تازه ترين
Home Blog Page 592

5 جولاءِ ملڪي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، هڪ آمر چونڊيل وزيراعظم جي حڪومت تي راتاهو هنيو: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري

0
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 5 جولاءِ ملڪي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، هڪ آمر چونڊيل وزيراعظم جي حڪومت تي راتاهو هنيو، شهيد ڀٽو جي چونڊيل حڪومت ڪيرائڻ جي ملڪ وڏي قيمت ادا ڪئي، ايترا ظلم برداشت ڪرڻ باوجود ڪجهه ماڻهو اڃا تائين آمريت جا حامي آهن، آمريت جا حامي ماڻهو جمهوريت کي نقصان پهچائڻ لاءِ هر وقت تيار هوندا آهن، ملڪ ۾ جمهوريت پ پ قيادت ۽ ڪارڪنن جي قربانين جي ڪري آهي. 5 جولاءِ سانحي بابت پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن چيو ته هن ڪاري ڏينهن قوم کي انتهاپسندي، دهشتگردي، ڪلاشنڪوف ۽ منشيات جي مسئلن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو، هن ڪاري ڏينهن ملڪ کي اهڙن مسئلن جي منهن ۾ آڻي ڇڏيو، جن سان هو اڄ به منهن ڏئي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته بيشمار مصيبتون برداشت ڪرڻ باوجود سندن وچ ۾ اڃا به ڪجه ماڻهو آمريت جي حمايت ڪن ٿا، اهي ماڻهو جمهوريت کي نقصان پهچائڻ لاءِ هر وقت تيار رهندا آهن. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جنرل ضياءَ جمهوريت پسندن، لبرلز ۽ محب وطن ماڻهن خلاف بربريت کي بي لغام ڪري رکيو هو، جمهوريت پسندن کي جيلن ۾ وڌو ويو، ڪوڙا هنيا ويا ۽ جلاوطن ڪرڻ کانسواءِ ڦاهي تي چاڙهيو ويو، اڄ جا نوجوان ضياءَ جي دور ۾ جيالن کي جن حالتن کي منهن ڏيڻو پيو، ان جو تصور به نٿا ڪري سگهن. پ پ چيئرمين چيو ته ڪريل انتقامي ڪاررواين ۽ آمراڻي حڪومت جي دهشتگردي باوجود پاڪستاني عوام ۽ جيالن جو عزم ۽ جذبو غير متزلزل رهيو، جيالن ثابت قدم رهيا ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ اٽل ارادن ۽ حوصلي سان وڙهندا رهيا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ ملڪ ۾ جمهوريت پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ ڪارڪنن جي قربانين سبب قائم آهي، اڄ قوم جمهوريت خاطر بيمثال تڪليفون برداشت ڪندڙن جي قربانين کي ياد ڪري ٿي

