تازه ترين
Home Blog Page 587

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪي پي حڪومت کي دهشتگردن جو مددگار قرار ڏئي ڇڏيو

0
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪي پي حڪومت کي دهشتگردن جو مددگار قرار ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته ڪي پي حڪومت 15 سالن کان دهشتگردن جي مدد ڪري رهي آهي، ڪي پي جي بجيٽ دهشتگردن تي خرچ ڪئي پئي وڃي، هاڻي دهشتگردن جي مدد ڇڏي رياست جو ساٿ ڏيڻ گهرجي،  ڪي پي ۾ نفرت ۽ گارگند جي سياست ڪئي پئي وڃي،  هو غير جمهوري سياست جو ڄمي مقابلو ڪندا، غلط فيصلن سبب  ڪي پي ۽  بلوچستان ۾ دهشتگردي هڪ دفعو ٻيهر ڪر کڻي رهي آهي،  دهشتگردي جا مسئلا افغانستان جو دورو ڪرڻ يا چانهه جو ڪوپ پيئڻ سان حل نه ٿيندا، ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري ضروري آهي، سياستدانن سنجيدگي سان مسئلن جو حل نه ڪڍيو ته عوامي رد عمل ايندو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پشاور پهتو، جتي ڪي پي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سندس آجيان ڪئي. بلاول ڀٽو زرداريءَ اسيمبلي ميمبرن، پشاور پريس ڪلب جي ڪابينا ۽ مختلف شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون. گورنر هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هنن سدائين هاڪاري سياست ڪئي، گارگند واري سياست تي يقين نٿا رکن، خيبرپختونخوا ۾ گارگند، نفرت ۽ انائن جي سياست آهي، ڪي پي ۾ نفرت جي سياست جو هاڪاري سان  مقابلو ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪي پي حڪومت 15 سالن کان دهشتگردن جي مدد ڪري رهي آهي، ڪي پي جي بجيٽ دهشتگردن تي خرچ ڪئي پئي وڃي، هاڻي دهشتگردن جي مدد ڇڏي رياست جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته غلط فيصلن سبب  ڪي پي ۽  بلوچستان ۾ دهشتگردي هڪ دفعو ٻيهر ڪر کڻي رهي آهي،  دهشتگردي جا مسئلا افغانستان جو دورو ڪرڻ يا چانهه جو ڪوپ پيئڻ سان حل نه ٿيندا، ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري ضروري آهي. سندس چوڻ هو ته سياستدانن سنجيدگي سان مسئلن جو حل نه ڪڍيو ته عوامي رد عمل ايندو. پ پ چيئرمين چيو ته پيپلزپارٽيءَ کانسواءِ دهشتگرديءَ بابت ڪير پڇاڻو ڪندو آهي؟ سندن مطالبي تي جنرل رٽائرڊ باجوه ۽ فيض حميد پارليامينٽ کي بريفنگ ڏني. هن چيو ته جنهن ڏينهن پاڪستان ۽ افغانستان دهشتگردي سميت پنهنجن ٻين مسئلن جو حل ڪڍيو ان بعد افغانستان خيبرپختونخوا ۽ قبائلي علائقن ۾ معاشي ترقي جي شروعات ٿيندي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته کين معاشي ۽ سڪيورٽي لحاظ کان پنهنجو گهر ٺيڪ ڪرڻو آهي، ان لاءِ پ  پ  پنهنجو ڪردار ادا ڪندي….

پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه سنڌو درياهه جي ٻنهي پاسي 5 کان 10 لک وڻ پوکڻ جي هدايت ڪئي

0
پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه سنڌو درياهه جي ٻنهي پاسي 5 کان 10 لک وڻ پوکڻ جي هدايت ڪئي آهي. سيد خورشيد شاهه جي صدارت هيٺ سکر ۾ وڻڪاري ۽ گرين بيلٽ قائم ڪرڻ بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ خورشيد شاهه هدايت ڪئي ته آبپاشي کاتي سان رابطو ڪري سنڌوءَ جي ٻنهي پاسي وڻ لڳايا وڃن. سندس چوڻ هو ته سکر ۾ وڻڪاريءَ ٿرڊ پارٽيءَ کي به دعوت ڏني وڃي، ڊپٽي ڪمشنر سمورن زميندارن، آبادگارن جي لسٽ ٺاهن ۽ کين وڻڪاريءَ لاءِ پابند ڪن. پ پ ايم اين اي چيو ته دنيا ۾ وڻ ڪاٽڻ تي سزائون مقرر آهن، پر هت هر ڪو پنهنجي مرضيءَ سان وڻ  وڍي ڇڏي ٿو، وڻن جي واڍيءَ سان سکر ۾ ڏينهون ڏينهن جر جو پاڻي کارو ٿيندو پيو وڃي. سيد خورشيد شاهه چيو ته ڪٿي وڻ وڍڻ ضروري هجي ته ان لاءِ ڊپٽي ڪمشنر  جي اجازت سان مشروط ڪيو وڃي. هن چيو ته صحت مند ماحول لاءِ وڻڪاري   تمام ضروري آهي، جيڪڏهن تعليم  صحت سميت ٻين شعبن کي بهتر ڪرڻو آهي ته ماحول بهتر بڻائڻو پوندو. سيد خورشيد شاهه چيو ته ميونسپل ڪارپوريشن جا ملازم حاضري يقيني بڻائن، اهي ڪروڙي رپيا پگهار کڻي رهيا آهن

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ ملڪ ۾ محرم الحرام دوران امن امان قائم ڪرڻ بابت اهم اجلاس

0
وفاقي سرڪار پهرين کان ڏهه محرم تائين جلوسن ۽ مجلسن جي سڪيورٽي لاءِ ڊرون جي استعمال تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي، انٽرنيٽ يا موبائل فون جي بندش جو فيصلو سڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي صوبن جي صلاح مشوري سان ڪيو ويندو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ ملڪ ۾ محرم الحرام دوران امن امان قائم ڪرڻ بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾سمورن صوبن، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ اسلام آباد ۾ محرم الحرام جي سڪيورٽي پلان جو  تفصيلي جائز ورتو ويو. اجلاس دوران پهرين کان ڏهه محرم تائين جلوسن ۽ مجلسن جي سڪيورٽيءَ لاءِ  ڊرون جي استعمال تي پابندي جو فيصلو ڪيو ويو. انٽرنيٽ يا موبائل فون جي بندش جو فيصلو سڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي صوبن جي صلاح مشوري سان ڪيو ويندو. گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ هو ته انٽرنيٽ يا موبائل فون بند ٿيڻ سان شهرين کي ڏکيائي ٿئي ٿي، ان لاءِ زميني حقيقتن ۽ سڪيورٽي صورتحال موجب فيصلو ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته وفاق، صوبن، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ اسلام آباد ۾ امن لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندو. محسن نقوي چيو ته امن بابت صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جون ضرورتون پوريون ڪيون ويندو، برساتن کي نظر ۾ رکندي جلوسن ۽ مجلسن لاءِ اڳواٽ پلان تيار ڪيو ويندو، اچ وڃ جي رستن تي سخت چيڪنگ ڪئي وڃي، جلوسن ۽ مجلسن جي ڪئمرائن ذريعي نگراني ڪئي وڃي. اجلاس ۾ وفاقي گهرو سيڪريٽري، مذهبي معاملن بابت وفاقي سيڪريٽري ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

پ پ ليڊيز ونگ جي صدر فريال ٽالپر سنڌ اسيمبلي جي گهرو معاملن بابت اسٽيڊنگ ڪميٽيءَ جي چيئرپرسن چونڊجي وئي

