هندو پئنچائت جي وفد جي آءِ جي سان ملاقات، مغوي بازياب ڪرائڻ جي خاطري
نواب ولي محمد ويجهو ڊمپر ڪلٽي ٿيڻ سبب هڪ ڄڻو دٻجي فوت ٿي ويو
نواب ولي محمد ويجهو ڊمپر ڪلٽي ٿيڻ سبب هڪ ڄڻو دٻجي فوت ٿي ويو.
جهلو مسجد اسٽاپ وٽ قومي شاهراهه تي ڊمپر ڪلٽي ٿي پيو.
حادثي ۾ محمد عثمان ڊمپر هيٺان دٻجي زخمي ٿي پيو.
اطلاع تي ريسڪيو ٽيم پهچي زخمي کي ڊمپر هيٺان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو، جتي هو فوت ٿي ويو، ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
فوتي جو مڙهه گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.
حب چوڪي ويجهو ايڪسائيز نارڪوٽيڪس ڪنٽرول جي ڪارروائي، 2 منشيات فروش گرفتار
حب چوڪي ويجهو ايڪسائيز نارڪوٽڪس ڪنٽرول ٽيم ڪارروائي ڪندي ٻن منشيات وڪرو ڪندڙن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان منشيات هٿ ڪري ورتي.
ايڪسائيز عملدارن موجب ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري ٻن منشيات وڪرو ڪندڙن کي گرفتار ڪيو ويو.
ايڪسائيز عملدارن جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل جوابدارن جي قبضي مان 2 ڪلو آئس، هٿيار ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو.
ايڪسائيز عملدارن موجب گرفتار جوابدارن خلاف نارڪوٽڪس ڪنٽرول ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
سامارو ڀرسان هٿياربندن دڪان آڏو ست نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو
سامارو ڀرسان هٿياربندن دڪان آڏو ست نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
ڳوٺ راڻو خان ڪپري ۾ هٿياربندن 25 سالن جي حق نواز ڪپري پٽ علي نواز ڪپري کي گولين جو کاڄ بڻائي ڇڏيو.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان کي مٿي ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
نوجوان جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.
وزيراعظم شهباز شريف طرفان دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سڪيورٽي فورسز کي ڀيٽا
وزيراعظم شهباز شريف طرفان دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سڪيورٽي فورسز کي ڀيٽا،
سندس چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز ڪامياب آپريشن ڪري نون دهشتگردن کي ماريو آهي،
پاڪستاني محافظن جو ملڪ جي امن لاءِ مضبوط عزم ساراهه جوڳو آهي، قوم دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.
ڪراچي ۾ هڪ دفعو ٻيهر ٽارگيٽ ڪلنگ شروع ٿي چڪي آهي : سعيد غني
پ پ جي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي بيوس اڳواڻ خالد مقبول صديقي نفرت جي سياست ڪئي.
سعيد غني جو چوڻ هو ته ٽارگيٽ ڪلنگ جا واقعا هڪ ڀيرو ٻيهر شروع ٿي ويا آهن، هنن سمجهيو ته ايم ڪيو ايم هاڻي نفرت واري سياست نه ڪندي.
سعيد غني چيو ته ڪالهه ڪورنگي ۾ سندن ڪائونسلر عامر عباسي کي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ قتل ڪيو ويو آهي، هو قاتلن تائين پهچندا، سياسي ڪارڪنن جي ٽارگيٽ ڪلنگ سٺي ڳالهه نه آهي.
سعيد غني جو چوڻ هو ته هنن سمجهيو ته اهي ڪا نئين ڳالهه ڪندا پر اهي ڪٿي نه ڪٿي زهر اوڳاڇي ڇڏيندا آهن.
سعيد غني چيو ته ايم ڪيو ايم اڃا نفرت واري سياست کان ڌار نه ٿي آهي، هنن ايم ڪيو ايم باني کان نفرت واري سياست جو سبق سکيو آهي، هنن مختلف ٻوليون ڳالهائڻ وارن کي پاڻ ۾ ويڙهايو.
هن چيو ته پ پ گذريل حڪومت ۾ نوڪرين جا اشتهار جاري ڪيا هئا، ايم ڪيو ايم جي خواهش هئي ته ڀرتي ڪميٽي ۾ کين شامل ڪيو وڃي.
سعيد غني چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ڀرتين جي ٽيسٽ لاءِ آءِ بي اي جي چونڊ ڪئي، سکر آءِ بي اي جهڙي بهترين اداري کي تڪراري بڻايو ويو آهي، ايم ڪيو ايم ڀرتين واري ڪيس تي جشن ملهائي رهي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف اڄ کان ٻن ڏينهن جو تاجڪستان جو دورو ڪندو
وزيراعظم شهباز شريف اڄ کان ٻن ڏينهن جو تاجڪستان جو دورو ڪندو.
