دهشتگردن جا ارادا ناڪام بڻائڻ لاءِ دهشتگردي جي موقف کي شڪست ڏيڻي پوندي : بلاول ڀٽو زرداري
پهرين جولاءِ کان بجلي جي قميت ۾ 9 سيڪڙو اضافو ٿيندو : اويس لغاري
توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري چيو آهي ته پهرين جولاءِ کان بجلي جي قميت ۾ 9 سيڪڙو اضافو ٿيندو، ڪنزيومرز ايوريج 35 رپيا في يونٽ ڏني پئي وڃي.
سينيٽ اجلاس دوران ڳالهائيندي اويس لغاري چيو ته ڪجهه اهڙا پلانٽ آهن، جيڪي ڪي اليڪٽرڪ جي ملڪيت آهن، لائن لاسز وارن علائقن ۾ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، آئيسڪو ريجن ۾ وڌيڪ مسئلا ناهن، اميد ته آهستي آهستي مسئلن تي ضابطو آندو ويندو.
هن چيو ته نيشنل گرڊ جو ڪنهن به صوبي سان ڪو تعلق ناهي، نقصانن جي حد رکڻ لاءِ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ رڪوري تمام سٺي آهي.
اويس لغاريءَ چيو ته بلوچستان کي 10 هزار ميگا واٽ جي سپلاءِ ڏيڻ لاءِ هو تيار آهن، بل جون نه پر جولاءِ کان وڌندا، بلوچستان ۾ بجلي جا 600 ارب رپيا ساليانا نقصان آهن.
توانائيءَ واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت 450 ارب رپين جو نقصان برداشت ڪيو، هڪ ڪروڙ 68 واهپيدارن جو خيال ڪيو پيو وڃي..
هن چيو ته ميڊيا تي خبرون هلي رهيون آهن ته ڪابينا بجلي جي اگهن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو، بجلي اگهن بابت وزيراعظم 150 ارب رپين جو بار عوام تان گهٽايو آهي.
توانائي واري وفاقي وزير چيو ته گهريلو واهيپدارن کي هر ممڪن رليف فراهم ڪيو پيو وڃي، زرعي سولرائيزيشن ڪئي پئي وڃي.
وزيراعظم شهبازشريف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سميت عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون
وزيراعظم شهبازشريف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سميت عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون.
شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم شهبازشريف جي عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون.
شهبازشريف جي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ٿي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.
وزيراعظم جي ترڪ صدر رجب طيب اردگان، آذر بائيجان جي صدر الهام علي يوف، تاجڪ صدر امام علي رحمان ۽ ڪرغستان جي صدر سدير جاپروف سان به ملاقات ٿي.
ملاقات دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون…..
سينيٽ ۾ اليڪشن ايڪٽ ترميم بل 2024ع اڪثريتي راءِ سان منظور
سينيٽ ۾ اليڪشن ايڪٽ ترميم بل 2024ع اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيو ويو، مخالف ڌر سخت احتجاج ڪندي گوڙ ڪيو ۽ بل تي تنقيد ڪئي.
سينيٽ جو اجلاس چيئرمين يوسف رضا گيلانيءَ جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ اليڪشن ايڪٽ 2017ع ترميمي بل 2024ع سينيٽ ۾ پيش ڪيو، جنهن تي مخالف ڌر جي سينيٽرن ان جي مخالفت ڪئي.
سينيٽ اڪثريتي راءِ سان اليڪشن ايڪٽ 2017ع ترميمي بل 2024ع منظور ڪري ورتو، جنهن دوران مخالف ڌر گوڙ ڪيو.
شبلي فراز چيو ته 2017ع ۾ ان ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي وئي هئي، ان کانپوءِ 5 آگسٽ 2023ع ۾ ڪيتريون ئي ترميمون ڪيون ويون.
هن چيو ته رجيم چينج بعد پي ٽي آءِ ظلم ڪيو ويو، کانئن چونڊ نشان کسيو ويو، اميدوارن کان نامزدگي ڪاغذ کسيا ويا، انٽرا پارٽي چونڊ کي اليڪشن ڪميشن تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو.
