پي ٽي آءِ پاڪستان خلاف مهم هلائڻ بعد وائکي ٿي چڪي آهي : عون چوڌري
نيپرا طرفان گهريلو واهپيدارن تي لاڳو فڪسڊ چارجز پهرين جولاءِ کان وصول ڪيا ويندا
نيپرا طرفان گهريلو واهپيدارن تي لاڳو فڪسڊ چارجز پهرين جولاءِ کان وصول ڪيا ويندا، جنهن جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن.
فڪسڊ چارجز 200 يونٽ استعمال ڪندڙن کان نه ورتا ويندا، 301 کان 400 يونٽ استعمال ڪندڙ ماهوار 200 رپيا ماهوار اضافي رقم وصول ڪئي ويندي.
401 کان 500 يونٽ استعمال ڪندڙ 400 رپيا، 501 کان 600 يونٽ استعمال ڪندڙ 600 رپيا، 601 کان 700 يونٽ استعمال ڪندڙن کان 800 رپيا ماهوار وصول ڪيا ويندا.
تفصيلن موجب ست سئو کان وڌيڪ يونٽ استعمال ڪندڙن کان فڪسڊ چارجز هڪ هزار رپيا ورتا ويندا، فڪسڊ چارجز ۾ اضافي جو مقصد بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين جي روينيو ۾ اضافو ڪرڻ آهي
پاڪستان ۽ افغان عبوري حڪومت وچ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر باضابطا رابطو
پاڪستان ۽ افغان عبوري حڪومت وچ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر باضابطا رابطو ٿيو آهي.
گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ افغان ڪانفرنس ۾ شريڪ افغان وفد پاڪستاني وفد سان ملاقات ڪئي، افغان وفد جي ڀارتي وفد سان اڳ ئي ملاقات ٿي هئي.
پاڪ افغان وفدن جي ملاقات قطر ۾ پاڪستان سفير جي رهائشگاهه تي ٿي، جنهن ۾ پاڪستاني وفد جي سربراهي آصف دراني ۽ افغان طالبان حڪومت جي ترجمان ذبيح الله مجاهد موجود هو.
پاڪستاني سفير افغان وفد جي اعزاز ۾ آجياڻو پڻ ڏنو.
پاڪستاني سفير جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ گهڻي هڪجهڙائي آهي، امن جي خواهش ٻنهي طرفن کان آهي.
ذريعن موجب دوحا ۾ پاڪ افغان وفدن جي ملاقات هاڪاري رهي، افغان وفد ڪانفرنس ۾ افغان موقف جي حمايت تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا.
ملڪ سياست ۽ سياسي پارٽين ذريعي ئي هلي سگهي ٿو: رانا ثناءُ الله
بين الصوبائي رابطن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار رانا ثناءُ الله چيو ته آهي ته ملڪ سياست ۽ سياسي پارٽين ذريعي ئي هلي سگهي ٿو.
اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته سياسي پارٽين ذريعي ئي ملڪ هلايو وڃي.
هن چيو ته ڪنهن سان ظلم ۽ زور زبردستي ٿيندي آهي ته چيو ويندو آهي ته سياست ٿي رهي آهي، هنن انهن ئي شين جو نالو سياست ڇو رکيو آهي، جن سان ملڪ اڳتي نٿو وڌي سگهي.
راڻا ثناءُ الله چيو ته اِهو قومي سانحو يا رويو آهي ته جڏهن سندس هٿ ۾ طاقت ايندي آهي ته هو پوري طرح سان استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
هن چيو ته سندس گهڻو تعلق امن امان جي صورتحال سان رهيو، پنجاب ۽ مرڪز ۾ به گهرو وزير بڻجڻ جو موقعو مليو، کين پنهنجن ناڪاري رَوين تي احتسابي جائزو وٺڻ گهرجي.
راڻا ثناءُ الله چيو ته ارشد نديم کي پويان ڪا سپورٽ ۽ فيڊريشن ناهي، هن پاڻ محنت ڪئي
احتساب عدالت 190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ پي ٽي آءِ بانيءَ جي گهرواري بشريٰ بيبي جي ضمانت واري درخواست منظور
احتساب عدالت 190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ پي ٽي آءِ بانيءَ جي گهرواري بشريٰ بيبي جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي.
