فوجي قيادت، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اختيار ڪيل حڪمت عملي تحت عزم استحڪام آپريشن کي اهم قدم قرار ڏئي ڇڏيو
پيپلزپارٽيءَ، وزيراعظم شهبازشريف طرفان اعلانيل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت جو فيصلو
پيپلزپارٽيءَ، وزيراعظم شهبازشريف طرفان اعلانيل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت جو فيصلو ڪري ورتو، بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته دهشتگردي خلاف پ پ جي پاليسي تمام گهڻي واضح آهي، اتفاق راءِ سان سمورن مسئلن جو گڏجي حل ڪڍڻو پوندو، اي پي سي ۾ سمورين سياسي پارٽين کي راءِ ڏيڻ جو موقعو ملندو، بجيٽ ۾ ٽيڪسن تي ڪو به اعتراض آهي، هو چاهن ٿا ته غريبن تي بار نه وڌو وڃي، بلوچستان ۾ پيپلز بس سروس شروع ڪئي ويندي، اين آءِ سي وي ڊي ۽ گمس جهڙيون اسپتالون قائم ڪيون وينديون، پرائيويٽ پبلڪ پارٽنرشپ تحت سولر ذريعي بجلي ٺاهي وڪرو ڪئي ويندي، پ پ اي پي سي ۾ بلوچستان مسئلو به اٿاريندي.
ڪوئيٽا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وفاقي حڪومت آپريشن عزم استحڪام جو اعلان ڪيو، ان بابت وزيراعظم اي پي سي گهرائي آهي، پ پ ان ۾ ضرور شرڪت ڪندي ۽ بلوچستان لاءِ آواز اٿاريندي.
هن چيو ته دهشتگردي خلاف پ پ جي پاليسي تمام گهڻي واضح آهي، اتفاق راءِ سان سمورن مسئلن جو گڏجي حل ڪڍڻو پوندو، اي پي سي ۾ سمورين سياسي پارٽين کي راءِ ڏيڻ جو موقعو ملندو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگردي خلاف پ پ جي پاليسي تمام گهڻي واضح آهي.
پ پ چيئرمين چيو ته ٽيڪس نيٽ وڌائڻ تي کين اعترض ناهي، اعتراض جارحاڻي ٽيڪس لڳائڻ تي آهي، هو چاهن ٿا ته غريبن تي بار نه پوي، بجيٽ ۾ اتحادين سميت سمورين پارٽين سان صلاح مشورا ٿيڻ گهرجن ها.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته موجوده چونڊون صاف ۽ شفاف نه هيون، مخالف پارٽيون کٽڻ توڙي هارائڻ تي روئنديون آهن، هو اسيمبلي ۾ سڌارن جي ڳالهه ڪن ٿا ته ٻيون پارٽيون ڦري وڃن ٿيون.
پ پ چيئرمين چيو ته ڪوئيٽا ۾ پنڪ بس سروس شروع ڪئي ويندي، هو بلوچستان جي عورتن کي بااختيار بڻائڻ چاهن ٿا، ڪوشش آهي ته بلوچستان ۾ اين آءِ سي وي ڊي جهڙو ادارو هجي، صوبي جي شاگردن جي وظيفن ۾ اضافو ڪيو ويندو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته
آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ سمورين پارٽين کي شامل ڪيو ويندو: عطا تارڙ
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ سمورين پارٽين کي شامل ڪيو ويندو.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته وزيراعظم جي تاجڪستان ۽ قازقستان جي دورن جا سٺا نتيجا سامهون ايندا، ايندڙ ڏينهن ۾ ٻنهي ملڪن جا وفد ويندا، فلسطين مسئلي تي وزيراعظم چٽو موقف اختيار ڪيو.
هن چيو ته وزيراعظم فلسطين مسئلي تي قوم تي ترجماني ڪئي، اسلامو فوبيا تي ڳالهايو، پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي ڳالهه ڪئي، هو دوست ملڪن سان واپار وڌائڻ چاهن ٿا.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته ادارن کي خانگائڻ وارو ڪم جاري آهي، آگسٽ ۾ معاملن ۾ تيزي ايندي.
عطا تارڙ چيو ته آل پارٽيز ڪانفرنس بابت اتحادين سان صلاح مشورا ٿي رهيا آهن، سمورين سياسي پارٽين کي ايَ پي سي ۾ شامل ڪيو ويندو، پي ٽي آءِ بانيءَ جو بيان ۾ سامهون آيو آهي.