اعظم نذير تارڙ شبلي فراز کي جواب ڏيندي چيو ته پي ٽي آءِ جنهن ڏينهن 53 قانون هڪ ڪلاڪ ۾ پاس ڪرايا ته ڇا اها سٺي قانونسازي هئي؟
پي ٽي آءِ سينيٽر علي ظفر چيو ته بل بدنيتي تي ٻڌل آهي، اهو منظور ٿيو ته جمهوريت جو قتل ٿيندو، اليڪشن ڪميشن جو اختيار ناهي ته اها مرضيءَ جا جج مقرر ڪري.
سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني چيو ته ايوان کي قومي اسيمبلي نه بڻايو، رويو تبديل نه ڪيو ويو ته هو ايڪشن وٺندو.
سينيٽ مان منظور ٿيل ترميمي بل تحت اليڪشن ڪميشن رٽائرڊ هائيڪورٽ جي ججن کي ٽربيونل مقرر ڪري سگهندي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽيءَ وچ ۾ ملاقات
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽيءَ وچ ۾ ملاقات ٿي.
بلاول ڀٽو زرداري ۽ سرفراز بگٽيءَ وچ ۾ ملاقات وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿي، جنهن دوران پ پ چيئرمين وڏي وزير کان بلوچستان جي عوام جي ڀلائي ۽ ترقي جي منصوبن بابت بريفنگ ڏرتي.
سرفراز بگٽيءَ بلاول ڀٽو زرداريءَ کي صوبائي بجيٽ بابت آگاهه ڪيو.
پ پ چيئرمين بلوچستان جي عوام جي صحت ۽ تعليم وارن منصوبن بابت به پڇاڻو ڪيو.
سرفراز بگٽيءَ جو چوڻ هو ته بلوچستان ۾ سنڌ جيان اعليٰ سطح جا صحت مرڪز جلد مڪمل ٿيندا.
بلوچستان جي وڏي وزير، پ پ چيئرمين کي سياسي ۽ انتظامي معاملن ۽ امن امان جي صورتحال کان به آگاهه ڪيو
چئلينج گڏيل آهن، گڏجي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو: وزيراعظم شهبازشريف
وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته چئلينج گڏيل آهن، گڏجي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، افغانستان دهشتگردي خلاف اثرائتا قدم کڻي ته جيئن سندس ڌرتي ڪنهن به ٻئي ملڪ خلاف استعمال نه ٿئي، افغانستان ۾ جٽادار امن سندن گڏيل حدف آهي، افغانستان جي عبوري حڪومت سان نتيجو ڏيندڙ ڳالهيون ڪرڻيون پونديون، غزا ۾ غير مشروط جنگبندي ڪئي وڃي.
قازقستان جي گاديءَ واري شهر آستانه ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهبازشريف چيو ته شنگهائي سهڪار تنظيم خطي جي عوام جي سماجي ۽ معاشي ترقي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي.
هن چيو ته سندن چئلينج گڏيل آهي، گڏجي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ ڪم ڪرڻو آهي، ايس سي او ترقياتي منصوبن لاءِ متبادل فنڊنگ جو طريقيڪار تيار ڪري.
شهبازشريف چيو ته خطي جي روشن مسقتبل لاءِ جاگرافيائي ۽ سياسي اڳرائيءَ کان پاڻ کي آزاد ڪرڻو پوندو، پاڪستان پنهنجي اسٽريٽجڪ پوزيشن جي حساب سان واپار لاءِ اهم رستو آهي، سي پيڪ ذريعي هو ترقي ۽ خوشحالي جي منزل حاصل ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي رهيا آهن.
وزيراعظم چيو ته افغانستان دهشتگردي خلاف اثرائتا قدم کڻي ته جيئن سندس ڌرتي ڪنهن به ٻئي ملڪ خلاف استعمال نه ٿئي، رياستي دهشتگردي جي سخت مذمت ڪئي وڃي.
هن چيو ته افغانستان ۾ جٽادار امن سندن گڏيل حدف آهي، افغانستان جي عبوري حڪومت سان نتيجو ڏيندڙ ڳالهيون ڪرڻيون پونديون.
وزيراعظم چيو ته اسلامو فوبيا ۽ لسانيت خلاف آواز اٿارڻو پوندو، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جا ٺهراءَ مسئلن جي حل لاءِ مووجد آهن.
