تازه ترين
Home Blog Page 586

سپريم ڪورٽ طرفان اڳوڻي اسپيڪر قاسم سوري جي ملڪيتن جا تفصيل طلب

0
سپريم ڪورٽ طرفان اڳوڻي اسپيڪر قاسم سوري جي ملڪيتن جا تفصيل طلب ڪيا ويا آهن. چيف جسٽس جسٽس، قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ چار رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ڇا منع نامي کانپوءِ ڪيس هلي نه ٿو سگهي،  اڳوڻي اسپيڪر هڪ ٺهراءَ کي جواز بڻائي بي اعتمادي جي رٿ رد ڪئي. عدالت چيو ته وفاقي حڪومت ۽ ايف آءِ اي ٻڌائي قاسم سوري ڪٿي آهي؟. وڪيل نعيم بخاري چيو ته قاسم سوري سان منهنجو ڪو به رابطو ناهي. چيف جسٽس چيو ته  قاسم سوري اسٽي وٺي ماٺ ڪري ويهي رهيو، ڇا اسٽي بعد ڪيس نه هلندو؟. قاسم سوري اسٽي تي غيرقانوني قدم کنيو آهي.

ٽنڊوالهيار ۾ پ پ اڳواڻ سيد دربار علي شاهه قتل ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي وئي

0
ٽنڊوالهيار ۾ پ پ اڳواڻ سيد دربار علي شاهه قتل ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي وئي آهي. ٽنڊوالهيار جي عدالت ۾ پ پ اڳواڻ سيد دربار علي شاهه قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٽنڊوالهيار جي عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار عرضي ڇٽو ۽ عبدالشڪور ڇٽو کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي ڇڏي. ٽرائل ڪورٽ سيد دربار علي شاهه جي قتل ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت قتل ڪيس مان هڪ ڄڻي کي باعزت بري ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته 2018 ع ۾ نصرپور ۾ سيد دربار علي شاهه کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو هو، سندس قتل جو ڪيس ڀاءُ سيد سجاد شاهه جي فرياد تي نصرپور ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو.

ڪراچي جي  بينڪنگ ڪورٽ  جعلي بئنڪ اڪائونٽ ڪيس ۾ جاچ آفيسر کي ڪيس فائل پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

0
ڪراچي جي  بينڪنگ ڪورٽ  جعلي بئنڪ اڪائونٽ ڪيس ۾ جاچ آفيسر کي ڪيس فائل پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. بينڪنگ ڪورٽ ۾ جعلي بئنڪ اڪائونٽ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر بينڪنگ ڪورٽ ۾ پيش ٿي. جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس جو فائيل اڃان تائين نيب حوالي نه ڪيو ويو آهي، نيب چيئرمين کي نوٽيس جاري ڪيو وڃي. جوابدار جي وڪيل چيو ته نيب چيئرمين کي نوٽيس جي ضرورت ناهي، ڪيس جو فائيل حاصل ڪرڻ جاچ آفيسر جي ذميواري آهي. عدالت جوابدار انور مجيد جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪري ورتي. وڪيل عدلت کي ٻڌايو ته آصف علي زرداري کي صدر هجڻ سبب ڇوٽ حاصل آهي. عدالت جاچ آفيسر کي ايندڙ ٻڌڻي تي فائيل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 15 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