0
پ پ ليڊيز ونگ جي صدر فريال ٽالپر سنڌ اسيمبلي جي گهرو معاملن بابت اسٽيڊنگ ڪميٽيءَ جي چيئرپرسن چونڊجي وئي آهي فريال ٽالپر سنڌ اسيمبلي جي گهرو معاملن بابت اسٽيڊنگ ڪميٽيءَ جي بنامقابلي چيئرپرسن چونڊي وئي. ڪميٽي جي 11 ميمبرن ۾ 2 ايم ڪيو ايم، هڪ سني اتحاد ڪائونسل ۽ هڪ جماعت اسلامي جو ميمبر شامل آهي. ڪميٽيءَ جي  ميمبرن ۾ صائمه آغا، سهيل انور سيال، شام سندر، مجيب الحق، خرم ڪريم، مليحه منظور، ايم ڪيو ايم جو عبدالوسيم،  شارق  جمال  ۽ جماعت اسلامي جو محمد فاروق به شامل آهن. ان سلسلي ۾ ڳالهائيندي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو ته فريال ٽالپر سنڌ اسمبلي جي گهرو کاتي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن چونڊجي وئي آهي. هن چيو ته فريال ٽالپر جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن بڻجڻ سان وڌيڪ بهتري ايندي. ضياءَ الحسن لنجار چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي به فريال ٽالپر کي سپورٽ ڪئي آهي…………….

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ مختلف کاتن جو اجلاس

0
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته موسمياتي تبديلين سبب پيداواري صلاحيت متاثر ٿي رهي آهي، کين مارڊن فارمنگ طرف وڌڻو پوندو، جنهن لاءِ زراعت کاتو ڪم ڪري. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ مختلف کاتن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن ڄام خان شوري، محمد بخش مهر، صلاحڪار نجمي عالم، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ڳالهائيندي وڏي وزير  چيو ته 2022ع ۾ ٿيل برساتن سبب صوبي جي زرعي معيشت کي نقصان پهچايو، 4 ڏهائي 4 ملين ايڪڙ ايراضي خراب ٿي جنهن کي بحال ڪرڻ لاءِ قدم کنيا. هن چيو ته سنڌ جو زرعي شعبو 70 سيڪڙو آبادي کي روزگار فراهم ڪري ٿو، صوبي جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن کي غربت مان ڪڍڻ لاءِ زرعي شعبي کي جديد بڻائڻو پوندو. وڏي وزير چيو ته  موسمياتي تبديلين سبب پيداواري صلاحيت متاثر ٿي رهي آهي، کين مارڊن فارمنگ طرف وڌڻو پوندو، جنهن لاءِ زراعت کاتو ڪم ڪري. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ۾ چانور جي في ايڪڙ پيداوار 30 مڻ آهي ۽ پاڙيسري ملڪ ۾ 40 مڻ آهي، هڪ ته موسمياتي تبديلين جو مسئلو آهي، ٻيو وقت سر پاڻي جي کوٽ آڏو آهي، زراعت کاتو نون فصلن جي طريقيڪار تي پنهنجو سفارشون تيار ڪري. وڏي وزير زراعت کاتي کي پنهنجي ريسرچ ونگ کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. سيد مراد علي شاهه لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري کي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته وٽرنري اسپتالن کي نون اوزارن جي ضرورت آهي ته کاتو انتظام ڪري. هوڏانهن وڏي وزير سيد مراد علي ش اهه جي صدارت تي امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ انتظام جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سردار شاهه ، سعيد غني، محمد بخش مهر، ڄام خان شوري  ۽ ٻين شرڪت ڪئي، جڏهن ته ڊويزنل ڪمشنر وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا. وڏي وزير کي ٻڌايو  ويو ته پاڪستان ۾ چوماسي جي برسات پهرين جولاءِ کان پندرهن سيپٽمبر تائين ٿيندي آهي، هن ڀيري معمول کان وڌيڪ برساتون پوڻ جو امڪان آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ معمول موجب 133 ڏهائي 9 ملي ميٽر برسات ٿيندي آهي، موسمياتي تبديلين سبب هن وڌيڪ وڌيڪ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، آگسٽ ۾ جولاءِ کان وڌيڪ برسات ٿيندي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته جي سپر ۽ ايس ايم بند جي مختلف هنڌن تي مضبوطيءَ جو ڪم جاري آهي. سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته آبپاشي کاتو پنهنجو پلان سمورن لاڳاپيل ادارن سان شيئر ڪري. وڏي وزير  ميروخان وٽ آر بي او ڊي ون ۽ ٽو جا بند مضبوط ڪرڻ جي به هدايت ڪئي