شهبازشريف چيو ته غزا ۾ اسرائيلي ظلم جاري آهن، فوري طور غزا ۾ غير مشروط جنگبندي ڪئي وڃي.
هن چيو ته پاڪستان هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ ايس سي او سربراهه حڪومت جي اجلاس جي ميزبناي ڪندو.
ان کان اڳ وزيراعظم شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آستانه ۾ انڊيپڊنس پيلس پهتو، جتي قازقستان جي صدر قاسم جومارت سندس آجيان ڪئي
پيپلزپارٽيءَ 5 جولاءِ تي جمهوريت مٿان راتاهو هڻن خلاف سنڌ ۾ ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان
پيپلزپارٽيءَ 5 جولاءِ تي جمهوريت مٿان راتاهو هڻن خلاف سنڌ ۾ ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته پيپلزپارٽيءَ طرفان 5 جولاءِ 1977ع تي آمر ضياءَ الحق طرفان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ خلاف جمعي تي سنڌ جي سمورن ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو.
هن چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت جو تسلسل ارڙهين ترميم ذريعي آئين مان ففٽي ايٽ ٽو بي جو خاتمي ذريعي جاري آهي.
نثار کهڙي چيو ته ارڙهين ترميم ذريعي 58 ٽوبي جو خاتمو ڪري جمهوري حڪمت کي گهر موڪلڻ وارو رستو سدائين لاءِ بند ڪيو ويو.
پ پ سنڌ جي صدر چيو ته ارڙهين ترميم آئين ٽوڙيندڙن کي آرٽيڪل 6 جو ڏوهي قرار ڏنو ويو.
نثار کهڙي چيو ته ملڪ جي سمورن مسئلن جو حل جمهوريت جي تسلسل ۽ پارليامينٽ توڙي آئين جي بالادستي ۾ آهي، سمورا ادارا پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪن……………..
سپريم ڪوٽ اليڪشن ٽربيونلز جي جوڙجڪ بابت لاهور هائيڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل
سپريم ڪوٽ اليڪشن ٽربيونلز جي جوڙجڪ بابت لاهور هائيڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ پنج رڪني بينچ لاهور هائيڪورٽ جي اليڪشن ٽربيونلز جي جوڙجڪ بابت فيصلي تي اليڪشن ڪميشن جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سڪندر بشير چيو ته نياز الله نيازي جنهن جو وڪيل آهي، هن ڌر بڻجڻ جي درخواست داخل ڪئي هئي، عدالت ڌر بڻجڻ جي اپيل منظور ڪئي هئي.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سلمان اڪرم کان سوال ڪيو ته ڇا اوهان مٿس اعتراض ڪيو هو؟ جنهن تي سلمان اڪرم جواب ڏنو ته هن پنهنجي ذاتي حيثيت ۾ اعتراض نه ڪيو هو.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته عدالت کي تمام گهڻو اسڪينڊلائز ڪيو ويو آهي، هاڻي گهڻو ٿي ويو، ڇو نه نياز الله نيازي جو ڪيس ڊسيپلينري ايڪشن لاءِ پاڪستان بار کي موڪليو وڃي؟.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته گذريل ٻڌڻي تي 2 رڪني بينچ جو سربراهه به هو ته پوءِ اعتراض ڇو نه ڪيو ويو؟ بينچ هاڻي هو اڪيلو نه پر سڄي ڪميٽي ٺاهيندي، جڏهن هڪ شخص بينچ ٺاهيندو هو ته ڪڏهن به ڪو اعتراض نه ڪيو ويو.
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ڪميٽي کين بينچ ۾ ويهاريو آهي، ڇا هو هتي بي عزتي ڪرڻ لاءِ ويٺا آهن؟ هو 3 ميمبر بعد ۾ بينچ ۾ شامل ٿيا، بظاهر اعتراض مٿس آهي جنهن تي نياز الله نيازي جواب ڏنو ته کين ڪو به اعتراض ناهي.
نياز الله نيازي چيو ته پهرين ٻڌڻي ۾ هو ڌر نه هئا، جيڪو شخص جيل ۾ آهي ان جو به اعتراض آهي، هو پنهنجي اصيل جي چوڻ تي اعتراض ڪري رهيو آهي.
