سنڌ ۾ امن امان قائم ڪري عوام کي تحفظ فراھم ڪيو ويندو : آغا سراج دراني
سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ 20 سيڪڙو برقرار، پاڻي کوٽ 15 جولاءِ تائين برقرار رهندي: پاڻي ماهر
سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ 20 سيڪڙو برقرار آهي، پاڻي مارهن جو چوڻ آهي ته پاڻي جي کوٽ 15 جولاءِ تائين برقرار رهندي.
سنڌ جي گڊو بئراج وٽ پاڻي جي کوٽ 35 سيڪڙو ۽ سکر بئراج وٽ 27 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.
سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ هئڻ باوجود پنجاب سي جي ڪئنال مان 2000 ڪيوسڪ ۽ ٽي پي لنڪ ڪئنال ذريعي 10 هزار 873 ڪيوسڪ پاڻي کڻي رهيو آهي.
سکر بئراج جي واهن کي پاڻي جي گهرج 63 هزار 400 ڪيوسڪ آهي جڏهن ته واهن کي رڳو 49 هزار 5 ڪيوسڪ پاڻي ملي پيو.
کيرٿر ڪئنال کي پاڻي جي گهرج 8 هزار 475 ڪيوسڪ آهي جڏهن ته واهه کي رڳو 4 هزار 700ڪيوسڪ پاڻي ملي رهيو آهي.
رائيس ڪئنال کي هن وقت پاڻي جي گهرج 14 هزار 355 ڪيوسڪ ۽ واهه کي رڳو 10 هزار 800 ڪيوسڪ پاڻي ملي ٿو.
دادو ڪئنال کي پاڻي جي گهرج 5 هزار 837 ڪيوسڪ آهي جڏهن ته واهه کي 2 هزار 500 ڪيوسڪ پاڻي ملي رهيو آهي.
نارا ڪئنال کي پاڻي جي گهرج 13 هزار 675 ڪيوسڪ ۽ واهه کي 13 هزار 700 ڪيوسڪ پاڻي ملي پيو.
خيرپور فيڊر ايسٽ کي 2075 ڪيوسڪ گهربل آهي جڏهن ته واهه کي 1960 ڪيوسڪ پاڻي ملي رهيو آهي.
روهڙي ڪئنال کي پاڻي جي گهرج 16 هزار 963 ڪيوسڪ ۽ واهه کي 13 هزار 900 ڪيوسڪ پاڻي ملي ٿو.
خيرپور فيڊر ويسٽ کي 2020 ڪيوسڪ جي گهرج آهي جڏهن ته واهه کي 1525 ڪيوسڪ پاڻي ملي رهيو آهي.
مٽياري مان سورهن ڏينهن اڳ اغوا ٿيل واپاري نريش ڪمار غوثپور مان بازياب
مٽياري مان سورهن ڏينهن اڳ اغوا ٿيل واپاري نريش ڪمار غوثپور مان بازياب ٿي ويو آهي.
21 جون تي مٽياريءَ مان اغوا ٿيل واپاري نريش ڪمار کي غوثپور مان بازياب ڪرايو ويو.
ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق زراق ڌاريجي جو چوڻ آهي ته مٽياريءَ مان ڪجهه شڪين کي گرفتار ڪيو ويو هو، جن جي نشاندهيءَ تي غوثپور ۾ خميس ڏينهن کان آپريشن جاري هو.
طارق زراق ڌاريجي چيو ته حيدرآباد ۽ ڄامشورو پوليس گڏيل ڪارروائي ڪري واپاري نريش ڪمار کي بازياب ڪرايو آهي، جنهن کي مٽياري آندو پيو وڃي.
مسعود پز شڪيان ايران جو نئون صدر چونڊجي ويو: ايراني اليڪشن ڪميشن
ايراني صدارتي اليڪشن مسعود پزشڪيان کٽي ويو، هن اليڪشن جي ٻئي مرحلي ۾ ڪامياب ماڻي، جڏهن ته گهرو وزارت، مسعود پز شڪيان جي ڪاميابي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ايراني اليڪشن هيڊ ڪوارٽرز جو چوڻ آهي ته 3 ڪروڙ ماڻهن اليڪشن ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيا.
غير سرڪاري نتيجن موجب صدارتي اميدوار پز شڪيان هڪ ڪروڙ 63 لک کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا جڏهن ته سعيد جليلي هڪ ڪروڙ 35 لک کان وڌيڪ ووٽ کڻي سگهيو.
صدارتي اليڪشن جي ٻئي مرحلي ۾ ٽرن آئون 49 سيڪڙو رهيو.
پهرين مرحلي ۾ ووٽنگ جو ٽرن آئون 1979ع کانپوءِ سڀ کان گهٽ هو.
28 جون تي صدارتي اليڪشن ۾ ڪوبه اميدوار گهربل 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽ حاصل نه ڪري سگهيو هو.
نئين چونڊيل ايراني صدر مسعود پزشڪيان جو چوڻ آهي ته هو سڀني جي طرف دوستي جو هٿ وڌائيندو، سڀني سان گڏجي ملڪ جي ترقي لاءِ ڪم ڪرڻ چاهي ٿو.
