وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تاجڪستان جي پارليامينٽ جي هيٺين ايوان جي چيئرمين ملاقات
خوراڪ کاتي پاران هدف کان وڌيڪ بارداڻو خريد ۽ واڌو ادائگي ڪرڻ تي ٽن آفيسرن کي باضابطا طور شوڪاز نوٽس جاري ڪري ڇڏيا
خوراڪ کاتي پاران هدف کان وڌيڪ بارداڻو خريد ۽ واڌو ادائگي ڪرڻ تي ٽن آفيسرن کي باضابطا طور شوڪاز نوٽس جاري ڪري ڇڏيا.
بدين جي فوڊ سپروائيزر غلام ياسين کوسو، ڊگهڙي جي فوڊ سپروائيزز عابد علي پنهور ۽ نئون ڪوٽ جي فوڊ سپروائيزر نور محمد نهڙي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي ٻن هفتن اندر جواب طلب ڪيو ويو آهي.
جاري ڪيل شوڪاز نوٽيس موجب مقرر ڪيل هدف کان وڌيڪ ادائگي ڇو ڪئي وئي؟.
شوڪاز نوٽيس موجب مطمئن ڪندڙ جواب نه ملڻ تي نوڪري تان فارغ به ڪري سگهجي ٿو.
سنڌ ڪابينا ۾ واڌ ، وڌيڪ 10 خاص مددگار شامل
سنڌ ڪابينا ۾ واڌ ڪندي وڌيڪ 10 خاص مددگار شامل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڇهن ترجمانن جي مقرري به ڪئي وئي آهي.
سنڌ ڪابينا ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
سنڌ ڪابينا ۾ 10 خاص مددگار به شامل ڪيا ويا آهن.
خاص مددگارن ۾ ڊاڪٽر لالچند اڪراڻي، سرفراز راڄڙ، سيد قاسم نويد قمر، سيد وقار مهدي، راج وير سنگهه سوڍا شامل آهن.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب منصور علي شاهاڻي، عثمان يعقوب هڱوريَ، عبدالجبار خان، جنيد بلند ۽ محمد سليم بلوچ کي به خاص مددگار مقرر ڪيو ويو آهي.
سنڌ حڪومت طرفان 6 ترجمان به مقرر ڪيا ويا آهن.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب بئريسٽر ارسلان شيخ، سرمد پليجي، عبدالوحيد هاليپوٽيَ، مخدوم فخر الزمان، محمد علي راشد۽ سعديه جاويد کي ترجمان مقرر ڪيو ويو آهي.
ڪنڌڪوٽ : دراني مهر جي ڪچي ۾ پوليس چوڪي تي حملو، 2 اهلڪار شهيد
ڪنڌڪوٽ ڀرسان هٿياربندن جي پوليس چوڪي تي حملي ۾ 2 اهلڪار شهيد ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته پوليس پاران هڪ ڏوهاري کي به مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي.
10کان وڌيڪ هٿياربندن ددڙ پوليس چوڪي حملو ڪيو.
فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پوليس اهلڪار اسد الله ڪلهوڙو ۽ الله ڏنو سبزوئي شهيد ٿي ويا، جڏهن ته ٻه اهلڪار انور چنو ۽ زاهد نصيراڻي زخمي ٿي پيا.
پوليس جو چوڻ آهي ته مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري موالي ڀيو مارجي ويو آهي، جنهن جو لاش سندس ساٿي کڻي فرار ٿي ويا آهن.
واقعي بعد ڪشمور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس واقعي واري هنڌ رواني ٿي وئي.
حيدرآباد ۾ پوليس اسٽريٽ ڪرمنلز سان مقابلي دوران هڪ ڄڻي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوى
حيدرآباد ۾ پوليس اسٽريٽ ڪرمنلز سان مقابلي دوران هڪ ڄڻي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي.
پوليس ترجمان جو موجب، جي او آر پوليس چيڪنگ واڌو واھ روڊ جي سي ڊي گرائونڊ ويجھو شڪي موٽر سائيڪل سوارن کي بيهڻ جو اشارو ڏنو ته جوابدارن اهلڪارن مٿان فائرنگ ڪئي، جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي ويا.
پوليس موجب، زخمي حالت ۾ گرفتارجوابدار جي سڃاڻپ حزب الله جي نالي سان ٿي آھي سندس قبضي مان ھٿيار ھٿ ڪري علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس موجب، شروعاتي جاچ ۾ جوابدار جي تعلق اسٽريٽ ڪرمنل گينگ سان ظاھر ٿيو آھي جيڪو ساٿين سان گڏجي حيدرآباد مختلف علائقن ۾ اسٽريٽ ڪرائم جون وارداتون ڪندو هو.
پوليس ترجمان موجب، گرفتار جوابدار جو وڌيڪ ڪرمنل رڪارد چيڪ ڪيو پيو وڃي جڏهن ته فرا ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ ناڪابندي ڪئي وئي آهي.