پ پ سنڌ جو صدر نثار احمد کهڙو بنا مقابلي سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جو چيئرمين چونڊجي ويو

0
پ پ سنڌ جو صدر نثار احمد کهڙو بنا مقابلي سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جو چيئرمين چونڊجي ويو. سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جو  اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ميمبرن نثار کحڙي کي پي ايَ سي جو چيئرمين چونڊيو. پي ايَ سي جي سمورن ميمبرن نثارکهڙي کي ووٽ ڏئي بنامقابلي چيئرمين چونڊيو، ستن ميمبرن تي ٻڌل پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جي ميمبرن ۾ نثار کهڙي سميت  پ پ  جو محمد قاسم سومرو، سعديا جاويد، سيد فرخ احمد شاهه، مخدوم فخرمان، خرم ڪريم سومرو ۽ سني اتحاد ڪائونسل جو محمد ريحان راجپوت شامل آهن. ان موقعي تي ڳالهائيندي نثار احمد کهڙي چيو ته پي ايَ سي جو چيئرمين نامزد ڪرڻ تي هو پارٽي قيادت جو ٿورائتو آهي، پي ايَ سي سنڌ جي سمورن کاتن ۾ فنڊن جي خرچن ۽ استعمال جي نگراني ڪندي. هن چيو ته عوام جي ٽيڪس جو پيسو عوام جي بهتري ۽ عوامي مفادن تي خرچ ڪيو وڃي، جنهن به کاتي بابت شڪايتون ملنديون ان خلاف پي اي سي ڪارروائيءَ جي سفارش ڪندي. نثار کهڙي چيو ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي سرڪاري فنڊن جو غير قانوني استعمال ڪنهن به صورت برداشت نه ڪندي.

ڊي ايس پي جي شهادت رنگ لائيندي، ڪراچي ۾ امن پوليس جي قربانين جو نتيجو آهي: ضياءَ الحسن لنجار

0
سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو آهي ته ڊي ايس پي جي شهادت رنگ لائيندي، ڪراچي ۾ امن پوليس جي قربانين جو نتيجو آهي، ڪراچي جو عوام پوليس سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، ڪچي ۾ ڌاڙيلن کي ختم ڪيو پيو وڃي، ٽن هندو نوجوانن کي بازياب ڪرايو ويو آهي، نينگري پريا ڪماري بابت جلد سٺي خبر ملندي، محرم الحرام دوران خدشا هوندا آهن. ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ضياءَ الحسن لنجار چيو ته علي رضا گهڻي وقت کان سي ٽي ڊي ۾ ڪم ڪري رهيو هو، پهرين محرم الحرام تي هي واقعو پيش آيو آهي، ان کي سيڪٽريل ڪلنگ طور ڏٺو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته علي رضا لياري جي ڏوهاري ٽولي ۽ ٽي ٽي پي خلاف ڪارروايون ڪيون، لياري جي ڏوهاري ٽولي جي پراڻي دشمني ٿي سگهي ٿي. سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو ته علي رضا جي قتل ۾ جيڪي به ڪردار آهن، انجام تائين پهچندا، ڊي ايس پي جي شهادت رنگ لائيندي، پوليس جي قربانين سبب ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر آهي. هن چيو ته محرم الحرام ۾ خدشا هوندا آهن، سنڌ ۾ امن امان جي مسئلي بابت عالمن سان گڏجاڻي ڪئي آهي، اميد آهي ته ڏهين محرم تائين امان امان جي صورتحال بهتر رهندي. سنڌ جي گهرو وزير چيو ته صدر آصف علي زرداري امن امان بابت گڏجاڻي ڪئي هئي، صدر جو چوڻ هو ته ڏوهاري هٿيار ڦٽا ڪن ۽ پاڻ کي عدالت آڏو پيش ڪن. ضياءَ الحسن لنجار چيو ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن کي ختم ڪيو پيو وڃي، ٽن هندو نوجوانن کي بازياب ڪرايو ويو آهي، نينگري پريا ڪماري بابت جلد سٺي خبر ملندي

