تازه ترين
Home Blog Page 594

تنقيد ڪندڙن سنڌ ڏٺي ئي ناهي، مختلف ضلعن ۾ اين آءِ سي وي ڊي جا يونٽ قائم ڪيا ويا آهن؛ مراد علي شاهه

0
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته  تنقيد ڪندڙن سنڌ ڏٺي ئي ناهي، مختلف ضلعن ۾ اين آءِ سي وي ڊي جا يونٽ قائم ڪيا ويا آهن، امن امان قائم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڌاڙيلن جو گهيرو تنگ ڪيو ويو آهي، آخري ڌاڙيل جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو، ٿر جي ڪوئلي پاڪستان جي قسمت تبديل ڪري ڇڏي آهي، ٿر ڪول مان 20 لک ٽن کان وڌيڪ ڪوئلو ڪڍيو ويو آهي، ڪنهن ٻئي صوبي ۾ ڪوئلي جي ايڏي وڏي کوٽائي جو ڪم نه ٿيو آهي. ڪراچي ۾ ڊويزن سنڌ پروگرام جي مهورتي تقريب ۾ بريفنگ ڏيندي مراد علي شاهه چيو ته هو سنڌ ۾ ڪيل ترقياتي ڪم سڀني کي ڏيکارڻ چاهن ٿا، جيڪو ڪم ڪري رهيا آهن اهو سڄي سنڌ کي ڪور ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته تنقيد ڪندڙن سنڌ ڏٺي ئي ناهي، مختلف ضلعن ۾ اين آءِ سي وي ڊي جا يونٽ قائم ڪيا ويا آهن. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته امن امان قائم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڌاڙيلن جو گهيرو تنگ ڪيو ويو آهي، آخري ڌاڙيل جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو. هن چيو ته توانائي جي شعبي ۾ سندن پارٽنرشپ سڄي پاڪستان لاءِ سٺي رهي آهي، ٿر سڄي پاڪستان جي تقدير بدلائي ڇڏيندو، هنن نعرو هنيو هو ته ٿر بدلائيندو پاڪستان. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته صدر زرداري 2008ع کانپوءِ ٿر تي ٻيهر ڪم شروع ڪيو، 2019ع ۾ ٿر پاڪستان جي تقدير بدلائڻ شروع ڪري ڇڏي، مائننگ جو ڪم رڳو سنڌ صوبو ڪري رهيو آهي، ڪو ٻيو صوبو ناهي ڪري رهيو. سندس چوڻ هو ته سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني بلاڪ ٽو جي مائننگ پراجيڪٽ جو ڪم ڪري رهي آهي، بلاڪ ٽو جي فيز ون ۾ 10 جولاءِ 2019 تي سي او ڊي حاصل ڪئي وئي، جنهن جي لاڳت 62 ڏهائي 7 ملين ڊالر آهي، هتان هر سال 3.8 ملين ايم ٽي پي اي ڪوئلو نڪرندو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هن وقت تائين 20 لک ٽن کان وڌيڪ ڪوئلو ڪڍيو ويو آهي، ٻئي مرحلي ۾ 31 ڊسمبر 2019 تي ايف سي حاصل ڪيو، جنهن جي شروعاتي لاڳت 23 ڏهائي 5 ڪروڙ ڊالر آهي جڏهن ته ٽوٽل لاڳت 86 ڏهائي 2 ڪروڙ ڊالر آهي، هتان وڌيڪ هر سال 3.8 ايم ٽي پي اي ڪوئلو نڪرندو. مراد علي شاهه چيو ته 18 ايگزيڪيوٽرز ۽ 130 ڊمپ ٽرڪ ذريعي ڪوئلو ڪڍيو پيو وڃي، سائنو سنڌ سيسورسز بلاڪ ون مائننگ پراجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيو آهي، هي سي پيڪ پراجيڪٽ آهي، جنهن جو ايف سي 31 ڊسمبر 2019ع تي حاصل ٿيو، ٿر ڪول بلاڪ ون مائننگ پراجيڪٽ جي لاڳت هڪ ڏهائي 17 ارب ڊالر آهي، هر سال 7.8 ايم ٽي پي اي ڪوئلو حاصل ڪيو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ٺٽي، سجاول ۽ بدين جا ماڻهو هتي ويٺا آهن، مائننگ ڪئي ۽ ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ٿر فائونڊيشن ٺاهي، ٿر جي پهرين عورت انجنيئر هن منصوبي تي ڪم ڪري رهي آهي، پاڪستان ۾ ڪٿي به اهڙيون وڏيون ٽرڪون نه آهن، ٿر منصوبي تي ٽرڪ مقامي عورتون هلائينديون آهن، عورتون ٿر منصوبي تي آر او پلانٽ آپريٽر آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ٿر فائونڊيشن سان گڏجي هڪ اسپتال به ٺاهي آهي، ٿر بلاڪ ٽو ۾ رهندڙ هر ماڻهو ۽ خاندان شيئر هولڊر آهي، ٿر ۾ ٽيڪنيڪل تعليم شروع ڪئي، يونيورسٽي به ٺاهي رهيا آهن. مراد علي شاهه چيو ته هو ٿر ۾ ساڍا ست لک وڻ لڳائي چڪا آهن، ٿر جي ريگستان ۾ فشنگ به ٿي رهي آهي، ٿر بلاڪ ون مان هلڪ هزار 320 ميگا واٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي، ٿر ۾ 2 ڳوٺ ٺاهيا آهن، جتي مسلمانن لاءِ مسجد ۽ هندو برادريءَ لاءِ مندر آهي، هو ٿر ۾ گرين انرجي پيدا ڪري رهيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته نوري آباد کان ڪراچي تائين پاور لائين لڳائي، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي نوري آباد ۾ پاور پلانٽ لڳايو، نوري آباد پاور پلانٽ ڪراچي کي 100 ميگاواٽ بجلي فراهم ڪري رهيو آهي، هن پراجيڪٽ لاءِ کيس ڪيترائي ڀيرا اسلام آباد وڃڻو پيو. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ماڻهو سمجهن ٿا ته پيپلز پارٽي هر ڀيري وڌيڪ سيٽون کڻي ٿي، سبب ڇا آهي، سنڌ ۾ ترقي ڏني ان لاءِ عوام ووٽ ڏنا، پنهنجي قيادت جي ويزن کي سامهون رکي عوام جي خدمت ڪئي، آبپاشي سندن لائف لائن آهي، ايريگيشن ڊپارٽمينٽ تي وڏو ڪم ڪيو آهي