برطانوي عام چونڊن ۾ 14 سالن کانپوءِ ليبر پارٽي اڪثريت سان ميدان ماري ورتو

0
برطانيا ۾ وقت کان اڳ عام چونڊن ۾  14 سالن کانپوءِ ليبر پارٽي اڪثريت سان ميدان ماري ورتو، حڪمران ڌر ڪنزرويٽو پارٽي کي بدترين شڪست بعد وزيراعظم رشي سوناڪ شڪست قبول ڪري ورتي، جنهن کانپوءِ سر ڪئير اسٽارمر برطانيا جو نئون وزيراعظم هوندو. برطانيه ۾ عام چونڊن جي نتيجن اچڻ جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته 650 مان 644 سيٽن جا نتيجا پڌرا ٿيا آهن جنهن ۾ ليبر پارٽي 410 سيٽون کڻي سڀني کان اڳتي آهي. ڪنزرويٽو 120، ليبرل ڊيموڪريٽس 71، ريفارم پارٽي 9 سيٽون ۽ ٻين پارٽين 35 سيٽون حاصل ڪري ورتيون. حڪومت ٺاهڻ لاءِ پارليامينٽ جي 650 سيٽن مان 326 سيٽون گهربل هونديون آهن جڏهن ته ليبر پارٽي حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي وئي آهي. بريڊ فورڊ ويسٽ مان ليبر اڳواڻ پاڪستاني ڄائي ناز شاهه ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته پاڪستان ڄائي ليبر ميمبر ياسمين قريشي ٽيون ڀيرو پنهنجي سيٽن جو بچاءَ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي. ليبر پارٽي جي نوشابه خان، ڪنزرويٽو پارٽي جي اميدوار کي شڪست ڏئي ڇڏي جڏهن ته اڳوڻو ليبر اڳواڻ جيريمي ڪاربن به آئلنگٽن جي سيٽ تان آزاد اميدوار جي حيثيت ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. برطانوي وزيراعظم رشي سونڪ چونڊن ۾ شڪست تسليم ڪندي چيو آهي ته سندس مخالف ڌر پارٽي ليبر پارٽي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، هن سر ڪئير اسٽارمر کي ڪاميابي تي مبارڪ به ڏني. رشي سونڪ پنهنجي حامين کي خطاب ڪندي چيو ته ليبر پارٽي عام چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي آهي، هو سر ڪئير اسٽارمر کي سندس سوڀ تي مبارڪ ڏيڻ لاءِ فون ڪئي، اڄ اقتدار جي منظم انداز ۾ منتقلي ٿيندي. ليبر پارٽي جي سربراهه سر ڪئير اسٽارمر چونڊن ۾ ڪاميابي بعد پنهنجي سپورٽرن کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جي عوام تبديلي جو ووٽ ڏنو، عوام فيصلو ٻڌائي ڇڏيو ته هو تبديلي لاءِ تيار آهن، وڏي مينڊيٽ سان گڏ عوام وڏي ذميواري به ڏني آهي، برطانوي عوام جي خدمت ڪندا.

شرجيل ميمڻ جي هدايتن تي ڪراچي جي ايندڙ ويندڙ رستن تي چيڪ پوسٽون ٺاهڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو

0
سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي هدايتن تي ڪراچي جي ايندڙ ويندڙ رستن تي چيڪ پوسٽون ٺاهڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو، سندس چوڻ آهي ته چيڪ پوسٽن جو مقصد منشيات سمگلنگ روڪڻ جو نظام بهتر بڻائڻ آهي، منشيات خلاف ڪاررواين لاءِ نارڪو ٽيڪس ونگ کي مضبوط بڻائڻ سنڌ حڪومت جو عزم آهي. سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي هدايتن تي ڪراچي جي ايندڙ ويندڙ رستن تي چيڪ پوسٽون ٺاهڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو. ايڪسائيز نارڪو ٽيڪس ڪنٽرول جي وڏي نفري اڄ کان مختلف هنڌن تي اسنيپ چيڪنگ شروع ڪندي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته چيڪ پوسٽن جو مقصد منشيات سمگلنگ روڪڻ جو نظام بهتر بڻائڻ آهي. سندس چوڻ هو ته مختلف اسٽريٽجڪ هنڌن تي نفري جي مقرري فوري طور اثر انداز ٿيندي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو ته منشيات خلاف ڪاررواين لاءِ نارڪو ٽيڪس ونگ کي مضبوط بڻائڻ سنڌ حڪومت جو عزم آهي.

خانپور مهر ويجهو هٿياربند پوليس پڪٽ تي حملو ڪري ٻن اهلڪارن کي يرغمال بڻائڻ بعد سرڪاري هٿيار ڦر ڪري ويا

0
خانپور مهر ويجهو هٿياربند پوليس پڪٽ تي حملو ڪري ٻن اهلڪارن کي يرغمال بڻائڻ بعد سرڪاري هٿيار ڦر ڪري ويا. ٽه مهي وٽ ڏوهارين پوليس پڪٽ تي حملو ڪري اهلڪار اخلاق گبول ۽ منير پتافي کي يرغمال بڻائي مٿن تشدد ڪيو. هٿياربند پوليس اهلڪار اخلاق گبول کان سرڪاري هٿيار ڦر ڪري فرار ٿي ويا. اطلاع ملڻ بعد پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي.