هن چيو ته ٽيڪس چوريءَ ۾ ملوث ماڻهن ۽ ڏوهن ۾ ساٿ ڏيندڙ اهلڪارن کي به سزا ڏني ويندي، جنهن هڪ لک رپيا پگهار آهي ان کي 24 سئو رپيا ٽيڪس ڏيڻي پوندي.
عطا تارڙ چيو ته باجوڙ حملي جو افسوس آهي، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي ختم ٿيڻ سان ملڪ ۾ استحڪام ايندو، دهشتگرد پاڪستان جي نظريي خلاف آهن.
گڏيل عرب رياستن جي ٽيم اسلام آباد ۽ ڪراچي هوائي اڏن تي ايوي ايشن سڪيورٽي عالمي معيار جي قرار
گڏيل عرب رياستن جي ٽيم اسلام آباد ۽ ڪراچي هوائي اڏن تي ايوي ايشن سڪيورٽي عالمي معيار جي قرار ڏني آهي.
يو ايَ ايِ سول ايوي ايشن اٿارٽي جي ٽيم جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو دورو مڪمل ڪري ورتو آهي، ٽيم ان کان اڳ اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو دورو ڪيو هو.
ٻه رڪني ايوي ايشن سڪيورٽي جي قيادت سينيئر ڊائريڪٽر عبدالله الڪعبي ڪئي، ٽيم ٻنهي هوائي اڏن تي مختلف ايوي ايشن سڪيورٽي جي شعبن جو معائنو ڪيو.
يو ايَ ايِ جي ٽيم ايوي ايشن سڪيورٽي معاملن ۾ مسافرن ۽ سامان جي اسڪريننگ، ڪارگو ۽ ڪيٽرنگ سڪيورٽي جو جائزو ورتو.
ٽيم قومي ۽ ٻين ايئر لائنز جي سڪيورٽي دستاويزن جو به جائزو ورتو.
مهمان ٽيم ايئرپورٽ مينيجمينٽ، ايَ ايس ايف، ايئر لائنز، ڪارگو ڪمپنين ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرن جي سڪيورٽي پروٽوڪولز تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
سينيئر ڊائريڪٽر عبدالله الڪعبي جو چوڻ هو ته سڪيورٽي پروٽوڪولز عالمي معيار ۽ بيسٽ پريڪسٽز سان ليس آهي
سعودي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز اهل ۽ قابل ماڻهن کي سعودي عرب جي شهريت ڏيڻ جو اعلان
سعودي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز اهل ۽ قابل ماڻهن کي سعودي عرب جي شهريت ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي بادشاهه مختلف شعبن ۾ اهل ۽ قابل ماڻهن کي سعودي شهريت ڏيڻ جو اعلان ڪيو.
جاري ڪيل فرمان ۾ سعودي بادشاهه چيو ته سائنسدانن، طبي ماهرن، محققن، ايجادون ڪندڙن، ڪاروباري ماڻهن ۽ منفرد صلاحيتون توڙي مهارت رکندڙ ماڻهن کي شهريت ڏني ويندي.
شاهي فرمان جو مقصد 2030ع جي ويزن موجب پرڪشش ماحول وڌائڻ، غير معمولي تخليقي ذهنن جو ڌيان ڇڪائڻ، سيڙپڪاري ۽ ترقي ۾ حصو وجهڻ لاءِ همٿائڻ آهي………..
پي ٽي آءِ بانيءَ وزيراعظم شهبازشريف طرفان گهرايل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت جو فيصلو
پي ٽي آءِ بانيءَ وزيراعظم شهبازشريف طرفان گهرايل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت جو فيصلو ڪيو آهي.
اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي پي ٽي آءِ بانيءَ چيو ته سندن پارٽي ايَ پي سي ۾ شرڪت ڪندي ۽ حڪومت جو موقف ٻڌندي.
هن چيو ته امن امان ملڪي معاملو آهي، ملڪ خاطر هو اي پي سي ۾ شرڪت ڪندا، افغانستان سان لاڳاپا بهتر ٿيڻ تائين هو ٽي ٽي پي کان نه ٿا کٽي سگهن.