حڪومت 200 يونٽن تائين بجلي اگهن ۾ واڌ واپس وٺي ڇڏي

0
وفاقي حڪومت مهيني ۾ 200 يونٽ استعمال ڪندڙ واهپيدارن لاءِ بجلي جي قيمت ۾ واڌ وارو فيصلو واپس وٺڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب مهيني ۾ 200 يونٽ پروٽيڪٽڊ ۽ نان پروٽيڪٽڊ واهپيدارن لاءِ اگهه ۾ واڌ واپس ڪئي ويندي. وزيراعظم هنگامي بنيادن تي وفاقي ڪابينا کان سرڪيوليشن سمري جي منظوري ورتي. جولاءِ کان سيپٽمبر 2024 تائين هر مهيني 200 يونٽ استعمال ڪندڙ واهپيدارن کي  رليف ڏنو ويندو. ذريعن موجب وفاقي حڪومت بجلي جي اگهه ۾ رليف ڏيڻ لاءِ 50 ارب رپين جي سبسڊي ڏيندي. وفاقي ڪابينا بجلي جي في يونٽ بنيادي اگهه ۾ 7 رپيا 12 پئسن تائين بجلي جي اگهه ۾ واڌ جي منظوري ڏني هئي. ان کان اڳ ڪابينا 200 يونٽ تائين پروٽيڪٽڊ ۽ نان پروٽيڪٽڊ واهپيدارن لاءِ بجلي جي اگهه ۾ واڌ جي منظوري ڏني هئي. ذريعن موجب هڪ کان 100 يونٽن تائين پروٽيڪٽڊ واهپيدارن لاءِ بجلي جي اگهه ۾ 3 ڏهائي 95 رپيا واڌ جي منظوري ڏني وئي هئي. ذريعن موجب 101 کان 200 يونٽن تائين پروٽيڪٽڊ واهپيدارن جي بجلي اگهه ۾ 4 ڏهائي 10 رپيا واڌ منظور ڪئي وئي هئي. ذريعن موجب هڪ کان 100 يونٽ نان پروٽيڪٽڊ واهپيدارن لاءِ بجلي اگهه ۾ 7 ڏهائي 11 رپيا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏني وئي هئي. ذريعن موجب 101 کان 200 يونٽ نان پروٽيڪٽڊ واهپيدارن جي لاءِ بجلي اگهن ۾ 7 ڏهائي 12 رپيا واڌ منظور ڪئي وئي هئي. بجلي جي بنيادي قيمتن ۾ واڌ جي تجويز پهرين جولاءِ 2024ع کان لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي هئي. مهيني ۾ 50 يونٽن تائين لائف لائن واهپيدارن لاءِ في يونٽ اگهه ۾ 3 ڏهائي 95 رپيا برقرار رهندو. مهيني ۾ 51 کان 100 يونٽن تائين لائف لائن واهپيدارن لاءِ في يونٽ اگهه 7 ڏهائي 74 رپيا برقرار رهندو.

باڊهه: ڪلهوڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، وڌيڪ هڪ نوجوان مارجي ويو

0
باڊهه ۾ ڪلهوڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران وڌيڪ هڪ نوجوان قتل ٿي ويو آهي، مارجي ويلن جو انگ وڌي 2 ٿي ويو. ڳوٺ آدم جي ٻنڊو ۾ ڪلهوڙا برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي تڪرار تان ڇڪتاڻ جاري آهي، فائرنگ سبب ڳوٺ چڪرا واسي ٻيو نوجوان مظهر چاڪي به مارجي ويو. ٻنهي ڌرين ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙيل آهي. گذريل رات ساڳي ڌر جو نوجوان برڪت ڪلهوڙو به فائرنگ ۾ مارجي ويو هو….

وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو

0
وزيراعطم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي معاشي ۽ امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺڻ سميت مختلف ايجنڊا غور هيٺ اينديون. وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ اهم قومي معاملن تي غور ڪيو ويندو. ذريعن موجب، وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وزارتن جي سمري منظوري لاءِ پيش ڪئي ويندي وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ مختلف ڪميٽين جي فيصلن جي توثيق ڪئي ويندي، ان کان علاوه وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۽ ملاقاتن بابت ڪابينا کي اعتماد ۾ وٺندو. ذريعن موجب اجلاس ۾ ڪنگ حماد يونيورسٽي آف نرسنگ اينڊ ايسوسيئيٽڊ ميڊيڪل سائنسز بل جي منظوري ڏني ويندي.

اسرائيلي فورسز غزه تي حملا تيز ڪري ڇڏيا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 40 فلسطيني اسرائيلي دهشتگرد جو نشانو بڻجي ويا

0
اسرائيلي فورسز غزه تي حملا تيز ڪري ڇڏيا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 40 فلسطيني اسرائيلي دهشتگرد جو نشانو بڻجي ويا. عرب ميڊيا موجب، يهودي فوج جي لڏپلاڻ ڪندڙن تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 3 فلسطيني شهيد ٿي ويا جڌهن ته جباليه ۾ گهر تي حملي ۾ 10 فلسطينين شهادت جو جام پيتو. عرب ميڊيا موجب وچ غزه جي اسپتال ۾ بک ۽ اڃ وگهي ڇهن ورهين جي ٻار دم ڏئي ڇڏيو. فلسطيني اختيارين جو چوڻ آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 40 فلسطيني اسرائيلي دهشتگردي جو نشانو بڻيا. ميڊيا رپورٽ موجب، 7 آڪٽوبر 2023 کان جاري اسرائيلي حملن ۾ 38 هزار 193 فلسطيني شهيد ۽ 87 هزار 903 زخمي ٿي چڪا آهن. ٻئي پاسي غزه جنگ بندي ۽ اسرائيلي قيدين جي آزادي لاءِ معاهدي جون ڪوششون جاري آهي. حماس اڳواڻ اسماعيل هانيه اسائيلي وزيراعظم تي پرامن ڳالهين ۾ رنڊڪ وجهڻ جو الزام لڳائيندي چيو آهي ته هو امن چاهين ٿا، نيتن ياهو فلسطينين خلاف جارحيت ۾ تيزي آڻي رهيو آهي.

