باجوڙ ۾ سڪيورٽي فورسز جو آپريشن، هڪ دهشتگرد مارجي ويو : آءِ ايس پي آر
قازقستان ۾ پاڪستان، ترڪي ۽ آذربائيجان وچ ۾ ٽه ڌري ڳالهين جو دور
قازقستان ۾ پاڪستان، ترڪي ۽ آذربائيجان وچ ۾ ٽه ڌري ڳالهين جو دور ٿيو.
وزيراعظم شهبازشريف ترڪ صدر رجب طيب اردگان ۽ آذربائيجان جي صدر الهام علي يوف سان گڏ ٽه ڌري اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
دنيا جي ٽن اهم ملڪن وچ ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون، ان کان ٽنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ڳالهين جو دور ٿي چڪو آهي.
اجلاس ۾ علائقائي ۽ عالمي امن ۽ خوشحالي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
وزيراعظم شهبازشريف جو چوڻ هو ته پاڪستان، ترڪي ۽ آذربائيجان سان پنهنجن لاڳاپن کي قدر جي نظر سان ڏسي ٿو.
شهبازشريف ٽنهي ملڪن وچ ۾ معيشت ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ تي زور ڀريو.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان، ترڪي ۽ آذربائيجان سان گڏ معيشت، توانائي، سياست، موسميات، ثقافت، تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ٽه ڌري سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي يقين رکي ٿو.
بلوچستان جي علائقي آوران ۾ 6 ٻارڙا نديءَ ۾ ٻڏي فوت
بلوچستان جي علائقي آوران ۾ 6 ٻارڙا نديءَ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا.
افسوسناڪ واقعو جل جهائو تعلقي ۾ پيش آيو، جتي 6 ٻارڙا گرميءَ جي شدت گهٽائڻ لاءِ سرمستاني بٽ نديءَ ۾ وهنجڻ لاءِ لٿا.
نديءَ ۾ لهندي ئي ڇهه ئي ٻارڙا ٻڏي فوت ٿي ويا، سندن تعلق هڪ ئي خاندان سان هو.
اطلاع ملڻ تي ليوز اهلڪارن ۽ مقامي ماڻهن ٻارن کي ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو، جتي سندن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي.
فوتي ٻارڙن جي عمر 5 کان 9 ورهين جي وچ ۾ آهي.
معصوم ٻارڙن جا مڙهه گهر آڻڻ تي ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته واقعي بعد علائقي ۾ سوڳ ڇانيل آهي
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بي آءِ ايس پي سينٽرن تي مستحق عورتن جي وظيفي جي رقم مان ڪتوتي جو سلسلو رڪجي نه سگهيو
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بي آءِ ايس پي سينٽرن تي مستحق عورتن جي وظيفي جي رقم مان ڪتوتي جو سلسلو رڪجي نه سگهيو آهي.
مٺيءَ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي مستحق عورتن لاءِ ايندڙ وظيفي واري قسط مان ڊوائيز مالڪن پاران ڪٽوتي ڪئي وئي.
سنڌ سمال انڊسٽري ڪالوني ۾ قائم سينٽر تي سهولتن جي اڻهوند سبب وظيفي جي رقم وٺڻ لاءِ آيل عورتون ڏکيائن کي منهن ڏيڻ تي مجبور ٿي ويون.
مستحق عورتن موجب في ڪارڊ تي 5 سئو کان هزار رپين تائين ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي.
عورتن ٻڌايو ته سينٽر تي پاڻي ۽ بجلي جي سهولت نه هجڻ ڪري پريشانين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.
هنن چيو ته رقم ڪٽوتي ڪندڙ ڊوائيز مالڪن خلاف ڪاروائي ڪري بند پيل ڊوائيز کولرايا وڃن.
اسلام ڪوٽ جي ھاءِ اسڪول ۾ قائم ڪيل سينٽر ۾ پيئڻ جي پاڻي سميت ٻيون سهولتون نه هجڻ سبب مستحق عورتون پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور ٿي ويون.
