رت سولائي سان نه ملڻ سبب هر سال ڪيتريون ئي جانيون ضايع ٿي وينديون آهن : مراد علي شاهه
گنڊا پور کي ڀڀڪيون نه هڻڻ گهرجن، کيس پنهنجي صوبي ۾ ڪير بند نه ٿو ڪري سگهي : پرويز خٽڪ
ڪي پي جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته گنڊا پور کي ڀڀڪيون نه هڻڻ گهرجن، کيس پنهنجي صوبي ۾ ڪير بند نه ٿو ڪري سگهي، پي ٽي آءِ ڪابينا ۾ جيڪو ٿيو سڀي ٻڌائيندو، هن نه پهريون ڪڏهن ڪوڙ ڳالهايو آهي ۽ نه وري هاڻي ڳالهائيندو.
نوشهره ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز خٽڪ چيو ته هو علي امين گنڊا پور ۽ علي امين کيس چڱي نموني سڃاڻي ٿو، هن نه ڪڏهن ڪوڙ ڳالهايو ۽ نه وري ڳالهائيندو.
هن چيو ته ڪجهه ماڻهو آهن جيڪي سچ برداشت نه ٿا ڪري سگهن، علي امين گنڊا پورکي ڀڀڪيون نه هڻڻ گهرجن، سندس تعلق به خٽڪ قبيلي سان آهي کير پنهنجي صوبي ۾ ڪير به بند نه ٿو ڪري سگهي.
سندس چوڻ هو ته هو ماضي ۾ نيب جي نوٽيس تي پيش ٿيندو رهيو آهي، هاڻي به نوٽيس تي عدالت ويندو.
پرويز خٽڪ چيو ته نوٽيس ڏئي کيس عدالت طلب ڪيو ويندو آهي نه پهريون پنهنجي مرضي سان پيش ٿيو ۽ نه وري هاڻي مرضي سان وڃي رهيو آهي.
هن چيو ته هو ڪنهن خلاف نه پر وفاقي ڪابينا اجلاس جي ڪارروائي ۾ جيڪو ٿيو اهو ٻڌائيندو، هن وقت سموري ڪابينا اجلاس جي ڪارروائي جي شاهد آهي.
ڪراچيءَ جي علائقي ڪريم آباد ۾ دهشتگردن هٿان سي ٽي ڊي جو ڊي ايس پي علي رضا شهيد
ڪراچيءَ جي علائقي ڪريم آباد ۾ دهشتگردن هٿان سي ٽي ڊي جو ڊي ايس پي علي رضا شهيد ٿي ويو.
هٿياربندن جي فائرنگ ۾ سي ٽي ڊي آفيسر زخمي ٿي پيو، کيس عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو.
واقعي بعد پوليس ۽ رينجرز پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهيو ۽ جوابدارن جي ڳولا لاءِ ناڪابندي پڻ ڪئي.
پوليس ٻڌايو ته ڊي ايس پي علي رضا مٿان ٻن جوابدارن فائرنگ ڪئي، هڪ کي اجرڪ ويڙهيل هو ۽ ٻي کي هيلمينٽ پاتل هئي، حملو ڪندڙن پسٽل تي سائلنسر لڳايو هو.
پوليس موجب واقعي واري هنڌ وٽان نائن ايم ايم جي گولين جا خول مليا آهن ۽ فائرنگ ۾ زخمي ٿيل گارڊ عمارت جو سڪيورٽي گارڊ آهي.
ريسڪيو ٽيمن موجب علي رضا کي مٿي ۾ گولي لڳي ۽ هو سخت زخمي ٿي پيو.
علي رضا ڊي ايس پي انويسٽيگيشن مقرر هو ۽ هو چوڌري اسلم جو ويجهو ساٿي هو.
هوڏانهن صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي ۽ ايس ايس پي سينٽرل کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.
صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار هدايت ڪندي چيو ته حملي ۾ ملوث عنصرن جي گرفتاري لاءِ فوري طور قدم کنيا وڃن.