وزيراعظم هائوس طرفان جاري پڌرائي موجب، وزيراعظم شهباز شريف تاجڪ صدر جي دعوت تي 2 ۽ 3 جولاءِ تي تاجڪستان جو دورو ڪندو.
پڌرائي موجب وزيراعظم شهباز شريف دوشنبيَ ۾ تاجڪستان جي اعلى قيادت سان ملاقاتون ڪندو.
وزيراعظم شهباز شريف تاجڪستان جي صدر ۽ وزيراعظم کان علاوه تاجڪ پارليامينٽ جي ايوان جي چيئرمين سان ملاقات ڪندو.
پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعلى سطح جي وفد جي ملاقات جو هڪ حصو آهي.
پڌرائي موجب، پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ واپار، توانائي سميت ٻين شعبن م سهڪار تي ڳالهيون ٿينديون.
ٻئي پاسي پرڏيهي آفيس جـِي ترجمان موجب، وزيراعظم شهباز شريف 3 ۽ 4 جولاءِ تي قازقستان جو به دورو ڪندو.
ترجمان موجب وزيراعظم شهباز شريف ايس سي او ڪونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ جي ٻن سربراهي اجلاسن ۾ شرڪت ڪندو….
پاڪستان ۾ چونڊن جي شفافيت وارو معاملو سندن ڌيان جو مرڪز آهي : ويدانت پيٽل
امريڪي پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان ويدانت پيٽل چيو آهي ته پاڪستان ۾ چونڊن جي شفافيت وارو معاملو سندن ڌيان جو مرڪز آهي.
واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران امريڪي پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان جو چوڻ هو ته چونڊن مبينا ڌانڌلي وارو معاملو پاڪستان شراڪتدارن آڏو اٿاريندا رهيا آهن، هـُو پاڪستان حڪومت تي زور ڏين ٿا ته انساني حقن ۽ بنيادي آزادين جو احترام ڪري.
هن چيو ته امريڪي عملدارن مسلسل پاڪستان ۾ عوامي حقن جي احترام تي زور ڏنو آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ ويدانت پٽيل چيو ته پي ٽي آءِ باني تي ڪيس پاڪستان جو اندروني معاملو آهي.
پاڪ-ڀارت لاڳاپن بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت کي پنهنجا معاملا پاڻ طئي ڪرڻا آهن، امريڪا پاڙيسري ملڪن ۾ ڳالهين جي حوصلا افزائي ڪري ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته هو ڪانگريز جي زير التوا قانون سازي تي ناهن ڳالهائيندا، سندس جمهوري نظام ۾ ڪانگريس، حڪومت جي هڪ الڳ شاخ آهي.
خيبرپختونخوا ۾ سڪيورٽي فورسز جا ٻه ڌار ڌار آپريشن، 9 دهشتگرد مارجي ويا
خيبرپختونخوا ۾ سڪيورٽي فورسز جا ٻه ڌار ڌار آپريشن، 9 دهشتگرد مارجي ويا.
ڊي جي آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته سڪيورٽي فورسز تيره واري علائقي ۾ ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي آپريشن ڪيو.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته آپريشن دران گهربل دهشتگرد نجيب عرف عبدالرحمان ۽ اشفاق عرف معاويه سميت 7 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو، دهشتگرد سڪيورٽي فورسز تي حملن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن تي حملن ۾ ملوث هئا.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته سڪيورٽي فورسز ٻيو آپريشن لڪي مروت ۾ ڪيو، جنهن دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز هر قميت تي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي.
اقتدار لاءِ غير جمهوري قدم کڻڻ پي ٽي آءِ جي عادت آهي : بلاول ڀٽو زرداري
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اقتدار لاءِ غير جمهوري قدم کڻڻ پي ٽي آءِ جي عادت آهي، خيبرپختونخوا ۾ صحافين تي ظلم خلاف پيپلزپارٽي قلم ڌڻين سان گڏ آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اقتدار خاطر ڪرڻ لاءِ پي ٽي آءِ جي ڪا به حد ناهي، پيپلزپارٽي آزاد صحافت تي يقين رکي ٿي، ڪنهن کي به صحافت کي دٻائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
هن چيو ته خيبرپخونخوا ۾ صحافين جي تحفظ ۽ صحافت جي آزاديءَ لاءِ لاڳاپيل ادارا ۽ پارليامينٽ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
پ پ چيئرمين چيوته ڪي پي ۾ آزاد صحافت لاءِ ڏکيائين تي ڳڻتي آهي، ظلم ذريعي صحافت کي دٻائڻ انتهاپسندن جي عادت هوندي آهي، پي ٽي آءِ آزاد صحافت سان ڊنل ۽ عوام کان مايوس آهي.















