد آفيسر کي ڪال ٽريس ڪرڻ ۽ مداخلت جو اختيار هوندو، گريڊ 18 کان گهٽ جي آفيسرن کي ڪال رڪارڊ ۽ ٽريس ڪرڻ جي اجازت نه هوندي. سمري موجب فيصلو قومي سلامتي جي مفاد ۾ ڪنهن ڏوهه جي خدشي کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي. ڪابينا طرفان نامزدگي جو اختيار پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن ايڪٽ 1996ع جي سيڪشن 54 تحت ڏنو ويو آهي.

سکر بئراج جي گيٽ جو ڪم جاري آهي، واهن ۾  20 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ برقرار

0
سکر بئراج جي گيٽ جو ڪم جاري آهي، واهن ۾  20 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ برقرار آهي. 24ڪلاڪن ۾ 15 هزار ڪيوسڪ پاڻي پهچڻ باوجود سکر بئراج جي واهن ۾ پاڻي جي کوٽ برقرار آهي. 63هزار 400 ڪيوسڪ  پاڻي گهرج مان واهن کي رڳو 51 هزار 110 ڪيوسڪ پاڻي ملي رهيو آهي. سکر بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو هڪ لک 15 هزار 5 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو63 هزار 895 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. گڊو بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو هڪ لک 70 هزار 107 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو هڪ لک 29 هزار 488 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج وٽ 33 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ برقرار آهي. ڪوٽڙي بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 24 هزار 750 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1485 رڪارڊ ڪيو ويو آهي. سکر بئراج جي کيرٿر ڪئنال کي پاڻي گهر 8 هزار 475 ڪيوسڪ آهي جڏهن ته واهه ۾ رڳو 4 هزار 950 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو پيو وڃي. رائيس ڪئنال کي پاڻي گهرج 14 هزار 355 ڪيوسڪ آهي ۽ ڪئنال کي 12 هزار 200 ڪيوسڪ پاڻي ملي رهيو آهي. دادو ڪئنال کي 5 هزار 837 ڪيوسڪ بدران 2 هزار 5 سئو ڪيوسڪ پاڻي ملي رهيو آهي. خيرپور فيڊر ايسٽ کي 2 هزار 25 ڪيوسڪ مان 1960 ڪيوسڪ پاڻي ملي رهيو آهي. روهڙي ڪئنال کي 16 هزار 963 ڪيوسڪ مان 13 هزار 900 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي. خيرپور فيڊر ويسٽ کي 2 هزار 20 گهرج مان 1600 ڪيوسڪ پاڻي ملي رهيو آهي. نارا ڪئنال کي ئي رڳو گهرج موجب پاڻي ملي رهيو آهي. سکر بئراج وٽ واهن کي پاڻي نه ملڻ جو سبب گيٽ نمبر 47 جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ آهي. آبپاشي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڻي ۾ واڌ سبب گيٽ نمبر 47 تي ٻڌل عارضي بند پڻ ڪمزور ٿي رهيو آهي.

سپريم ڪورٽ   ۾  سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي ٻڌڻي  جاري

0
سپريم ڪورٽ   ۾  سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي ٻڌڻي  جاري آهي. چيف جسٽس، جسٽس  قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ فل ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهي آهي. ٻڌڻي دروان سني اتحاد ڪائونسل جي وڪيل فيصل صديقي چيو ته آرٽيڪل 218 تحت  ڏسڻو آهي ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي ذميواري شفاف طريقي سان پوري ڪئي آهي يا نه؟. هن چيو ته مان دليلن ذريعي ثابت ڪندس ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي ذميواري پوري ناهي ڪئي. ٻڌڻي دوران وڪيل فيصل صديقي دليل ڏيندي چيو ته سني اتحاد ڪائونسل چونڊن ۾ حصو نه ورتو ۽ نه ئي وري مخصوص سيٽن جي لسٽ جمع ڪرائي،  بي اي پي 2018ع جي چونڊن ۾  ڪنهن به سيٽ تي ڪاميابي حاصل  نه ڪئي پر 3 مخصوص سيٽون مليون. وڪيل فيصل صديقي چيو ته  سياسي ۽ پارلياماني پارٽيءَ ۾ فرق هوندو آهي. فيصل صديقي چيو ته اليڪشن ڪميشن جو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ اٿاريو ويو، اليڪشن ڪميشن پنهنجي ئي دستاويزن کي رد ڪري رهي آهي، ڇا اها بي ايماني ناهي؟. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته وساريو ڇڏيو ته اليڪشن ڪميشن ڇا چيو؟ ڇا اليڪشن ڪميشن جو فيصلو آئين مطابق هو؟ جنهن تي وڪيل فيصل صديقي چيو ته اليڪشن ڪميشن جو فيصلو بلوچستان عوامي پارٽي سان لاڳاپيل قانون تي ٻڌل آهي. جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته ڇا بلوچستان عوامي پارٽي جي مخصوص سيٽن بابت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي چئلينج ڪيو ويو؟. وڪيل فيصل صديقي چيو ته اليڪشن ڪميشن ٻڌائي ها ته غلطي ٿي آهي، اليڪشن ڪميشن اهڙو رويو اختيار ڪيو ڄڻ بلوچستان عوامي پارٽي بابت فيصلي جو وجود ئي  نه هجي. جسٽس عرفان سعادت پڇاڻو ڪيو ته ڇا بلوچستان عوامي پارٽي خيبرپختونخواهه جي چونڊن ۾ حصو ورتو؟ جنهن تي وڪيل چيو ته بلوچستان عوامي پارٽي خيبرپختونخواهه جي چونڊن ۾ حصو ورتو پر سيٽ نه کٽي سگهي. جسٽس عرفان سعادت چيو ته توهان جو ڪيس مختلف آهي، سني اتحاد ڪائونسل چونڊن ۾ حصو نه ورتو، هاڻي دليل ڏيو پر تفصيلي جواب بعد ۾ ڏيو. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته سياسي پارٽي ۽ پارلياماني پارٽي ۾ فرق هوندو آهي، پارليامينٽ اندر فيصلا پارلياماني پارٽي ڪندي آهي، اهڙا فيصلا سياسي پارٽي نٿي ڪري سگهي. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته پارلياماني پارٽي سياسي پارٽي جي فيصلي کي مڃڻ جي پابند ناهي، جيئن  وزيراعظم ووٽ ڏيڻ چاهي ٿو ته پارلياماني پارٽي جو پابند نه آهي. وڪيل فيصل صديقي چيو ته توهان بلڪل صحيح ٿا چئو.

بھرام ويجهو پلاٽ جي تڪرار تان سھري هٿان ناٺي بيدردي سان قتل

0
بھرام ويجهو ڳوٺ گل محمد چچا ۾ پلاٽ جي تڪرار تان سھري بندوق جا فائر ڪري ناٺي کي قتل ڪري ڇڏيو. جوابدار معشوق کوسو بندوق جا فائر ڪري 45 سالن جي ناٺي طارق کوسي کي قتل ڪري ڇڏيو. وارثن جو چوڻ آهي ته طارق کي سندس سھري زمين کي پاڻي ڏيڻ کان روڪيو هو، جنهن  تان ٻنهي وچ ۾ منهن ماري ٿي هئي، جنهن بعد جوابدار ڪاوڙ ۾ اچي گھر ڀرسان طارق کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو. ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي،  هڪ ٻئي مٿان فائرنگ سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو. پوليس پهچي ڳوٺ تي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، قتل ٿي ويل همراهه جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
Exit mobile version