سکر بيراج جا دروازا ڪـِرڻ واري معاملي ۾ ڪوتاھي ڪرڻ تي ايريگيشن کاتي ايڪسين ۽ ايس ڊي او کي بدلي ڪري ڇڏيو

0
سکر بيراج جا دروازا ڪـِرڻ واري معاملي ۾ ڪوتاھي ڪرڻ تي ايريگيشن کاتي ايڪسين ۽ ايس ڊي او کي بدلي ڪري ڇڏيو ، ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف انجيئر ۽ اي سي سکر بئراج کي ھٽائڻ جو اصولي فيصلو ٿي چڪو آھي. سکر بيراج جا دروازا ڪرڻ واري معاملي ۾ ڪوتاھي ڪرڻ تي ايريگيشن کاتي ايڪسين ۽ ايس ڊي او کي بدلي ڪري ڇڏيو. آبپاشي کاتي جي صوبائي سيڪريٽري جي حڪم تي ايڪسين سيد علي شاھ ۽ ايس ڊي او امير بخش مھر کي عهدن تان ھٽائي ھيڊ ڪوارٽر رپورٽ ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. بدين مان بدلي ڪري فرحان وڳڻ کي سکر بئراج جو نئون انجنيئر ۽ عبدالصمد ڏهر کي نئون ايس ڊي او سکر بئراج مقرر ڪري نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو. سنڌ ٽي وي نيوز انوييسٽيگيشن جي ذريعن موجب صحافين سان جھيڙو ڪندڙ سکر بيراج جي اي سي فياض شاھ ۽ چيف انجنئر سھيل رند بلوچ کي بھ عھدن تان ھٽائڻ لاءِ سمري چيف سيڪريٽري ڏانھن منظوري لاءِ اماڻي وئي آھي…

پ پ ايم اين اي خالد لنڊ جو پٽ ۽ ميونسپل ڪميٽي ميرپور ماٿيلي جو چيئرمين شهباز لنڊ شهيد نصرالله گڏاڻي جي امڙ جي مطالبي تي معطل

0
پ پ ايم اين اي خالد لنڊ جي پٽ ۽ ميونسپل ڪميٽي ميرپور ماٿيلي جي چيئرمين شهباز لنڊ کي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي امڙ جي مطالبي تي معطل ڪيو ويو. شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي امڙ پٺاڻي جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ ملاقات  ٿي. نصرالله گڏاڻي جي امڙ  وڏي وزير مراد علي شاهه کي پٽ جي خون سان انصاف ڪرڻ جي اپيل ڪئي. شهيد نصرالله گڏاڻي  جي امڙ جي مطالبي تي ميونسپل ڪميٽي ميرپور ماٿيلي جي چيئرمين شهباز لنڊ کي هٽايو ويو. مڪاني کاتي طرفان ميرپور ماٿيلي جي چيئرمين شهباز لنڊ کي هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. هڪ ڏينهن اڳ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ قلم ڌڻين ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن سي ايم هائوس ڀرسان ڌرڻو هنيو هو. ڌرڻي دوران نصرالله گڏاڻي جي امڙ ايم اين اي خالد لنڊ ۽ شهباز لنڊ کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو هو.

ساوند ۽  سندراڻي تڪرار جو جرڳي ذريعي نبيرو ڪري ٻنهي ڌرين تي 6 ڪروڙ 36 لک ڏنڊ وڌو ويو