راولپنڊي جي احتساب عدالت جي جج محمد علي وڙائچ اڊيالا جيل راولپنڊي ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بيبي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل سردار مظفر عباسي دليل ڏنا ته بشريٰ بيبيءَ جي گرفتاري گهربل ناهي.
هن چيو ته ڏهه مهينا اڳ به سندن اهو ئي موقف هو ته بشريٰ بيبي جا گرفتاري وارنٽ جاري نه ڪيا ويا.
ٻڌڻي دوران ٽن شاهدن کان آڏي پڇا مڪمل ڪئي وئي، ريفرنس ۾ مجموعي طور 27 شاهدن کان آڏي پڇا ڪئي وئي.
دليل ٻڌڻ بعد عدالت بشريٰ بيبي جي گرفتاريءَ کان اڳ واري ضمانت جي درخواست منظور ڪري ورتي
پاڪ تاجڪ واپاري ڪاٿو سندن ويجهن لاڳاپن جو آئينو ناهي، واپاري ڪاٿي ۾ اضافي لاءِ کين سالياني بنيادن تي حدف مقرر ڪرڻا پوندا: وزيراعظم شهبازشريف
وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته پاڪ تاجڪ واپاري ڪاٿو سندن ويجهن لاڳاپن جو آئينو ناهي، واپاري ڪاٿي ۾ اضافي لاءِ کين سالياني بنيادن تي حدف مقرر ڪرڻا پوندا.
دوشنبي ۾ تاجڪ صدر امام علي رحمان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم شهبازشريف چيو ته تاجڪستان ۾ سندن شاندار آجيان ڪئي وئي.
هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ مفاهمتي يادداشتن تي صحيون سندن ٻطرفن لاڳاپن جي مضبوطيءَ جو سبب بڻجنديون.
وزيراعظم چيو ته زراعت، صحت، تعليم، سيڙپڪاري ۽ واپار کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪم ڪيو ويندو.
شهبازشريف چيو ته تاجڪ واپاري ڪاٿو سندن ويجهن لاڳاپن جو آئينو ناهي، واپاري ڪاٿي ۾ اضافي لاءِ کين سالياني بنيادن تي حدف مقرر ڪرڻا پوندا.
وزيراعظم چيو ته امن کانسواءِ خوشحالي ممڪن ناهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.
شهبازشريف چيو ته دنيا ۾ امن لاءِ فلسطين ۾ امن ضروري آهي.
ان کان اڳ وزيراعظم شهبازشريف پاڪستاني وفد سان گڏ تاجڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي دوشنبيَ پهتو، جتي تاجڪ وزيراعظم قاهر رسول زاد ۽ ٻين وزيراعظم جي آجيان ڪئي.
هوائي اڏي تي وزيراعظم شهبازشريف پنهنجي تاجڪ هم منصب سان ملاقات ڪئي ۽ مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون.
شهبازشريف دوشنبيَ اسماعيل ساماني جي يادگار تي پهچي گلن جي چادر چاڙهي.
ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته اسماعيل ساماني وچ ايشيا جي تاريخي شخصيتن ۽ تاجسڪتان جو قومي هيرو آهي، جنهن نائين ۽ ڏهين صديءَ ۾ تاجڪستان ۽ خراسان جي علائقي تي حڪومت ڪئي ۽ تاجڪ قوم کي تاريخي ترقي راهه تي گامزن ڪيو.
شهبازشريف تاجڪستان کانپوءِ قازقستان جو دورو به ڪندو، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، خواجه آصف، عطا تارڙ ۽ طارق فاطمي به وزيراعظم سان گڏ آهن….
حڪومت يو اين او جو اعتراض رد ڪندي پي ٽي آءِ بانيءَ جي گرفتاري ۽ ڪيس اندروني معاملو قرار ڏنو
حڪومت يو اين او جو اعتراض رد ڪندي پي ٽي آءِ بانيءَ جي گرفتاري ۽ ڪيس اندروني معاملو قرار ڏنو آهي.
جنيوا ۾ قائم گڏيل قومن جي صوابديد حراست بابت ورڪنگ گروپ طرفان پي ٽي آءِ بانيءَ جي گرفتاريءَ جي مذمت ۽ ڪيس کي بناجواز قرار ڏيڻ تي حڪومت جو رد عمل سامهون آيو آهي.
قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته پاڪستان خودمختيار رياست آهي جتي عدالتن ذريعي آئين ۽ قانون تي عمل ٿيندو آهي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ باني کي ملڪي آئين ۽ قانون توڙي عالمي اصولن موجب سمورا حق حاصل آهن، هو هڪ سزا ڪاٽيندڙ قيدي طور جيل ۾ آهي.