گهرو وزير پوليس آفيسرن کي هدايت ڪئي ته واقعي واري هنڌ وٽان شاهديون هٿ ڪري جاچ کي اثرائتو بڻايو وڃي…
سنڌ ۾ رضاڪاراڻي طور رت ڏيڻ کي هٿي ڏني ويندي: وڏو وزير مراد علي شاهه
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ رضاڪاراڻي طور رت ڏيڻ کي هٿي ڏني ويندي، 24 ڪروڙ آبادي مان رڳو 10 سيڪڙو ماڻهو ئي رضاڪاراڻي طور رت جو عطيو ڏيندا آهن، رت سولائي سان نه ملڻ سبب هر سال ڪيتريون ئي جانيون ضايع ٿي وينديون آهن، انسانيت جي اجتماعي مقصد لاءِ سڀني کي متحد ٿيڻ گهرجي.
ڪراچي ۾ نيشنل وڊيو ڪامپٽيشن ايوارڊ تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ملڪ جي 24 ڪروڙ آبادي مان رڳو 10 سيڪڙو ماڻهو رضاڪاراڻي طور رت جو عطيو ڏيندا آهن.
هن چيو ته سنڌ ۾ رضاڪاراڻي طور رت جو عطيو ڏيڻ کي هٿي ڏني ويندي، رت سولائي سان نه ملڻ سبب هر سال ڪيتريون ئي انساني جانيون ضايع ٿي وينديون آهن.
سندس چوڻ هو ته انڊس زندگي نه رڳو هڪ مهم پر پاڪستاني عوام جي اجتماعي دعوت آهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته انسانيت جي اجتماعي مقصد لاءِ متحد ٿيڻ گهرجي.
هن چيو ته بلڊ ڊونيشن نظام ۾ تبديلي لاءِ امداد رضاڪاراڻي رت جي امداد ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي.
سندس چوڻ هو ته هر ماڻهو وٽ حياتي بچائڻ جي صلاحيت آهي، رت جو عطيو ڏئي ضرورتمندن کي ڪنهن به وقت ۽ ڪٿي به محفوظ رت ڏئي سگهجي ٿو.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سمورا ماڻهو نيڪ مقصد ۾ سندن ساٿ ڏين ۽ زندگي بچائڻ لاءِ رت جو عطيو ڏين.
هن چيو ته سڀ گڏجي هڪ صحتمند ۽ مضبوط پاڪستان بڻائي سگهجي ٿو
پاڪ فوج ڪي ٽو تي ڦاٿل جبل چاڙهن کي ريسڪيو ڪري ورتو
پاڪ فوج ڪي ٽو تي ڦاٿل جبل چاڙهن کي ريسڪيو ڪري ورتو.
عالمي سطح تي ناليواري پاڪستاني جبل چاڙهو ثمينه بيگ کي طبيعت خراب ٿيڻ بعد ڪي ٽو بيس ڪيمپ تان ريسڪيو ويو.
جبل چاڙهو ثمينه بيگ عالمي سطح جي، ڪي ٽو ايڪسپيڊيشن جو حصو هئي.
ثمينه بيگ ايڪسپيڊيشن ۾ پاڪستان ۽ اٽلي جي جبل چاڙهو جي گڏيل ٽيم جو حصو پڻ هئي.
ثمينه بيگر 5 جولاءِ 2024 تي صحت خراب ٿيڻ بعد کيس جبل چڙهڻ جو مشن ڇڏڻو پئجي ويو.
شروعاتي طور تي ثمينه بيگ ڪي ٽو بيس ڪيمپ منتقل ڪيو ويو، جتان کيس گهوڙي تي واپس آندو ويو.
پاڪستان آرمي ايوسيشن جي ريسڪيو لاءِ تيار فلائٽ موسم خرابي سبب ممڪن نه ٿي سگهي، ثمينه بيگ کي گهوڙي ذريعي روڊ تي منتقل ڪرڻ شروع ڪيو ويو، اونچائي گهٽجڻ بعد سندس صحت ۾ بهتري آئي، جڏهن ته پاڪستان آرمي جي ڊاڪٽرن جي ٽيم به سي ايم ايڇ اسڪردو ۾ تيار آهي.
ثمينه بيگ کي اسڪردو مان وڌيڪ منتلقي جو فيصلو سندس صحت جو جائزو ورتو ويندو..
دادو جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ دٻي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل هاري فوت
دادو جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ دٻي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل هاري فوت ٿي ويو.
هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هاري نوجوان مريد عرف منو پٽ احمد خان خاصخيلي حيدرآباد جي اسپتال ۾ زخمن جي سٽ نه سھندي دم ڏنو.
ھٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان ھاري کي مرڻينگ ڪيو ھو، جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال دادو مان سيوهڻ اسپتال ريفر ڪيو ويو، جتان حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو ھو.
مقتول جي چاچي ڪالو خاصخيلي چيو ته هٿياربند حميد لنڊ، وحيد لنڊ، حنيف لنڊ ۽ ٻين حملو ڪري زمين تي ڪم ڪندڙ پورهيت کي گوليون ھڻي قتل ڪيو آھي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ، پورٽ قاسم اٿارٽي ۽ نيشنل شپنگ ڪارپوريشن بابت اجلاس
وزيراعظم شهباز شريف طرفان ڪراچي پورٽ ۽ پورٽ قاسم تي اسڪيننگ جي جديد مشينري جو ڪم جلد مڪمل ڪرڻ ۽ لياري ايڪسپريس وي کي ڪارگو ٽريفڪ لاءِ 24 ڪلاڪ کليل رکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته پاڪستاني معيشيت مضبوط ۽ ترقي طرف وڌي رهي آهي، پاڪستان وچ ايشيائي رياستن لاءِ سمنڊ ذريعي واپار جو سڀ کان بهترين رستو فراهم ڪري ٿو، وچ ايشيائي رياستن واپار لاءِ پاڪستاني پورٽن جي استعمال ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ، پورٽ قاسم اٿارٽي ۽ نيشنل شپنگ ڪارپوريشن بابت اجلاس ٿيو.
وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي ڪارڪردگي جي خطي جي ٻين بندرگاهن سان ڀيٽ تي ٻڌل هڪ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان جاگيرافيائي لحاظ کان خطي ۾ اهم ڪردار رکي ٿو.
هن چيو ته هن پنهنجي قازقستان جي دوري دوران روسي صدر ولاديمير پيوٽن ۽ وچ ايشيائي ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون.
سندس چوڻ هو ته وچ ايشيائي رياستن واپار لاءِ پاڪستان جي بندرگاهن جي استعمال ۾ تمام گهڻي دلچسپي ظاهر ڪئي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته بندرگاهن ۾ جديد نظام ۽ پهچ ۾ وڌيڪ بهتري سان ئي پاڪستان اربين ڊالرن جو پرڏيهي مٽاسٽا وارو ناڻو حاصل ڪري سگهي ٿو.
هن چيو ته ڪراچي جي بندرگاهن جي ترقي سان ويليو ايڊيشن جي صنعت سان شيون ٻاهر موڪلڻ ۾ اضافو ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته پورٽ قاسم ۽ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ تي جديد اوزارن ۽ مشينري لڳائڻ سان ڪسٽمز ڪليئرنس جو وقت گهٽائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.
وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي ته بندرگاهن تي اسڪيننگ جي جديد مشينري جلد لڳائڻ کي يقيني بڻايو وڃي.
هن چيو ته بندرگاهن جي صلاحيت مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪراچي پورٽ ٽرسٽ تائين سامان جي بنا فرنڊڪ فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ لياري ايڪسپريس وي کي ڪارگو ٽريفڪ لاءِ 24 ڪلاڪ کليل رکيو وڃي.
هن چيو ته سامان جي فراهمي وڌيڪ بهتر ڪرڻ لاءِ ملير ايڪسپريس وي کي بندر گاهه سان جوڙيو وڃي.
ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي ۾ هيڇيسن پورٽ سائوٿ ايشين پاڪستان ٽرمينل جو دورو پڻ ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف کي ٽرمينل جي آپريشنز بابت بريفنگ ڏني وئي.
بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪراچي ۾ هيڇيسين پورٽ سائوٿ ايشين پاڪستان ٽرمينل دنيا جي ڪجهه اونهن پاڻين تي موجود ٽرمينل مان هڪ آهي.
بريفنگ ۾ چيو ويو ته پورٽ ٽرمينل کي جديد نموني هلايو پيو وڃي جنهن ۾ گهڻي قدر آپريشن جديد آهن.
وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو ته پورٽ ٽرمينل تي جديد ٽيڪنالاجي ۽ اسڪينر لڳايا ويا آهن.
بريفنگ ۾ چيو ويو ته پورٽ ٽرمينل جا آپريشن عالمي معيار موجب آهن، پورٽ تي هر سال 35 لک ڪٽينرن جي چرپر جي صلاحيت آهي.
وزيراعظم شهباز شريف ايف بي آر چيئرمين کي هدايت ڪئي ته پاڪستاني بندرگاهن تي اوليتي بنيادن تي جديد ترين اسڪينر لڳايا وڃن.
هن چيو ته ڪسٽم اختياريون پورٽ اختيارين سان گڏجي بندرگاهن جي صلاحيت مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ جلد قدم يقيني بڻائين.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي شيون ٻاهر موڪليندڙ صنعت جي ترقي لاءِ بندرگاهن جي ترقي تمام گهڻي ضروري آهي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ملڪي شيون ٻاهر موڪلڻ ۾ اضافي لاءِ حڪومت اوليتي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي.
هن چيو ته وچ ايشيائي رياستن، چين ۽ ٻين ملڪن ۽ پاڪستاني بندرگاهن ذريعي واپار سان پاڪستان هر سال اربين ڊالر جو پرڏيهي مٽاسٽا وارو ناڻو ڪمائي سگهي ٿو
عدم استحڪام پيدا ڪندڙ ۽ پرڏيهه ۾ پاڪستان کي بدنام ڪندڙن کي جمهوريت ۾ ڪا به دلچسپي ناهي؛ نوازشريف
مسلم ليگ ن جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته عدم استحڪام پيدا ڪندڙ ۽ پرڏيهه ۾ پاڪستان کي بدنام ڪندڙن کي جمهوريت ۾ ڪا به دلچسپي ناهي.
سينيٽ ۾ ن ليگ جي پارلياماني ليڊر عرفان صديقي نوازشريف سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران عرفان صديقي سينيٽ ۾ پارلياماني پارٽي جي ڪارڪردگيءَ جي رپورٽ پيش ڪئي.
ان موقعي تي ڳالهائيندي نوازشريف چيو ته ست سال اڳ جن مسئلن تي ضابطو آڻيو هو، اهي وري سنگين بحران بڻجي چڪا آهن، دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ هٿياربند فوج ۽ سڪيورٽي ادارن جي مڪمل حمايت ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪندڙ پرڏيهه ۾ پاڪستان کي بدنام ڪندڙن کي جمهوريت توڙي عوام ۾ ڪا به دلچسپي ناهي، هي ماڻهن ڪنهن به محاذ تي ملڪ جي ڪمزوري يا ناڪامي کي پنهنجي سياسي ڪاميابي سمجهن ٿا.
نوازشريف چيو ته ست سان اڳ مهانگائي، لوڊشيڊنگ ۽ دهشتگردي جهڙن مسئلن تي ضابطو آندو هو، آءِ ايم ايف کان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو هو، پر 2018ع ۾ ملڪي تباهي، بربادي ۽ هر شعبي ۾ زوال جو سلسلو شروع ٿيو.
ن ليگ جي صدر چيو ته دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪرڻ لاءِ هٿياربند فوج ۽ سڪيورٽي ادارن جي حمايت ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته امن امان جو گهرو تعلق سيڙپڪاري ۽ ترقي ۽ خوشحالي سان آهي……….
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه صوبائي ڪابينا ۾ تبديليءَ جي افواهن کي رد ڪري ڇڏيو
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه صوبائي ڪابينا ۾ تبديليءَ جي افواهن کي رد ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته سنڌ ڪابينا ۾ وڌيڪ تبديليءَ جو ڪو به امڪان ناهي، لوڊشيڊنگ معاملي تي سنڌ سان زيادتي ڪئي پئي وڃي، ماڻهو تڪليف ۾ آهن، ٿر مان 3 هزار ميگا واٽ بجلي نيشنل گرڊ ۾ فراهم ڪئي پئي وڃي، بلاول ڀٽو زرداري لوڊشيڊنگ خلاف آواز اٿاريو آهي، گرمي دوران عوام کي رليف ڏيارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ويندي، هندو واپاري نريش ڪمار جي بازيابي پوليس جي وڏي ڪاميابي آهي، ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت ٻين شهرن ۾ سمارٽ سسٽم لڳايو ويندو.
سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه سيوهڻ پهچي ويو.
وڏي وزير سيوهڻ پهچي آراضي ۾ اڳوڻي چيف سيڪريٽري سيد ممتاز شاهه سان سندس ڀيڻ جي لاڏاڻي تعزيت ڪئي.
اڳوڻو ايم اين اي سردار سڪندر علي راهپوٽو، اڳوڻو ايم پي اي سيد آصف علي شاهه، امان الله شاهاڻي، سيد شهزاد حيدر شاهه ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ڪابينا ۾ وڌيڪ تبديليءَ جو ڪو به امڪان ناهي.
سندس چوڻ هو ته لوڊشيڊنگ معاملي تي سنڌ سان زيادتي ڪئي پئي وڃي، ماڻهو تڪليف ۾ آهن، ٿر مان 3 هزار ميگا واٽ بجلي نيشنل گرڊ ۾ فراهم ڪئي پئي وڃي.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لوڊشيڊنگ خلاف آواز اٿاريو آهي، گرمي دوران عوام کي رليف ڏيارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ويندي، هندو واپاري نريش ڪمار جي بازيابي پوليس جي وڏي ڪاميابي آهي، ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت ٻين شهرن ۾ سمارٽ سسٽم لڳايو ويندو.
دادو ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، پ پ ضلعي صدر ايم اين اي رفيق احمد جمالي سان ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته 2022ع جي ٻوڏ دادو ضلعي ۾ وڏي تباهي آندي، ايم اين وي ڊرين جا ڪپ زبون آهن، وفاق کي چيو آهي ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي به آگاهه ڪيو آهي..
سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت بندن جي ڪمن جي نگراني ڪري رهي آهي، ايم اين وي ڊرين تي جلد ڪم شروع ڪيو ويندو، بند مضبوط ڪرڻ سندن ذميواري آهي.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ ۽ برساتن سبب وڏي تباهي آئي 21 لک گهر ٺاهڻ لاءِ 630 ارب جي رقم گهرجي، سنڌ سرڪار هن وقت تائين 3 لک گهر ٺاهي چڪي آهي، 8 لک ٻوڏ متاثرن جا اڪائونٽ بينڪن ۾ کلي چڪا آهن.
غوثپور: مغوين جي بازيابي لاءِ پوليس ۽ رينجرز جو آپريشن، 2 ڏوهاري مارڻ جي دعويٰ
غوثپور واسي ٽن مغوين جي بازيابيءَ ۽ روپوش ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ دراني مهر جي ڪچي ۾ آپريشن دوران 2 ڌاڙيل مارجي ويا ۽ چار زخمي ٿي پيا آهن.
ڪشمور پوليس ۽ رينجرز ٽن مغوين جي بازيابيءَ ۽ روپوش ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ دراني مهر جي ڪچي ۾ آپريشن ڪيو.
ڪارروائي دوران انعام رکيل ڌاڙيل امداد عرف امدو ڀيو سميت 2 ڌاڙيل موت جو کاڄ بڻجي ويا جڏهن ته 4 ڏوهاري زخمي ٿي پيا.
ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي جو چوڻ آهي ته ددڙ پوليس پڪٽ تي حملي ڪندڙ ٽولي جو سربراهه امداد عرف امدو ڀيو پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو آهي، جڏهن ته پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو جاري آهي.
هن چيو ته مارجي ويل ڌاڙيل امداد عرف امدو ڀيو 50 ڪيسن ۾ گهربل هئڻ سان گڏ ڪجهه ڏينهن اڳ غوثپور مان اغوا ٿيل ٽن ٿيل ٽن ڄڻن جي اغوا ۾ پڻ ملوث هو.
سندس چوڻ هو ته سنڌ سرڪار طرفان 5 لک رپيا انعام رکيل هو ۽ امداد عرف امدو ڀيو جي سر تي هڪ ڪروڙ رپيا انعام جي سفارش ٿيل هئي.
ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي چيو ته امن امان خراب ڪندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو، ڌاڙيلن جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروائي جاري رکي ويندي.