چيف جسٽس چيو ته جنهن شخص جو ذڪر ڪري رهيا آهيو اهو جيل مان وڊيو لنڪ تي پيش ٿي چڪو آهي ۽ هن بينچ تي ڪو به اعتراض ناهي ڪيو.
چيف جسٽس چيو ته بينچ تي اعتراض اٿاري هيڊ لائين ٺاهڻ چاهيو ٿا، سپريم ڪورٽ کي اسڪينڊلائز ڪندڙ وڪيل جو لائسنس معطل ڪندا، ائين نٿو ٿي سگهي، جيڪو منهن ۾ اچي اهو چئي ڇڏيو، اوهان ماڻهو رڳو ڪيس خراب ڪرڻ چاهيو ٿا.
عدالت نياز الله نيازي جا اعتراض رد ڪندي ڪيس بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
عدالت ڪجهه دير بعد ئي فيصلو ٻڌائيندي اليڪشن ٽربيونل جي جوڙجڪ بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو.
عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته لاهور هائيڪورٽ جي چيف جسٽس جي قسم کڻڻ جي فوري بعد اليڪشن ڪميشن ۽ ميمبر چيف جسٽس سان بامقصد مشاورت ڪن.
عدالتي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪيس دير جو شڪار ڪيو ويو آهي، اليڪشن ڪميشن ۽ لاهور هائيڪورٽ جي چيف جسٽس وچ ۾ رابطو ناهي ٿيو، سپريم ڪورٽ معاملو هائيڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ اليڪشن ڪميشن جي صلاح مشوري تي ڇڏي ڏنو.
قانون ٽوڙيندڙ ڪو به گروپ بچي نه سگهندو: مريم نواز
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته قانون ٽوڙيندڙ ڪو به گروپ بچي نه سگهندو، سوات ۾ توهين مذهب جي الزام کانپوءِ ٿيل واقعي تي سڀني کي ڳڻتي آهي، 2018ع ۾ سياسي پوائنٽ اسڪورنگ تحت مٿن تنقيد ڪئي وئي، هڪ سياسي پارٽي ڪجهه ماڻهن کي استعمال ڪري الزام هنيا.
لاهور ۾ اتحاد بين المسلمين ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته سوات ۾ جيڪو واقعو ٿيو، سڀني کي ڳڻتي آهي.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪو ٽولو قانون کي پنهنجي هٿ ۾ کڻندو ته ڪير به نه بچندو.
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته سندس تعلق هڪ مذهبي گهراڻي سان آهي، دين سان محبت سندس رت ۾ شامل آهي.
هن چيو ته 2018ع ۾ سياسي اسڪورنگ لاءِ کين نشانو بڻايو ويو، هنن ڳالهيون ۽ گاريون ٻڌيون، نواز شريف کي نشانو بڻايو ويو.
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته هڪ سياسي پارٽي ڪجهه ماڻهن جو استعمال ڪيو، کيس الزامن کي منهن ڏيڻو پيو.
برطانيا ۾ وقت کان عام چونڊن لاءِ ووٽنگ ٿي رهي آهي
برطانوي عام چونڊن ۾ پولنگ مقامي وقت موجب صبح ستين وڳي کان رات ڏهين وڳي تائين ٿيندي جيڪا پاڪستاني وقت موجب صبح يارهين وڳي کان رات ٻئي وڳي تائين جاري رهندي.
برطانوي ميڊيا موجب، ووٽنگ ختم ٿيڻ بعد ايگزٽ پول جو سلسلو شروع ٿي ويندو ۽ پولنگ ختم ٿيڻ بعد ڪجهه ڪلاڪن بعد نتيجا اچڻ شروع ٿي ويندا.
برطانوي ميڊيا جو چوڻ آهي ته برطانيه ۾ جمعي جي صبح تائين اڪثر تڪن جا نتيجا اچي ويندا.
برطانوي ميڊيا موجب، عالم چونڊن لاءِ برطانويا کي 650 تڪن ۾ ورهايو ويو، اڪثريت لاءِ ڪنهن به سياسي پارٽي کي 326 سيٽون حاصل ڪرڻيون پونديون