سنڌ حڪومت طرفان پريميئم نمبر پليٽس جاري ڪرڻ لاءِ خاص آفيس قائم ڪرڻ جو فيصلو

0
سنڌ حڪومت پريميئم نمبر پليٽس جاري ڪرڻ لاءِ خاص آفيسون قائم ڪرڻ ۽ عوام کي گهر ويٺي نمبر پليٽس جي فراهمي جو نظام متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ايڪسائيز سيڪريٽري سليم راجپوت، ڊي جي ايڪسائيز، ڊي جي نارڪو ٽيڪس ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪراچي جي ڏکڻ ضلعي ۾ موٽر رجسٽريشن جي آفيس ٺاهڻ ۽ شام جي وقت به ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پريميئم نمبر پليٽس جاري ڪرڻ جو پهريون مرحلو ڪامياب رهيو، عوام طرفان ڀرپور موٽ ملي، پريميئم نمبر پليٽس جي نيلامي جو ٻيو مرحلو به جلد شروع ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته رجسٽريشن جي طريقيڪار کي وڌيڪ آسان بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهن، سنڌ حڪومت جو عزم آهي ته عوام کي ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پئي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عوام کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ سندن فرض ۽ ذميواري آهي، هو ايڪسائيز کاتي کي ڪارپوريٽ طريقي سان هلائڻ جو خواهشمند آهن.

خانپور مهر واسي اغوا ٿيل ٻن ڀائرن سميت ٽن ڄڻن مٿان تشدد واري ويڊيو وائرل

0
خانپور مهر واسي اغوا ٿيل ٻن ڀائرن سميت ٽن نوجوانن مٿان تشدد ڪرڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. ڌاڙيلن نوجوان جاويد گبول، خالد  ۽ فرمان گبول مٿان وحشياڻو تشدد ڪرڻ واري وڊيو وارثن ڏانهن اماڻي ڇڏي. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ٽنهي نوجوانن کي زنجيرن سان ٻڌي مٿن وحشياڻو تشدد ڪيو پيو وڃي. وڊيو ۾ تشدد دوران ٽئي نوجوان دانهون ڪندي وارثن کي ڀنگ جي رقم ڏئي بازياب ڪرائڻ لاءِ منٿون ڪري رهيا آهن. واضح رهي ته ڌاڙيلن ٽنهي نوجوانن کي ٽڪ ٽاڪر بڻجي شڪارپور گهرائي کين اغوا ڪري وارثن کان 50 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو هو.