بي آءِ ايس پي سينٽر تي سهولتن جي اڻهوند بابت اسسٽنٽ ڪمشنر توڙي ٽائون انتظاميه تحرڪ نه ورتو.
سينٽر تي موجود عورتن دانهيو ته صبح کان وٺي قطار ۾ بيٺل آھن، پر ڊوائز وارا چون ٿا انٽرنيٽ نٿو ھلي، ڄاڻي واڻي پريشان ڪيو پيو وڃي.
ٺاروشاھ ۾ بينظيـر انڪم سپورٽ پـروگرام جـي آيـل قسط ٽائون ڪـاميٽي ۾ ٻئي ڏينهن به ڊوائيس نه هلڻ سبب مستحق عورتون سخـت گرمـي ۾ دربدر ٿي ويون.
سھولتـن جي کوٽ، ٿڌو پاڻي ۽ بجلي جو بندوبست نـ ھئڻ ڪـري ڪيـتريـون ئـي عـورتون بيھـوش ٿـي ويـون.
عورتن ڀاڳل تيوڻو، مسمات سوني ابڙو، عنايت خاتون ۽ ٻين چـيو تـ قائم ڪيئمپ ۾ ڪـا بـ سھولت نه ھئڻ ڪـري پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبـور آھن.
ھنن چيو ته پوليس وارا زبردستي کين ٻاهر ڪڍن ٿا، سينٽر اندرڪيترائي ٻاهريان ماڻھو غير قانوني طور اچن ٿا، انهن کي ڪير به روڪڻ وارو نه آھي، سخت گرمي ۽ پيهه سبب ڪيتريون ئي پيرسن عورتون بيھوش ٿي ويون آھن.
عورتن مطالبو ڪندي چيو تـ فوري طور سھولتن جـي کوٽ پوري ڪـري پريشانين کان بچايو وڃي.
ڪنري جي بي آءِ ايس پي سينٽر تي مستحق عورتن کي وظيفي جي رقم نه ملي سگهي، جنهن ڪري ڏورانهن علائقن کان آيل عورتون پريشان ٿي ويون.
عورتن جو چوڻ هو ته ٻن ڏينھن کان پئسا وٺڻ اچن پيون پر رقم نٿي ملي.
هنن چيو ته انتظاميه کائن ڪارڊ وٺي پاڻ وٽ رکي ڇڏيا آھن، ٽوڪن سسٽم جو جواز ڄاڻائي بنا جواز پريشان ڪيو پيو وڃي.
سندن چوڻ هو ته سينٽر تي ڪابه سهولت ناهي، پري پري جي علائقن مان معصوم ٻارن سميت ايندڙ عورتون سخت عذاب ڀوڳي رهيون آهن، فوري طور نوٽيس وٺي رقم جي ورڇ بھتر نموني شروع ڪئي وڃي.
بي آءِ ايس پي انچارج موجب پاليسي تحت ٽوڪن سسٽم رکيو ويو آھي، کين ٽوڪن ذريعي رقم ڏيڻي آھي.
مديجي ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي لڳل ڪئمپ تي مستحق عورتن کان ڪٽوتي ڪئي وئي.
گورنمينٽ گرلز اسڪول ۾ قائم بي آءِ ايس پي ڪئمپ تي مستحق عورتن جي رقم مان ڊوائيز هولڊر، مدئجي پوليس ۽ ڪئمپ انچارج جي ملي ڀڳت سبب 15 سئو کان 2 هزار روپيه ڪٽوتي ڪئي وئي.
ڪئمپ تي آيل مستعق عورتن ٻڌايو ٽوڪن بهاني ڊوائيس هولڊر ۽ ايجنٽ 15 سو کان 2 هزار ڪٽوتي ڪري پئسا ڪڍي رهيا آھن، معاملي جو نوٽيس وٺي ڪارروائي ڪئي وڃي..
عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف حڪومت کان بجلي اگهن ۾ وڌيڪ 5 رپيا في يونٽ اضافي جو مطالبو ڪيو
عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف حڪومت کان بجلي اگهن ۾ وڌيڪ 5 رپيا في يونٽ اضافي جو مطالبو ڪيو آهي.
ذريعن موجب بجلي اگهن ۾ اضافي جي تجيوز پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ٿيل تازي ورچوئل را بطي ۾ ڏني وئي.
پاڪستاني اختيارين آءِ ايم ايف کي ورچوئل اجلاس دوران بجيٽ جي ڏکين فيصلن بابت آگاهه ڪيو ۽ آءِ ايم ايف کي گيس جي اگهن ۾ اضافي لاءِ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني.
ذريعن موجب آءِ ايم ايف 10 جولاءِ کان اڳ 5 رپيا في يونٽ بجلي مهانگي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ بجيٽ ۾ سخت معاشي فيصلن ۽ گيس مهانگي ڪرڻ وارن قدمن جي ساراهه ڪئي.
آءِ ايم ايف معيشت جي بهتريءَ لاءِ هيل تائين ڪيل قدمن تي به اطمينان جو به اظهار ڪيو، آءِ ايم ايف سان نئين قرض پروگرام جو معاهدو هلندڙ مهيني طئه ٿيڻ جو امڪان آهي.
نئين قرض پروگرام تي اسٽال سطح تي ڳالهيون مئي ۾ ٿي چڪيون آهن، حڪومت مئي کان هيل تائين اڪثر حدف حاصل ڪري ورتا آهن
اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ زبردست تي تيزي آئي، هنڊريڊ انڊيڪس 80 هزار جي بلند ترين سطح پار ڪري وئي
اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ زبردست تي تيزي آئي، هنڊريڊ انڊيڪس 80 هزار جي بلند ترين سطح پار ڪري وئي.
ڪاروباري هفتي جي ٽئين ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هاڪاري لاڙو نظر آيو.
هنڊريڊ انڊيڪس ۾ 680 پوائنٽن جو اضافو ٿيو، جنهن بعد 80 هزار 233 پوائنٽن تي بند ٿي.
گذريل ڪاروباري هفتي جي ٻئي ڏينهن ٽريڊنگ دوران اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 728 پوائنٽن جو اضافو ڏٺو ويو، جنهن بعد هنڊريڊ انڊيڪس 79 هزار 552 پوائنٽن تي بند ٿي هئي………..
وزيراعظم شهباز شريف، تاجڪستان جو دورو مڪمل ڪري قازقستان جي شهر آستانه پهچي ويو
وزيراعظم شهباز شريف، تاجڪستان جو دورو مڪمل ڪري قازقستان جي شهر آستانه پهچي ويو.
ايئرپورٽ پهچڻ تي قازقستان جي وزيراعظم ، شهباز شريف جي آجيان ڪئي.
وزيراعظم آستانه ۾ شنگهائي سهڪاري تنظيم جي اجلاس کي خطاب ڪندو.
تاجڪستان کان روانگي کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف تاجڪستان جي وزيراعظم سان ملاقات ڪري گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
شهباز شريف تاجڪ پارليامينٽ جي هيٺين ايوان جي چيئرمين سان به ملاقات ڪئي.
امن تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا امن امان قائم ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪن: صدر آصف علي زرداري
صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته امن تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا امن امان قائم ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪن.
صدر آصف زرداري سان صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار اهم ملاقات ڪئي.
ملاقات ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
گهرو وزير پاران صدر آصف زرداري کي ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم بابت بريفنگ ڏني وئي.
ضياءُ الحسن لنجار پاران سنڌ جي مجموعي صورتحال ۽ آپريشن تي به بريفنگ ڏني وئي.
صدر آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته امن تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا امن امان جي قيام لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪن.