اعظم نذير تارڙ چيو ته ڪيترن ئي ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ بانيءَ کي رليف ملڻ شفاف ۽ منصفاڻي ٽرائل ۽ عدالتي نظام جو ثبوت آهي.
قانون واري وزير چيو ته آئين، قانون ۽ عالمي اصولن کان مٿانهون ڪو به مطالبو عدل ۽ اڻڌرائپ جي ابتڙ آهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه سان ايس بي اي آر انٽرنيشنل بئنڪ آف روس جي سربراهه جي ملاقات
وڏي وزير مراد علي شاهه سان ايس بي اي آر انٽرنيشنل بئنڪ آف روس جي سربراهه جي ملاقات ٿي آهي.
تمور ڪوزنٽسوف جي سربراهي ۾ بئنڪ وفد سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ڪئي.
ملاقات ۾ سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ سيڪريٽريز به شريڪ هئا.
بئنڪ سربراهه تمور ڪوزنٽسوف جو چوڻ هو ته بئنڪ تعليم، صحت، ٽيڪنالاجي ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪري ٿي.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا موقعا موجود آهن، سنڌ حڪومت تعليم ۾ جدت آڻڻ لاءِ ٽيڪنالاجي استعمال ڪرڻ چاهي ٿي.
وڏي وزير جو چوڻ هو ته ايس بي اي آر سنڌ ۾ تعليمي ٽيڪنالاجي ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهي ٿي، ايجوڪيشنل ٽيڪنالاجي سان آن لائن تعليم، اي-ٽيڪسٽ بڪس، ايجوڪيشنل مينجمينٽ سسٽم ۾ ڪم ڪري سگهجي ٿو، ايس بي اي آر بئنڪ خانگي تعليمي ادارن سان ڀائيواري ڪري سگهي ٿي….
ڪراچي ۾ سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ اهم اعليٰ سطحي اجلاس
ايڪسائيز نارڪوٽڪس ڪنٽرول پاران آپريشنز کي ڪارائتو بڻائڻ لاءِ افرادي قوت وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ڪراچي ۾ سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ سيڪريٽري ايڪسائيز سليم راجپوت، ڊي جي نارڪوٽڪس ڪنٽرول ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ شاهراهن تي ايڪسائيز کاتي جي چيڪ پوسٽن کي مڪمل فعال ڪرڻ ۽ بين الصوبائي سرحدن تي نيون چيڪ پوسٽون تعمير ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ايڪسائيز اهلڪار هر وقت چيڪ پوسٽن تي مقرر هوندا، جيڪي ٻين فورسز جيان چيڪنگ کي يقيني بڻائيندا.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چوڪين جو ڪم فوري طور شروع ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا.
اجلاس ۾ موٽر وي ونگ مان 100 کان وڌيڪ اهلڪارن کي به نارڪوٽڪس ونگ ۾ آڻڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.
اجلاس ۾ ڊي جي نارڪوٽڪس ڪنٽرول عثمان غني صديقي منشيات خلاف آپريشنز تي تفصيلي بريفنگ ڏني.
شرجيل ميمڻ چيو ته نارڪوٽڪس ڪنٽرول ونگ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اهلڪارن جو انگ وڌايو ويندو.
هن چيو ته تعليمي ادارن ۾ ڊرگ ٽيسٽنگ جلد شروع ڪئي ويندي، تياريون آخري مرحلي ۾ آهن.
شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته منشيات سماج کي کوکلو ڪري رهي آهي، روزاني بنياد تي ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.
شرجيل ميمڻ هدايتون ڪندي چيو ته منشيات جي روڪٿام لاءِ سنيپ چيڪنگ جو موثر نظام شروع ڪيو وڃي…..
ڪنڌڪوٽ جي گبلو ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ۾ نوجوان آپگهات ڪري ڇڏيو
ڪنڌڪوٽ جي گبلو ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ۾ نوجوان آپگهات ڪري ڇڏيو.
نوجوان رحيم پٽ ياسين سندراڻي پيءُ کان ناراض ٿي آپگهات ڪيو.
وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان پاڻ تي ڪلاشنڪوف جو فائر ڪري زندگي جو انت آندو….
ٽي ٽي بقا بنگوار…….