غوثپور ويجهو شهيد ٿيل ٻن اهلڪارن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري ۽ ٽن مغوين جي بازيابي لاءِ ڪشمور پوليس پاران آپريشن جاري

0
غوثپور ويجهو شهيد ٿيل ٻن اهلڪارن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري ۽ ٽن مغوين جي بازيابي لاءِ ڪشمور پوليس پاران آپريشن جاري آهي. مختلف ٿاڻن جي پوليس پاران  بدنام ڏوھاري امدو ڀيو ۽ ڀيا گينگ خلاف دراني مھر جي ڪچي واري علائقي ۾ ڪاروائي ڪئي وئي. ڏوھارين ۽ پوليس وچ ۾ وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو جاري آهي. پوليس پاران ڌاڙيل امداد ڀيو سميت ٽن ڏوھارين کي  زخمي ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته  ڏوھارين جي ٽن مورچن تي قبضو ڪري سندن ٿاڪن کي باھيون ڏئي ساڙيو ويو آھي. ايس ايس پي بشير بروهي  جو چوڻ آھي ته ٻن پوليس اھلڪارن جي قتل ۽ ٽن ھندو نوجوانن جي اغوا ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ  آپريشن جاري رھندو. پوليس ۽ ڏوھارين وچ ۾ ھلندڙ فائرنگ دوران  گولي لڳڻ سبب عورت  صدوري خاتون مارجي وئي.

30کان وڌيڪ انساني جانيون ڳڙڪائيندڙ ساوند سندراڻي تڪرار جو نبيرو اڄ ٿيندو

0
30کان وڌيڪ انساني جانيون ڳڙڪائيندڙ ساوند سندراڻي تڪرار جو نبيرو اڄ ٿيندو. تڪرار جو نبيرو خانڳڙهه پيلس تي علي گوهر مهر جي سرپئنچي هيٺ ٿيندو. نبيري ۾ ايم پي اي عابد سندراڻي، ڊاڪٽر علي نواز ساوند، ڊاڪٽر طارق ساوند ۽ ٻيا شرڪت ڪندا. واضح رهي ته 2 سال اڳ ساوند ۽ سندراڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ڪارنهن معاملي تان شروع ٿيل تڪرار ۾ مجموعي طور 30 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن.

چمبڙ ڀرسان 8 ورھين جي نينگر سان مبينا زيادتي بعد ويڊيو رڪارڊ ڪرڻ جو انڪشاف

0
چمبڙ ڀرسان 8 ورھين جي نينگر سان مبينا زيادتي بعد ويڊيو رڪارڊ ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آھي، پوليس هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. يوسي نصير خان لغاري ۾ 8 ورھين جي ساجد علي پٽ شاھنواز سومرو کي ٻن جوابدارن مبينا طور زيادتي جو نشانو بڻايو. چمبڙ پوليس زيادتي جو نشانو بڻيل نينگر کي ليٽر ڏئي اسپتال روانو ڪيو جتان کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد اسپتال ريفر ڪيوويو.   پوليس ڳوٺ نصير خان لغاري ۾ چڙهائي ڪري الزام هيٺ آيل هڪ ڄڻي شھزاد شيخ کي گرفتار ڪري ورتو جڏھن ٻيو جوابدار ڪامران لغاري فرار ٿي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته فرار ٿيل جوابدار جي گرفتاري لا چاپا ھڻي رھيا آھن. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ناھي ٿي سگهيو پوليس موجب،  جئين وارث ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو .

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي، هنڊريڊ انڊيڪس نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو

0
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي، هنڊريڊ انڊيڪس نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو. ڪاروباري هفتي جي ڇوٿين ڏينهن به پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي ڏسڻ ۾ آئي. ڪي ايس اي هنڊريڊ انڊيڪس ۾ 631 پوائنٽس جو اضافو ٿيو. 631 پوائنٽس جي اضافي بعد هنڊريڊ انڊيڪس 80 هزار 865 پوائنٽس جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو. اربع ڏينهن به پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رڪارڊ تيزي ڏٺي وئي جڏهن انڊيڪس نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو هو.