صدر آصف زرداري جي مسعود پز شڪيان کي ايران جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪ
صدر آصف علي زرداري، مسعود پز شڪيان کي ايران جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪ ڏني آهي، صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ڀائپي لاڳاپا آهن، اميد آهي ته اوهان جي قيادت ۾ پاڪ ايران لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا، هو خطي جي امن ۽ خوشحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا.
صدر آصف علي زرداري، مسعود پز شڪيان کي ايران جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪ ڏني آهي.
صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ڀائپي لاڳاپا آهن.
سندس چوڻ هو ته اميد آهي ته اوهان جي قيادت ۾ پاڪ ايران لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.
صدر آصف علي زرداري چيو ته هو خطي جي امن ۽ خوشحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا.
تيل ۽ گئس ڪمپنين طرفان پاڪستان ۾ 5 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪرڻ جو اعلان
تيل ۽ گئس جي ڳولا ڪندڙ ڪمپنين طرفان پاڪستان ۾ 5 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف سان پيٽرول ۽ گيس ڳوليندڙ ڪمپنين جي وفد ملاقات ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف پيٽروليم ۽ گيس جي ڳولا ڪندڙ ڪمپنين کي آف شور ذخيرا ڳولڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي.
پيٽرول ۽ گيس ڳوليندڙ شعبي اي اينڊ پي سيڪٽر پاران وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪيو ويو.
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ مقامي سطح تي تيل ۽ گيس ذخيرن جي ڳولا اسان جي پهرين ترجيح آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان تيل ۽ گيس گهرائڻ تي هر سال اربين ڊالر خرچ ڪري ٿو.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته تيل ۽ گيس جي مقامي ذخيرن سان مٽا سٽا وارو ناڻو بچندو ۽ عام ماڻهن لاءِ پيٽرول ۽ گيس سستي ٿيندي.
ان موقعي تي پيٽروليم ۽ گيس ڳوليندڙ ڪمپنين پاران پاڪستان ۾ ايندڙ ٽن سالن ۾ 5 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو ويو.
وفاقي حڪومت پاڪستان پيٽروليم ڊيلز ايسوسئيشن جي هڪ ڏينهن جي هڙتال کانپوءِ ٻڙي ڏهائي 5 سيڪڙو اضافي ود هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪري ڇڏيو
وفاقي حڪومت پاڪستان پيٽروليم ڊيلز ايسوسئيشن جي هڪ ڏينهن جي هڙتال کانپوءِ ٻڙي ڏهائي 5 سيڪڙو اضافي ود هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪري ڇڏيو.
ايف بي آر، پيٽروليم ڊيلرن جي هڙتال ملتوي ڪرڻ جي اعلان کانپوءِ پيٽرول پمپن تي لڳايل اضافي ٻڙي ڏهائي 5 سيڪڙو ود هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
پيٽروليم واري وزارت طرفان ايف بي آر کان وضاحت طلب ڪئي وئي هئي ڇاڪاڻ ته ڊيلرَ، ريٽيل آئوٽ ليٽس (پيٽرول پمپَ) حڪومت جي مقرر ڪيل فڪسڊ ڊيلر مارجن تي ڪم ڪندا آهن ان لاءِ اهو شعبو ريگيوليٽڊ قيمتن جو آهي.
پيٽرول پمپن تي في ليٽر ٻڙي ڏهائي 5 سيڪڙو ود هولڊنگ ٽيڪس پهرين جولاءِ کان فنانس بل ۾ لڳايو ويو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽرول پمپَ پنهنجي مارجن تي پهريان ئي 12 ڏهائي 5 سيڪڙو ود هولڊنگ ٽيڪس ڏئي رهيا هئا.
نئين چونڊيل برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر پنهنجي ڪابينا کي حتمي شڪل ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو
نئين چونڊيل برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر پنهنجي ڪابينا کي حتمي شڪل ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو.
ڪيئر اسٽارمر طرفان ريچل ريوز کي ناڻي واريِ وزير مقرر ڪيو ويو آهي، هوءَ برطانيا جي پهرين عورت ناڻي واري وزير هوندي.
برطانوي ميڊيا موجب، اينجلا رائينر کي نائب وزيراعظم جو عهدو ڏنو ويو جڏهن ته ڊيوڊ ليميَ برطانيا جو نئون پرڏيهي وزير هوندو.
برطانوي ميڊيا موجب، جان هيليَِ کي بچاءَ جو وزير مقرر ڪيو ويو جڏهن ته پاڪستاني ڄائيِِ شبانه محمود کي انصاف واريِ وزير جون ذميواريون ڏنيون ويون آهن.
يوويٽ ڪـُو برطانيا جو نئون گھرو وزير هوندو اهڙي طرح بريجٽ فلپسن کي تعليم ۽ اسٽريٽنگ کي صحت کاتي جو قلمدان ڏنو ويو آهي.