0
ساوند ۽  سندراڻي تڪرار جو جرڳي ذريعي نبيرو ڪري ٻنهي ڌرين تي 6 ڪروڙ 36 لک ڏنڊ وڌو ويو آهي. ساوند سندراڻي تڪرار جو نبيرو مهر سردار ۽ پ پ ايم اين اي  علي گوهر مهر جي ميزبانيءَ هيٺ گوهر پيلس خانڳڙهه ۾ ٿيو. جرڳي ۾ پ پ ايم اين اي سيد خورشيد شاهه، سردار عابد سندراڻي، ڊاڪتر علي نواز ساوند، ڊاڪٽر محمد طارق ساوند، محمد خان جوڻيجيَ، غوث بخش مهر، سردار جلال خان ڪلپر بگٽي، سردار محبوب بجاراڻي، مير شبير علي بجاراڻي، اصغر خان چاچڙ، مير احسان سندراڻي ۽ ٻنهي ڌرين جي چڱڻ مڙسن شرڪت ڪئي. جرڳي دوران ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد جرڳي امين فتويٰ پڙهي ٻڌائي، جنهن موجب ٻنهي ڌرين تي مجموعي  طور 6 ڪروڙ 36 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو. فتويٰ موجب سندراڻي برادريءَ تي ساوند برادريءَ جا تيرهن خون ثابت ٿيڻ 3 ڪروڙ 21 لک رپيا ۽ ساوند برادريءَ تي  سندراڻين جا 11 خون ثابت ٿيڻ تي 3 ڪروڙ 15 لک رپيا ڏنڊ وڌو ووي. تڪرار دوران مارجي ويل اجمل ساوند ۽ ايڊووڪيٽ نور الاهي سندراڻيءَ جي خون بها پنجوڻ تي هڪ هڪ ڪروڙ رپيا مقرر ڪئي وئي. ساوند برادريءَ 11 لک رپيا سندراڻين کي موقعي تي ادا ڪيا جڏهن ته سندراڻين 20 لک رپيا ادا ڪيا، رهيل رقم چئن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي. زخمي ڪريم بخش سندراڻيءَ پنهنجو 10 رپيا عيوضو ساوند برادريءَ کي بخشي ڇڏيو. فتويٰ موجب اڳرائي ڪندڙ ڌر تي 2 ڪروڙ ڏنڊ مقرر ڪيو ويو  آهي. نيبري بعد سردار علي گوهر مهر ۽ سيد خورشيد شاهه دعا گهرائي.

پنجاب ۾ محرم الحرام دوران سوشل ميڊيا تي پابندي جي سفارش رد

0
پنجاب ۾ محرم الحرام دوران سوشل ميڊيا تي پابندي جي سفارش رد، وفاقي سرڪار  موقف اختيار ڪيو آهي ته سوشل ميڊيا ايپلي ڪيشن بند نه ٿينديون،  محرم الحرام دوران سڪيورٽي فول پروف، وڌيڪ فعال ۽ مضبوط ڪئي وڃي

حڪومت ۽ پيٽروليم ڊيلرن ايسوسيئشن ۾ ڊيڊلاڪ برقرار

0
حڪومت ۽ پيٽروليم ڊيلرن ايسوسيئشن ۾ ڊيڊلاڪ برقرار، ڪراچي، لاهور سميت ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ پيٽرول پمپ بند، پيٽرول پمپن تي هڙتال جا بينر لڳايا ويا، اسلام آباد ۾ پيٽروليم ڊيلز ايسوسئيشن جي عهديدار جي وفات سبب هڙتال ملتوي، پمپ کليل رهندا، چيئرمين پيٽرول ڊيلرز ايسويئيشن عبدالسميع جو چوڻ آهي ته جيستائين حڪومت ٽيڪس واپس نه وٺندي، ڳالهيون نه ٿينديون، اوگرا پاران ڪمپنين کي پيٽرول پمپن تي پيٽروليم شين جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت، هڙتال واري اعلان بعد گذريل رات پيٽرول پمپن تي رش وڌي وئي

حڪومت طرفان آپريشن عزم استحڪام بابت سڀني ڌرين کي راضي ڪرڻ لاءِ آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائڻ جو فيصلو

0
وزيراعظم شهبازشريف آپريشن عزمِ استحڪام تي آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم شهبازشريف ڏيهه واپسيءَ تي آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائيندو، جنهن لاءِ ملڪ جي سمورين سياسي پارٽين کي دعوت ڏيندي ويندي. آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ وزيراعظم شهبازشريف آپريشن عزمِ استحڪام تي سمورين سياسي پارٽين کي اعتماد وٺندو. وزيراعظم جي ڏيهه واپسيءَ بعد سياسي پارٽين سان صلاح مشورو ڪري آل پارٽيز ڪانفرنس جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو. ڪجهه ڏينهن اڳ نيشنل ايڪشن پلان جي ايپڪس ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ آپريشن عزم استحڪام جي منظوري ڏني وئي هئي.
Exit mobile version