پي ٽي آءِ بانيءَ چيو ته نوازشريف، مريم نواز ۽ خواجه آصف جي بيانن جي وڊيو موجود آهي، عزم استحڪام آپريشن تي کين خدشا آهن، ان سان ملڪ ۾ عدم استحڪام وڌندو.
برطانيا ۾ وقت کان اڳ عام چونڊن ۾ 14 سالن کانپوءِ ليبر پارٽي اڪثريت سان ميدان ماري ورتو
برطانيا ۾ وقت کان اڳ عام چونڊن ۾ 14 سالن کانپوءِ ليبر پارٽي اڪثريت سان ميدان ماري ورتو، حڪمران ڌر ڪنزرويٽو پارٽي کي بدترين شڪست بعد وزيراعظم رشي سوناڪ شڪست قبول ڪري ورتي، جنهن کانپوءِ سر ڪئير اسٽارمر برطانيا جو نئون وزيراعظم هوندو.
برطانيه ۾ عام چونڊن جي نتيجن اچڻ جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته 650 مان 644 سيٽن جا نتيجا پڌرا ٿيا آهن جنهن ۾ ليبر پارٽي 410 سيٽون کڻي سڀني کان اڳتي آهي.
ڪنزرويٽو 120، ليبرل ڊيموڪريٽس 71، ريفارم پارٽي 9 سيٽون ۽ ٻين پارٽين 35 سيٽون حاصل ڪري ورتيون.
حڪومت ٺاهڻ لاءِ پارليامينٽ جي 650 سيٽن مان 326 سيٽون گهربل هونديون آهن جڏهن ته ليبر پارٽي حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي وئي آهي.
بريڊ فورڊ ويسٽ مان ليبر اڳواڻ پاڪستاني ڄائي ناز شاهه ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته پاڪستان ڄائي ليبر ميمبر ياسمين قريشي ٽيون ڀيرو پنهنجي سيٽن جو بچاءَ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي.
ليبر پارٽي جي نوشابه خان، ڪنزرويٽو پارٽي جي اميدوار کي شڪست ڏئي ڇڏي جڏهن ته اڳوڻو ليبر اڳواڻ جيريمي ڪاربن به آئلنگٽن جي سيٽ تان آزاد اميدوار جي حيثيت ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي.
برطانوي وزيراعظم رشي سونڪ چونڊن ۾ شڪست تسليم ڪندي چيو آهي ته سندس مخالف ڌر پارٽي ليبر پارٽي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، هن سر ڪئير اسٽارمر کي ڪاميابي تي مبارڪ به ڏني.
رشي سونڪ پنهنجي حامين کي خطاب ڪندي چيو ته ليبر پارٽي عام چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي آهي، هو سر ڪئير اسٽارمر کي سندس سوڀ تي مبارڪ ڏيڻ لاءِ فون ڪئي، اڄ اقتدار جي منظم انداز ۾ منتقلي ٿيندي.
ليبر پارٽي جي سربراهه سر ڪئير اسٽارمر چونڊن ۾ ڪاميابي بعد پنهنجي سپورٽرن کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جي عوام تبديلي جو ووٽ ڏنو، عوام فيصلو ٻڌائي ڇڏيو ته هو تبديلي لاءِ تيار آهن، وڏي مينڊيٽ سان گڏ عوام وڏي ذميواري به ڏني آهي، برطانوي عوام جي خدمت ڪندا.
سنڌ سرڪار طرفان ايڪسائيز اينڊ نارڪو ٽڪس ونگ لاءِ هٿيارن جي خريداري جي اجازت ڏئي ڇڏي
سنڌ سرڪار طرفان ايڪسائيز اينڊ نارڪو ٽڪس ونگ لاءِ هٿيارن جي خريداري جي اجازت ڏئي ڇڏي.
وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ نارڪو ٽڪس ڪنٽرول بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، چيف سيڪريٽري آصف حيدر، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، آءِ جي غلام نبي ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
اجلاس کي بريفنگ ڏيندي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڊرف مافيا خلاف زبردست آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته ايڪسائيز اينڊ نارڪو ٽڪس پوليس سان گڏ آءِ جي پوليس به اهلڪار ڏنا آهن.
سندس چوڻ هو ته نارڪو ٽڪس ۽ سنڌ پوليس گڏجي منشيات خلاف ڪم ڪري رهيون آهن.
وڏي وزير مراد علي شاهه شرجيل ميمڻ کي هدايت ڪئي ته نارڪو ٽڪس ونگ کي ڪراچي ۾ وڌيڪ مضبوط ڪيو وڃي.