نئين وزيراعظم جي نئين ڪابينا ۾ ايڊملي بينڊ کي توانائي واري وزارت جون ذميواريون ڏنيون ويون آهن.
واضع رهي ته برطانيا جي عام چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوءِ شاهه چارلس طرفان ليبر ليڊر ڪيئر اسٽارمر کي حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني وئي آهي.
ليبر پارٽي جي سربراهه سر ڪئير اسٽارمر چونڊن ۾ ڪاميابي بعد پنهنجي سپورٽرن کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي عوام تبديلي جو ووٽ ڏنو، عوام فيصلو ٻڌائي ڇڏيو ته هو تبديلي لاءِ تيار آهن، وڏي مينڊيٽ سان گڏ عوام وڏي ذميواري به ڏني آهي، برطانوي عوام جي خدمت ڪندا.
جنگ بندي معاهدي جون ڪوششون تيز ٿيندي ئي اسرائيلي فوج غزه تي حملا وڌائي ڇڏيا
جنگ بندي معاهدي جون ڪوششون تيز ٿيندي ئي اسرائيلي فوج غزه تي حملا وڌائي ڇڏيا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 50 هنڌن ت بمباري سبب ڪيترائي فلسطيني شهيد ٿي ويا.
غزه جي علائقي شجاعيه ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان جاري فوري آپريشن ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن جڏهن ته اولهه ڪناري جي جنين ڪيمپ ۾ اسرائيلي فوج 7 فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 58 فلسطيني اسرائيلي دهشتگرد جو نشانو بڻجي ويا جڏهن ته 179 زخمي ٿي پيا.
عرب ميڊيا موجب، 7 آڪٽوبر کان جاري اسرائيلي دهشتگردي ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 38 هزار 11 ٿي ويو جڏهن ته 87 هزار 445 ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن.
هوڏانهن فلسطيني گروپن طرفان سخت مزاحمت جو سلسلو جاري آهي، جوابي حملن ۾ ڪيترائي اسرائيلي فوجي پڻ مارجي ويا.
عرب ميديا موجب، مارٽر گولن ۽ راڪيٽن سان حملو، اسرائيلي هيليڪاپٽر کي به نشانو بڻايو ويو.
ان کان علاوه اسرائيلي فوج جون لبنان ۾ حزب الله سان به چڪريون جاري آهن، حزب الله 17 راڪيٽ حملن اسرائيلي عمارتن ۽ فوجي ٿاڪن کي نشانو بڻايو.
ٻئي پاسي اسرائيلي ڳجهي ايجنسي موساد جي سربراهي ۾ اسرائيلي وفد قطري اختيارين سان ملاقات کانپوءِ واپس روانو ٿي ويو.
اسرائيلي وزيراعظم آفيس جو چوڻ آهي ته ايندڙ هفتي ٻيهر ڳالهيون شروع ٿينديون ڳالهين لاءِ نئون وفد موڪليو ويندو.
هوڏانهن حماس غزه ۾ عالمي فوج جي مقرري جي ڪنهن به امڪاني منصوبي کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
پيپلزپارٽي ڏکڻ پنجاب جي ترجمان نوابزادا افتخار احمد، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽيءَ وچ ۾ معاملا طئه ٿيڻ بابت سنڌ ٽي وي نيوز جي خبر جي تصديق ڪئي آهي
پيپلزپارٽي ڏکڻ پنجاب جي ترجمان نوابزادا افتخار احمد، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽيءَ وچ ۾ معاملا طئه ٿيڻ بابت سنڌ ٽي وي نيوز جي خبر جي تصديق ڪئي آهي.
سنڌ ٽي وي نيوز خميس ڏينهن پ پ ۽ ن ليگ وچ ۾ معاهدي جي اهم شق جي تفصيلن تي ٻڌل خبر ڏني هئي.
خبر ۾ چيو ويو ته ن ليگ پنجاب ۾ پيپلزپارٽيءَ اسپيس ڏيندي ۽ ڏکڻ پنجاب جي انتظامي فيصلن ۾ پ پ شامل ڪندي.
پ پ ڏکڻ پنجاب جي ترجمان ۽ ايم اين اي نوابزاده افتخار احمد سنڌ ٽي وي نيوز جي پروگرام راڄڌاني ٽائيم ۾ ڳالهائيندي ان خبر جي تصديق ڪئي آهي.
سندس چوڻ هو ته حڪومتي سازيءَ وقت ن ليگ سان پ پ جو لکت ۾ معاهدو ٿيو هو، پر ن ليگ ان تي عمل نه پئي ڪيو، جنهن تي احتجاج رڪارڊ ڪرايو.
نوابزادا افتخار احمد چيو ته ن ليگ سان طئه ٿيو هو ته ڏکڻ پنجاب ۾ پيپلزپارٽيءَ کي انتظامي فيصلن ۾ شامل ڪيو ويندو، هاڻي ن ليگ معاهدي تي عمل جي خاطري ڪرائي آهي.