پاڪستان پلاسٽڪ جي گدلاڻ جي هڪ سنگين مسئلي کي منهن ڏئي رهيو آهي : شيري رحمان
سينيٽ جي ماحولياتي تبديلي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته پاڪستان پلاسٽڪ جي گدلاڻ جي هڪ سنگين مسئلي کي منهن ڏئي رهيو آهي،
پلاسٽڪ ٿيلهين جي ماحولياتي اثرن ۽ استعمال بابت نظرثاني ڪرڻي پوندي، پلاسٽڪ بيگ سان ماحوليات ۽ صحت کي سخت خطرا هوندا آهن
شرجيل ميمڻ جي صدارت هيٺ ييلو ۽ ريڊ لائن بي آر ٽي بابت ڌار ڌار اجلاس
فٽيجز…
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ييلو لائين بي آر ٽي ۽ ريڊ لائين بي آر ٽي بابت ٻه اعليٰ سطحي اجلاس ٿيا.
اجلاس ۾ ريڊ لائن جي لاٽ ون ۽ لاٽ 2، بايو گيس، ڊپو تي هلندڙ ڪم جو جائزو ورتو ويو.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته هلندڙ ڪم کي تيز ڪيو وڃي ۽ ڏينهن رات ڪم ڪيو وڃي، ڪم بابت اسٽيڪ هولڊرز کي روزاني جي بنياد تي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي.
شرجيل ميمڻ چيو ته منصوبا جلد مڪمل ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن.
سندس چوڻ هو ته بي آر ٽيز تي ڪم ۾ تيزي آندي وڃي، ڏينهن رات ڌار ڌار شفٽن ۾ ڪم ڪري بي آر ٽيز کي مڪمل ڪرڻ فوري طور يقيني بڻايو وڃي.
شرجيل ميمڻ چيو ته بي آر ٽيز تي ڪم کي فوري طور مڪمل ڪرڻ لاءِ سمورا اسٽيڪ هولڊر روزاني جي بنياد تي رپورٽ ڏين.
هن چيو ته ريڊ لائن ڊيپو جي تياري جو ڪم به تيز ڪيو وڃي، ڪم جي معيار تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي.
شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته بي آر ٽيز تي ڪم ۾ وڌيڪ تيزي آندي وڃي، حڪومت چاهي ٿي ته عوام کي بي آر ٽي مان جلد فائدو ملي سگهي.
مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ پاڪستان بيورو آف شماريات جو اجلاس
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ پاڪستان شماريات بيورو جو اجلاس ٿيو.
سمورين يوسيز ۽ ٽائونن جي ڊيٽا شماريات بيورو کي فراهم ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي آهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته سمورين يو سيز ۽ ٽائونن جي آبادي، گهرن جي ميپنگ ٿيڻ گهرجي، يوسيز ۽ ٽائون سطح تي به ڪچن ۽ پڪن گهرن جي ڊيٽا گهرجي.
سيد مراد علي شاهه چيو ته ٻارن جي ڊيٽا به يوسي ۽ ٽائون سطح تي هجڻ گهرجي.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڊيٽا مان معلوم ٿيندو ته ڪيترا ٻار اسڪول وڃي رهيا آهن ۽ ڪيترا نه وڃي رهيا آهن، اها به هڪ تضاد آهي ته ڪيترا ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن.
وڏي وزير مراد علي شاهه پاران صوبي مان لڏپلاڻ ڪندڙن جي ڊيٽا به طلب ڪئي وئي آهي.
وڏي وزير جو چوڻ هو ته منهنجو منصوبو آهي ته ڊيٽا جي بنياد تي ترقياتي پلان تيار ڪريون، بجلي جي سهولت بابت ڊيٽا گهرجي ته جيئن سولر فراهم ڪري سگهجن.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ترقياتي ميپ بڻائڻ سان معلوم ٿيندو ته جتي سهولتون نه آهن اتي ڏئي سگهجن.
اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه، شماريات جي چيف نعيم ظفر، شماريات جي سرور گوندل ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
شنگهائي سهڪار تنظيم جو سربراهي اجلاس آستانه ۾ اڄ شروع ٿيندو
شنگهائي سهڪار تنظيم جو ٻن ڏينهن وارو سربراهي اجلاس اڄ کان قازقستان جي گاديءَ واري شهر آستانه ۾ شروع ٿي رهيو آهي.
اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي وزيراعظم شهباز شريف ڪندو.
وزيراعظم شهباز شريف تنظيم جي اجلاس کي خطاب به ڪندو.
شهباز شريف شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس ۾ اهم علاقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪندو.
جڏهن ته وزيراعظم روسي ۽ چيني صدر سان الڳ الڳ اهم ملاقاتون به ڪندو……
پاڪستان سان سڪيورٽي سهڪار جاري آهي : پينٽاگون
امريڪا جي دفاعي اداري پينٽاگون چيو آهي ته پاڪستان سان سڪيورٽي سهڪار جاري آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي موجب، پينٽاگون ترجمان جنرل پيٽرڪ پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته پاڪستان سان گڏجي دهشتگردي خلاف ڪم ڪرڻ جي سندس ڊگھي تاريخ آهي.
هن چيو ته امريڪا ۽ پاڪستان ۾ سڪيورٽي تعوان تي وڌيڪ ڳالهيون جاري آهن.
پينٽاگون ترجمان جنرل پيٽرڪ جو وڌيڪ چوڻ هو ته وٽس پاڪستان جي سڪيورٽي امداد بابت ٻڌائڻ لاءِ ڪجهه ناهي…….