وڏي وزير هدايت ڪئي ته جنهن هٿيارن جا نارڪو ٽڪس پوليس کي ضرورت آهي اهي فراهم ڪيا وڃن.
وڏي وزير مراد علي شاهه ايڪسائيز اينڊ نارڪو ٽڪس لاءِ تربيت ورتل عملي جي ڀرتي جي به اجازت ڏئي ڇڏي.
صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته 2007ع ۾ ايڪسائيز کاتي پاران حب تي چوڪي کي بند ڪيو ويو.
وڏي وزير مراد علي شاهه ايڪسائيز کاتي کي پوليس چوڪي ٻيهر قائم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
وڏي وزير مراد علي شاهه منشيات تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڀرپور کي ڀرپور ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
وڏي وزير مراد علي شاهه ايڪسائيز کاتي کي گهربل ضرورتن جي سمري موڪلڻ جي هدايت ڪئي.
شرجيل ميمڻ چيو ته نارڪو ٽڪس جون پوسٽون سموري صوبي ۾ قائم ڪيون ويون آهن.
هن چيو ته گهڻو ڌيان سرحدي چيڪ پوسٽن تي ڏنو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته حيدرآباد ۾ منشيات روڪڻ لاءِ ايڪسائيز اينڊ نارڪو ٽڪس بهتر ڪم ڪيو آهي……….
وفاقي حڪومت محرم الحرام دوران سوشل ميڊيا جي بندش بابت صوبن جي درخواست رد
وفاقي حڪومت محرم الحرام دوران سوشل ميڊيا جي بندش بابت صوبن جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
ذريعن موجب، وفاقي حڪومت چيو آهي ته فيس بڪ، ٽڪ ٽاڪ ۽ واٽس ايپ سميت ٻين سوشل ميڊيا ايپليڪيشنز بند نه ٿينديون، محرم الحرام ۾ سڪيورٽي فول پروف بڻائي ويندي.
وفاقي حڪومت هدايت ڪئي آهي ته سڪيورٽي کي وڌيڪ فعال ۽ اثرائتو بڻايو وڃي، موبائل جا سگنلز به رڳو انهن جاين تي بند ٿيندا جتان جلوس برآمد ۽ مجلسون برپا ٿينديون.
وفاقي حڪومت کي مختلف صوبن طرفان 6 ايپليڪيشنز کي 6 کان 11 محرم تائين بند رکڻ جو چيو ويو هو
سنڌ هائيڪورٽ ۾ جنسي هيسائڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي هٽايل نسيم ميمڻ جي ٻيهر بحال ڪرڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي
سنڌ هائيڪورٽ انٽر بورڊ ڪراچي جي چيئرمين نسيم ميمڻ جي بحاليءَ جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ايندڙ ٻڌڻي تائين ڪوبه عهدو نه ڏيڻ کان روڪيندي سنڌ سرڪار، انٽر بورڊ جي چيئرمين ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي 6 آگسٽ تائين جواب طلب ڪري ورتو.
سنڌ هائيڪورٽ ۾ جنسي هيسائڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي هٽايل نسيم ميمڻ جي ٻيهر بحال ڪرڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي.
عدالت انٽر بورڊ ڪراچي جي چيئرمين نسيم ميمڻ جي بحاليءَ جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو.
عدالت پاران نسيم ميمڻ کي ايندڙ ٻڌڻي تائين ڪوبه عهدو نه ڏيڻ کان روڪيو ويو.
عدالت سنڌ سرڪار، انٽر بورڊ جي چيئرمين ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي 6 آگسٽ تائين جواب طلب ڪري ورتو.
درخواست ڏيندڙ جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته نسيم ميمڻ کي صوبائي محتسب اعليٰ جنسي هيسائڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏنو هو، يونيورسٽي اينڊ بورڊز کاتي نسيم ميمڻ کي عهدي تان معطل ڪري ڇڏيو هو.
درخواست ڏيندڙ جي وڪيل چيو ته 12ڊسمبر 2023ع تي نسيم ميمڻ کي معطل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن واپس ورتو ويو هو، نسيم ميمڻ خلاف جنسي هيسائڻ جو الزام ثابت ٿي چڪو آهي، کيس عهدي تان هٽايو وڃي……














