تازه ترين
Home Blog Page 599

پاڪستان 59 ورهين کان ڀارتي جيلن ۾ قيد پنهنجا 38 شهري ڀارت کان گهري ورتا

0
پاڪستان 59 ورهين کان ڀارتي جيلن ۾ قيد پنهنجا 38 شهري ڀارت کان گهري ورتا آهن. پرڏيهي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان ڀارت کي ڏنل قيدين جي لسٽ ۾ انهن اهلڪارن جو مطالبو ڪيو. پاڪستان ۽ ڀارت پهرين جولاءِ تي قيدين جي لسٽ هڪٻئي کي ڏيندا آهن، هندستان جي جيلن ۾ 452 پاڪستاني قيد آهن، ڀارت 254 قيدين ۽ مهاڻن جي لسٽ  حوالي ڪئي. پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت سفارتي چينل ذريعي هڪٻئي جي تحويل ۾ قيدين جي لسٽن جي مٽاسٽا ڪئي،  لسٽن جي مٽاسٽا 2008ع واير قونصلر پهچ معاهدي تحت ٿيندي آهي. ترجمان چيو ته گم ٿيل اهلڪارن بابت خيال آهي ته اهي 1965ع ۽ 1971ع جي جنگين کانپوءِ ڀارت جي قبضي ۾ آهن.

ڪراچي: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پيپلزپارٽي جو ڪائونسلر قتل

0
ڪراچيءَ جي ڪورنگي واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پيپلزپارٽي جو ڪائونسلر قتل ٿي ويو آهي. ڪورنگي جي عوامي ڪالوني واري علائقي ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪئي. هٿياربندن جي فائرنگ ۾ وارڊ 4 ڀٽائي ڪالوني پيپلزپارٽي جو ڪائونسلر عامر عباسي قتل ٿي ويو. اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. پيپلزپارٽي جي ڪائونسلر عامر عباسي جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام ۽ علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو……..

سنڌ روينيو بورڊ روينيو اوڳاڙي جو ٽارگيٽ پار ڪندي اهم ڪاميابي حاصل ڪئي آهي : مراد علي شاهه

0
سنڌ روينيو بورڊ ٽارگيٽ کان وڌيڪ اوڳاڙي ڪري ورتي،  وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته سنڌ روينيو بورڊ روينيو اوڳاڙي جو ٽارگيٽ پار ڪندي اهم ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ روينيو بورڊ کي ٽارگيٽ کان وڌيڪ اوڳاڙي ڪرڻ تي واڌايون ڏنيون ۽ چيو ته روينيو جي اوڳاڙي ٽارگيٽ کان مٿي وڃڻ اهم ڪاميابي آهي، جنهن  ۾ غيرمعمولي ماهوار روينيو گڏ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته  جون مهيني دوران 28 بلين  رپين جي اوڳاڙي سڀ کان وڌيڪ روينيو ڪليڪشن آهي، سنڌ روينيو بورڊ 28 سيڪڙو وڌيڪ اوڳاڙي ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته 2023۽ 2024 دوران 237 بلين رپين جو روينيو گڏ ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي وئي آهي. وڏي وزير چيو ته گذريل سال جي اوڳاڙي جي مقابلي ۾ هن ڀيري 185 بلين رپيا يعني 28 سيڪڙو وڌيڪ آهي، هڪ ڏهائي 21 سيڪڙو جي گهٽ جي ڊي پي گروٿ ۽ گذريل ڪجهه سالن کان ٽيڪس فري بجيٽ باوجود متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي جو مظهارو ڪيو ويو آهي. مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته  هي اهم ڪاميابي ايس بي آر جي افرادي قوت جي اڻٿڪ محنت ۽ ثابت قدمي جو مثال آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته ايس بي آر جي ٽيم کي ٽيڪس ڏيندڙ جو ڀرپور اعتماد ۽ سهڪار حاصل آهي. هن چيو ته  ايس بي آر ماڻهن لاءِ آمدني پيدا ڪرڻ جي پنهنجي مشن کي جاري رکڻ جو عزم ورجايو آهي.