وفاقي حڪومت، محرام الحرام دوران سڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي سڄي ملڪ ۾ فوج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

0
وفاقي حڪومت، محرام الحرام دوران سڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي سڄي ملڪ ۾ فوج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي حڪومت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، اسلام آباد، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ پاڪ فوج ۽ سول آرمڊ فورسز کي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته چئني صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلستان حڪومتن جي درخواست تي فوج ڪوئيڪ رسپانس فورس طور مقرري جي منظوري ڏني وئي آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، محرم الحرام دوران چئني صوبن، اسلام آباد، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ فوج مقرر هوندي

لاهور هائيڪورٽ پرويز الاهي، سندس پٽ ۽ ننهن جو نالو پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

0
لاهور هائيڪورٽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي، سندس پٽ ۽ ننهن جو نالو پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. لاهور هائيڪورٽ جي جسٽس شمس محمود مرزا درخواست تي فيصلو ٻڌايو. 28جون تي وفاقي حڪومت، تحريڪ انصاف جي صدر پرويز الاهي جو نالو پي سي ايل ۾ شامل ڪيو هو، جنهن کي هن عدالت ۾ چئلينج ڪيو هو. درخواست ۾ وفاقي حڪومت سميت ٻين کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو ويو ته وفاقي سرڪار، پرويز الاهي ۽ زارا الاهي جو نالو غير قانوني طور پي سي ايل ۾ شامل ڪيو آهي. درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي ته لاهور هائيڪورٽ پرويز الاهي جو نالو پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ جو حڪم ڏئي. لاهور هائيڪورٽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي، سندس پٽ ۽ ننهن جو نالو پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات، گرمي جو زور ٽٽي ويو

0
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم وڻندڙ ٿي وئي آهي. سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي مختلف علائقن سپر هاءِ وي، ايم نائن موٽر وي ۽ ٽول پلازه وٽ برسات بعد موسم خوشگوار ٿي وئي. دادو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز وسڪاري بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ بجلي بند ٿي وئي. عمرڪوٽ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوا سان گڏ برسات بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم وڻندڙ ٿي وئي. وسڪاري بعد پڇڙي جي آبادگارن ۽ ماروئڙن جي منهن تي مرڪون موٽي آيون. مٽياري ضلعي جي مختلف علائقن نيو سعيد آباد، بکر جمالي، هالا، ڀٽ شاهه، اڏيرو لال ۽ کيبر ۾ برسات بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم خوشگوار ٿي وئي. دريا خان مري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن تيز هوا سان گڏ برسات بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو. وسڪاري بعد پاڻي جي کوٽ سبب تباهه ٿيندڙ فصلن کي فائدو ٿيندو، جڏهن ته بجلي بند هئڻ سبب شهري پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن. ڍورو نارو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وسڪاري بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم وڻندڙ ٿي وئي. ڪوٽ غلام محمد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وسڪاري بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو. جمال شاهه ۽ ڀرپاسي ڳارن علائقن ۾ برسات بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم خوشگوار ٿي وئي. پڊعيدن ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ بجلي بند ٿي وئي. ڀريا روڊ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ هوا سان گڏ وسڪاري بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو. ناري تعلقي جي مختلف علائقن ۾ مٽيءَ جي طوفان بعد برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم خوشگوار ٿي وئي. بوزدار وڏا ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات سبب موسم وڻندڙ ٿي وئي. پير وسڻ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سانوڻي جي وسڪاري بعد بجلي بند ٿي وئي.
Exit mobile version