صدر آصف علي زرداري اليڪشن ترميمي بل 2024ع جي منظوري ڏئي ڇڏي

0
صدر مملڪت آصف علي زرداري اليڪشن ترميمي بل 2024 جي منظوري ڏئي ڇڏي، صدر بل جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 75 تحت ڏني آهي. اليڪشن ترميمي بل جي ذريعي اليڪشن ايڪٽ 2017 جي سيڪشن 140 ۾ ترميم ڪئي وئي. ترميم کانپوءِ اليڪشن ٽربيونل ۾ حاضر سروس جج جي مقرري لاڳاپيل هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سان مشاورت ٿيندي. صدر مملڪت جي منظوريءَ کانپوءِ اليڪشن ترميمي بل قانون جي صورت اختيار ڪري ويو آهي. واضع رهي ته اليڪشن ترميم بل قومي اسيمبلي مان 28 جون ۽ سينيٽ مان 8 جولاءِ تي منطور ٿيو هو.

امريڪا 9 مئي جهڙن پـُرتشدد واقعن جي مخالفت ڪري ٿو : ميٿو ملر

0
امريڪا پاڪستان ۾ 9 مئي جي واقعن جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته احتجاج پـُرامن طريقي سان ڪرڻ گھرجي. واشنگٽن ۾ امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان مـَيٿيو ملر پريس بريفنگ دوران چيو ته هو پـُرتشدد ڪاررواين جي مخالفت ڪن ٿا. سندس چوڻ هو ته امريڪا 9 مئي جهڙن پرتشدد واقعن جي مخالفت ڪري ٿو، هو اظهار راءِ جي آزادي ۽ پرامن احتجاج جي حق جي حمايت ڪن ٿا. ترجمان جو چوڻ هو ته هو ڀڃ ڊاهه ۽ باهيون ڏيڻ جي واقعن جي مذمت ڪن ٿا، اهڙو عمل پرامن احتجاج جي زمري ۾ نٿو اچي، سڀئي احتجاج پرامن طريقي سان ٿيڻ گھرجن ۽ قانون تي سختي سا عملداري ٿيڻ گهرجي. امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿو ملر جو وڌيڪ چوڻ هو ته علائقائي سلامتي کي درپيش خطرن کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستاسن ۽ امريڪا جا گڏل مفاد آهن، هو پاڪستاني سويلين ادارن سان شراڪتداري جاري رکندا.

ڪراچي ۾ ڳڙهي حسن واسڻ نينگري تي فليٽ مالڪن جو تشدد، مبينا زيادتي جي ڪوشش

0
ڪراچيءَ جي علائقي ڊفينس ۾ فليٽ تي ڪم ڪندڙ  نينگريءَ فليٽ مالڪن تي زيادتي ۽ تشدد جو الزام مڙهيو آهي. ڳڙهي حسن جي ڳوٺ احمد آباد جي رهواسڻ 15 ورهين جي نينگري ثمينا کوسو سان ڪراچي ۾ فليٽ مالڪن  مبينا طور سخت تشدد ڪري جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي. متاثر نينگري جو چوڻ آهي ته هوءِ ڪراچيءَ جي علا؟قي ڪلفٽن فيز ٽو خليل پارڪ بلاڪ پندرهن ۾ چئن ورهين کان سلطانه رحمان جي فليٽ ۾ ڪم ڪندي هئي. هن چيو ته گهر مالڪ خليل احمد، جاويد ۽ اشفاق کيس زيادتيءَ جو نشانو بڻائي بيهوشيءَ واري حالت ۾ فليٽ مان هيٺ اڇلائي ڇڏيو. نينگريءَ چيو ته فليٽ ۾ رهندڙ مرد توڙي عورتن مٿس مسلسل ظلم ڪندا هئا، ساڻس ظلم ۽ زيادتي ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.
Exit mobile version