وفاقي ڪابينا بجليءَ جي بنيادي اگهن ۾ اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي

0
وفاقي ڪابينا بجليءَ جي بنيادي اگهن ۾ اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي، وفاقي ڪابينا سرڪيوليشن سمري ذريعي بجليءَ جي بنيادي اگهن ۾ منظوري ڏني، نيپرا جي منظوري کانپوءِ حڪومت بجلي جي بنيادي اگهه ۾ اضافي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي، آءِ ايم ايف جي شرط تحت وفاقي سرڪار کي 10 جولاءِ تائين بنيادي اگهن ۾ اضافو ڪرڻو پوندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جي هڪ ٻي وڏي شرط تي عمل ڪندي وفاقي ڪابينا بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي. ذريعن موجب، نيپرا بجلي جي بنيادي اگهن ۾ 5 ڏهائي 27 رپيا اضافي جو فيصلو حڪومت کي اماڻيو هو، نيپرا بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ اضافي جو فيصلو مالي سال 25-2024ع لاءِ ڏنو هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته نيپرا بجلي جي اگهه ۾ اضافو پهرين جولاءِ 2024ع کان ڪرڻ جو فيصلو ڏنو هو، نيپرا بجلي جي بنيادي ٽيرف 29 ڏهائي 78 مان وڌائي 35 ڏهائي 50 رپيا في يونٽ منظور ڪيو آهي. ذريعن موجب، نيپرا جي منظوري بعد حڪومت بجلي جي بنيادي اگهن ۾ اضافي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جي شرطن تحت وفاقي حڪومت کي 10 جولاءِ تائين بنيادي ٽيرف ۾ اضافو ڪرڻو پوندو.

وزيراعظم شهباز شريف افغانستان کان دهشتگردن خلاف ڪارروائيءَ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

0
وزيراعظم شهباز شريف افغانستان کان دهشتگردن خلاف ڪارروائيءَ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته افغان ڌرتي دهشتگردي لاءِ استعمال ٿي رهي آهي، افغان حڪومت کي دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي، مسئلن جي حل لاءِ افغان عبوري حڪومت کي نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون ڪرڻيون پونديون، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن تي عمل يقيني بڻائڻو آهي. آستانه ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت فخر جوڳي ڳالهه آهي، ايس سي او جي چيئرمين طور قازقستان اهم ڪردار ادا ڪيو. سندس چوڻ هو ته شنگهائي سهڪار تنظيم خطي جي عوام جي سماجي ۽ معاشي ترقي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، سندن چئلينجز گڏيل آهن، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي، ايس سي او ترقياتي منصوبن لاءِ متبادل فنڊنگ جو طريقيڪار واضح ڪري. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته خطي ۾ امن سلامتي لاءِ شنگهائي سهڪار تنظيم جو ڪردار اهم آهي، خطي جي روشن مستقبل لاءِ جاگرافياتي ۽ سياسي ڇڪتاڻ کان پاڻ کي آزاد ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان واپار لاءِ اهم آهي، سي پيڪ ذريعي ترقي ۽ خوشحالي منزل ماڻهن طرف هلي رهيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته افغان ڌرتي دهشتگردي لاءِ استعمال ٿي رهي آهي، افغان حڪومت کي دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي، مسئلن جي حل لاءِ افغان عبوري حڪومت کي نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون ڪرڻيون پونديون، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن تي عمل يقيني بڻائڻو آهي. ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آستانگ ۾ انڊيپينڊينس پيلس پهتو جتي قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪائيوف، سندس آڌرڀاءُ ڪيو.

سامونڊي فوج پاران زمين کان هوا ۾ مار ڪندڙ ميزائل جي فائرنگ جو مظاهرو

0
سامونڊي فوج  طرفان زمين کان هوا ۾ مار ڪندڙ ميزائلن جي ڪامياب فائرنگ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته سامونڊي فوج جي گرائونڊ بيسڊ ايئر ڊفينس سسٽم ايف اين سڪس ميزائيلن جي فائزرنگ جو مظاهرو ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب ڪمانڊر ڪوسٽ وائس ايڊمرل  راجا ربنواز تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. لائيو ويپن فائرنگ دوران سامونڊي فوج جي گرائونڊ بيسڊ سسٽم هوائي حدفن کي ڪاميابيءَ سان نشانو بڻايو. آءِ ايس پي آر موجب ڪمانڊر ڪوسٽ گارڊ فارئنگ تي سامونڊي فوج جي گرائونڊ بيسڊ ايئر ڊفينس سسٽم جي آپريشنل تياريءَ تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو. سامونڊي فوج دشمن جي ڪنهن به اڳرائيءَ جو جواب ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي.
Exit mobile version