گهرو وزير ضياءَ لنجار جو چوڻ هو ته صدر جي صدارت هيٺ امن امان بابت جلد هڪ ٻيو اجلاس ٿيندو، صدر زرداري امن، استحڪام ۽ ترقي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي……
سمورين يو سيز ۽ ٽائونن جي آبادي، گهرن جي ميپنگ ٿيڻ گهرجي، يوسيز ۽ ٽائون سطح تي به ڪچن ۽ پڪن گهرن جي ڊيٽا گهرجي: سيد مراد علي شاهه
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ پاڪستان شماريات بيورو جو اجلاس ٿيو.
سمورين يوسيز ۽ ٽائونن جي ڊيٽا شماريات بيورو کي فراهم ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي آهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته سمورين يو سيز ۽ ٽائونن جي آبادي، گهرن جي ميپنگ ٿيڻ گهرجي، يوسيز ۽ ٽائون سطح تي به ڪچن ۽ پڪن گهرن جي ڊيٽا گهرجي.
سيد مراد علي شاهه چيو ته ٻارن جي ڊيٽا به يوسي ۽ ٽائون سطح تي هجڻ گهرجي.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڊيٽا مان معلوم ٿيندو ته ڪيترا ٻار اسڪول وڃي رهيا آهن ۽ ڪيترا نه وڃي رهيا آهن، اها به هڪ تضاد آهي ته ڪيترا ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن.
وڏي وزير مراد علي شاهه پاران صوبي مان لڏپلاڻ ڪندڙن جي ڊيٽا به طلب ڪئي وئي آهي.
وڏي وزير جو چوڻ هو ته منهنجو منصوبو آهي ته ڊيٽا جي بنياد تي ترقياتي پلان تيار ڪريون، بجلي جي سهولت بابت ڊيٽا گهرجي ته جيئن سولر فراهم ڪري سگهجن.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ترقياتي ميپ بڻائڻ سان معلوم ٿيندو ته جتي سهولتون نه آهن اتي ڏئي سگهجن.
اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه، شماريات جي چيف نعيم ظفر، شماريات جي سرور گوندل ۽ ٻين شرڪت ڪئي
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ييلو لائين بي آر ٽي ۽ ريڊ لائين بي آر ٽي بابت ٻه اعليٰ سطحي اجلاس
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ييلو لائين بي آر ٽي ۽ ريڊ لائين بي آر ٽي بابت ٻه اعليٰ سطحي اجلاس ٿيا.
اجلاس ۾ ريڊ لائن جي لاٽ ون ۽ لاٽ 2، بايو گيس، ڊپو تي هلندڙ ڪم جو جائزو ورتو ويو.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته هلندڙ ڪم کي تيز ڪيو وڃي ۽ ڏينهن رات ڪم ڪيو وڃي، ڪم بابت اسٽيڪ هولڊرز کي روزاني جي بنياد تي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي.
شرجيل ميمڻ چيو ته منصوبا جلد مڪمل ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن.
سندس چوڻ هو ته بي آر ٽيز تي ڪم ۾ تيزي آندي وڃي، ڏينهن رات ڌار ڌار شفٽن ۾ ڪم ڪري بي آر ٽيز کي مڪمل ڪرڻ فوري طور يقيني بڻايو وڃي.
شرجيل ميمڻ چيو ته بي آر ٽيز تي ڪم کي فوري طور مڪمل ڪرڻ لاءِ سمورا اسٽيڪ هولڊر روزاني جي بنياد تي رپورٽ ڏين.
هن چيو ته ريڊ لائن ڊيپو جي تياري جو ڪم به تيز ڪيو وڃي، ڪم جي معيار تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي.
شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته بي آر ٽيز تي ڪم ۾ وڌيڪ تيزي آندي وڃي، حڪومت چاهي ٿي ته عوام کي بي آر ٽي مان جلد فائدو ملي سگهي……..