گئس ۽ بجلي جي بلن ۾ واڌو ٽيڪس لڳائڻ خلاف خيرپور ۾ احتجاجي مظاهرو

0
گئس ۽ بجلي جي بلن ۾ واڌو ٽيڪس لڳائڻ خلاف خيرپور ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. انجمن تاجران سنڌ جي مرڪزي سڏ تي  خيرپور انجمن تاجران ۽ واپارين طرفان پنج گلا چوڪ تي احتجاجي مظاهرو  ڪري نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي الطاف ميمڻ، جاويد شيخ، علي ڦلپوٽو، يار محمد شيخ  ۽ ٻين چيو ته غريب ماڻهو هڪ ويلو ماني کائڻ تي مجبور آهن، انهن ۾ ايتري سگهه ئي ناهي ته پوءِ اهي واڌو ٽيڪس ڪٿان ڀريندا؟. مظاهرين چيو ته هن وقت شديد مهانگائي سبب ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي ، انڪري بجلي ۽ گئس تي واڌو ٽيڪس لڳائڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي…

خير محمد آريجا ۾ چنگچي هلائيندڙ نوجوان مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو

0
خير محمد آريجا ۾ چنگچي هلائيندڙ نوجوان مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو. خير محمد آريجا واسي 22 ورهين جي اعجاز علي ولد محمد صادق سومرو مبينا طور زھريلي دوا پي ڇڏي. نوجوان کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. نوجوان جو لاش گھر ۾ پهچڻ تي ڪھرام مچي ويو، سندس امڙ کي بيھوشي جا دورا پئجي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان گهريلو تڪرار تان پنهنجي گهر وارن سان ناراض تي آپگهات ڪيو آهي….

دوداپور ڀرسان پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو

0
دوداپور ڀرسان پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو. ميرانپور جي ڳوٺ دلاور ٻُرڙو ۾ مغيري ۽ حاجيجو جي ٻن ڌرين ۾ تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري 25 ورهين جي انس حاجيجو کي قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو مغيري_حاجيجو تڪرار تان پيش آيو آهي، ٻئي ڌُريون پاڻ ۾ ماما ڀاڻيجا آهن…

پاڪ فوج، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون امن لاءِ لازوال قربانيون آهن : وزيراعظم

0
وزيراعظم شهباز شريف خيبر ۾ دهشتگرديءَ جو منصوبو ناڪام بڻائڻ تي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪ فوج، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون امن لاءِ لازوال قربانيون آهن،  پاڪستاني قوم کي پنهنجي شهيدن ۽ سندن وارثن تي فخرآهي،  قوم دهشتگرديءَ جي ناسور جي خاتمي لاءِ متحد آهي. وزيراعظم خيبر ۾ دهشتگرديءَ جو منصوبو ناڪام بڻائڻ تي پوليس ۽ ايف سي جي اهلڪارن جي ساراهه ڪئي. شهباز شريف پاران دهشتگردن سان وڙهندي وطن جي خاطر شهادت ماڻيندڙ پوليس اهلڪار اعجاز ۽ ايف سي اهلڪار شهزاد کي ڀيٽا پيش ڪئي. وزيراعظم شهيدن جي بلند درجن ۽ سندن گهرڀاتين لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف خيبر ۾ دهشتگرديءَ جو منصوبو ناڪام بڻائڻ تي پوليس ۽ ايف سي جي اهلڪارن کي ڀيٽا ڪئي، سندس چوڻ آهي ته پاڪ فوج، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون امن لاءِ لازوال قربانيون آهن، پاڪستاني قوم کي پنهنجي شهيدن ۽ سندن وارثن تي فخرآهي،  قوم دهشتگرديءَ جي ناسور جي خاتمي لاءِ متحد آهي.

ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊا پور حاضري کان ڇوٽ بابت درخواست رد

0
اسلام آباد جي عدالت ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊا پور ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ عامر مغل جي حاضري کان ڇوٽ بابت درخواست رد ڪندي ٻنهي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ٻڌڻي 8 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج طاهر عباس سپرا تحريڪ انصاف باني ۽ ٻين خلاف سنگجاڻي ۽ آءِ نائن ۾ داخل ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران علي نواز اعواڻ، واثق قيوم، عامر ڪياني ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا جڏهن ته ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ عامر مغل طرفان حاضري کان ڇوٽ بابت درخواست داخل ڪرائي وئي. جج طاهر عباسي سپرا رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪنهن جي حاضري کان ڇوٽ بابت درخواست قبول نه ٿيندي، اهو ڪو سبب ناهي ته شهر کان ٻاهر آهيان پيش نٿو ٿي سگهان. تحريڪ انصاف جي وڪيلن جواب ڏيندي چيو ته حاضري پوري ڪرڻ جوابدارن تي آهي پر جج چيو ته سمورن غير حاضر جوابدارن جا گرفتاري وارنٽ جاري ٿيندا، ايندڙ ٻڌڻي تي سمورن جوابدارن جي حاضري يقيني هوندي. جج طاهر عباس سپرا چيو ته سمورن غير حاضر جوابدارن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪن ٿا، ايندڙ ٻڌڻي تي حاضري جي مڪمل خاطري ڪرائي وڃي ته پوءِ وارنٽ جو معاملو ڏٺو ويندو. عدالت ٻنهي ڪيسن جي ٻڌڻي 8 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. جج طاهر عباس سپرا چيو ته 8 جولاءِ تائين پيش نه ٿيندڙ جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏنو ويندو، 8 جولاءِ بعد ڪيسن جي ٻڌڻي روزانو جي بنياد تي ٿيندي. عدالت تحريڪ انصاف باني جي وڊيو لنڪ پيشي بابت اڊيالا جيل جي سپرينٽينڊنٽ کان لکت ۾ جواب به طلب ڪري ورتو.

سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ جو ڊاڪٽر عارف علوي جي ٽوئيٽ تي ردعمل

0
سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ سرڪار  برساتي ٻوڏ متاثرن لاءِ سنڌ پيپلز هائوسنگ اسڪيم جي عظيم مقصد جي حمايت ۾ پاڪستان جي پهرين نيلامي ڪئي. اڳوڻي صدر  عارف علوي جي ٽوئيٽ جي جواب ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته نيلامي ذريعي 2 لک 251 گهرن جي اڏاوت لاءِ فنڊ گڏ ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ڇا عارف علوي واضح ڪري سگهي ٿو ته سندن ليڊر عمران خان برساتي ٻوڏ متاثرن لاءِ جمع ڪيل پنج ارب رپين مان ڪيترن خاندانن جي مدد ڪئي. سندس چوڻ هو ته لڳي ٿو ته سمورا فنڊ پاڪستان جي ادارن خلاف سوشل ميڊيا مهم ۾ لڳي ويا آهن، جيڪا ضرورتمند ماڻهن جي مدد ڪرڻ بدران ڏڦيڙ پيا پکيڙين. شرجيل ميمڻ چيو ته عمران خان زڪوات جي فنڊن کي ريئل اسٽيٽ وينچر طرف موڙي ڇڏيو آهي،  هاڻي هو مني لانڊرنگ ۽ پرڏيهي فنڊنگ جي ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهي………………

تخته بيگ پوليس ۽ فرنيٽئر ڪور جي گڏيل پوسٽ تي دهشتگردن جو حملو

0
خيبر جي تخته بيگ پوليس ۽ فرنيٽئر ڪور جي گڏيل چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي ۾ 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ دهشتگرد فرار ٿي ويا. رات دير سان تخته بيگ پوليس ۽ فرنيٽئر ڪور جي گڏيل چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن حملو ڪيو. ڊي پي او موجب، چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ فائرنگ سبب هڪ پوليس ۽ هڪ ايف سي اهلڪار زخمي ٿي پيا جن کي سي ايم ايچ پشاور منتقل ڪيو ويو جتي هنن دم ڏئي ڇڏيو. ڊي پي ايو موجب، چيڪ پوسٽ تي حملي دوران ڌماڪن ۽ فائرنگ جي رد عمل ۾ جوابي ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران دهشتگرد فرار ٿي ويا. واضع رهي ته پوليس ۽ فرنيٽئر ڪور جي گڏيل چيڪ چيڪ پوسٽ تخته بيگ پوسٽ جمرود بازار ڀرسان پاڪ افغان شاهراهه تي موجود آهي…
Exit mobile version