وفاقي حڪومت ايندڙ پندرنهن ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي
جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ملڪ ۾ ٻيهر شفاف چونڊن جو مطالبو ڪري ڇڏيو
جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ملڪ ۾ ٻيهر شفاف چونڊن جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته ملڪ ۾ صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرايون وڃن، اسٽيبلشمينٽ کي اليڪشن کان پري رکيو وڃي.
هن چيو ته چونڊن ۾ اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت خلاف تحريڪ کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته آمريڪي ڪانگريس ملڪي چونڊن کي شڪي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪومت اڃا تائين سيڙپڪاري لاءِ چين جو اعتماد حاصل نه ڪري سگهي آهي.
هن چيو ته جي يو آءِ کي تحريڪ انصاف بابت خدشا آهن، ڳالهين لاءِ مناسب ماحول جي ضرورت آهي.
سندس چوڻ هو ته حڪومت ملڪ ۾ دهشتگردي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، سرحدن تي جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ملڪي مفادن ۾ ناهي.
مولانا فضل الرحمان چيو ته آپريشن عزم استحڪام بابت به اتفاق نظر نه اچي رهيو آهي.
هن چيو ته چيو پيو وڃي ته افغانستان ۾ ڪارروائي ڪئي ويندي، پاڪستان ۾ دهشتگردن کي روڪڻ ۾ ناڪامي تي پردو وجهڻ لاءِ افغانستان تي حملي جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي.
سندس چوڻ هو ته ڇا اها حقيقت ناهي ته ڪي پي ۾ ترقياتي فنڊن جو 10 سيڪڙو دهشتگردن حوالي نه ڪيو ويندو آهي.
فضل الرحمان چيو ته ڇا حڪومت دهشتگردن اڳيان بيوس آهي، ڪيترائي اهڙا سوال آهن جيڪي اٿاري رياست خلاف ڏکيائيون پيش ڪرڻ نه ٿو چاهي.
سنڌ حڪومت ڪي اليڪٽرڪ کي مڪمل سهڪار فراهم ڪندي، ڪجهه علائقن ۾ لوڊشيڊنگ ۾ بهتري آئي آهي: ناصر حسين شاهه
سنڌ جي توانائي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه پاران رات دير سان ڪي اليڪٽرڪ جي سينٽرل لوڊ ڊسپيچ سينٽر جو دورو ڪيو ويو.
ان موقعي تي ناصر شاهه چيو ته هو اڄ ڪي اليڪٽرڪ جي آفيس آيو آهي ته جيئن شهر جي بجلي جي گهرج بابت يوٽيلٽي جي انتظام جو جائزو ورتو آهي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ڪي اليڪٽرڪ کي مڪمل سهڪار فراهم ڪندي، ڪجهه علائقن ۾ لوڊشيڊنگ ۾ بهتري آئي آهي.
سنڌ جي توانائي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ڪي اليڪٽرڪ يقين ڏياريو آهي ته ٽن کان چئن ڏينهن ۾ لوڊشيڊنگ ۾ وڌيڪ گهٽتائي ايندي.
هن چيو ته سندن پوري ڪوشش آهي ته هو پنهنجي ماڻهن کي وڌ کان وڌ رليف ڏئي سگهن.
سنڌ جي توانائي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ سرڪار عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهي آهي
صدر آصف علي زرداري فنانس ترميمي بل 2024ع جي منظوري ڏئي ڇڏي
صدر آصف علي زرداري فنانس ترميمي بل 2024ع جي منظوري ڏئي ڇڏي.
فنانس بل 2024ع جي صحي ٿيل ڪاپي پارليامينٽ کي اماڻي وئي.
صدر جي منظوري بعد فنانس ترميمي بل پهرين جولاءِ کان لاڳو ٿيندو.
ياد رهي ته وفاقي بجيٽ جو ڪل ڪاٿو 18 هزار ارب رپين کان وڌيڪ آهي، فنانس بل تحت مختلف ٽيڪسن ۽ ڊيوٽيز ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي، نئين وفاقي بجيٽ سڀاڻي کان لاڳو ٿيندي، 200 ارب رپين کان وڌيڪ جا ٽيڪس لڳندا.
واضح رهي ته فنانس ترميمي بل 2024 گذريل ڏينهن صدر آصف علي زرداري ڏانهن اماڻيو ويو هو، پارلياماني ذريعن موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق فنانس ترميمي بل صدر کي موڪليو هو……………
سنسني خير ميچ کانپوءِ ڀارت ڏکڻ آفريڪا کي شڪست ڏئي هڪ ڀيرو ٻيهر ٽي 20 ورلڊ چيمپيئن بڻجي ويو
سنسني خير ميچ کانپوءِ ڀارت ڏکڻ آفريڪا کي شڪست ڏئي هڪ ڀيرو ٻيهر ٽي 20 ورلڊ چيمپيئن بڻجي ويو.
بارباڊوس جي برج ٽائون ۾ کيڏيل فائنل ۾ ڀارتي ٽيم جي ڪپتان روهت شرما ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.
ڀارتي ڪپتان روهت شرما ۽ ويرات ڪوهلي اننگز جي شروعات ڪئي ۽ شرما 23 رنسن جي مجموعي اسڪور تي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو، جنهن کانپوءِ رشڀ پنت رنسون ٺاهڻ بنا ۽ سوريه ڪمار ياديو 36 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
ويرات ڪوهلي ۽ اڪسر پٽيل ذميواراڻي بيٽنگ ڪئي ۽ گڏيل طور تي 72 رنسون ٺاهيون، اڪسر پٽيل 31 بالن تي 4 ڇڪن جي مدد سان 47 رنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿيو.
ان کانپوءِ ڪوهلي ۽ ڊوبي بيٽنگ کي سنڀاليو پر ڪوهلي 76 رنسون ٺاهي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو.
ڀارت مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 176 رنسون ٺاهيون. ڪوهلي 76، اڪسر 47 ۽ شيوم ڊوبي 27 رنسون ٺاهيون.
ڏکڻ آفريڪا طرفان اينريخ نورڪيا ۽ ڪيشو مهاراج 2-2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.
ڀارت پاران ڏنل 177 رنسن جي هدف ۾ ڏکڻ آفريڪا جي اننگز جي شروعات مايوس ڪندڙ رهي ۽ پهرين 2 وڪيٽون 12 رنسن تي ڪري پيون.
ڪوئنٽن ڊي ڪڪ ۽ ٽرسٽن ٽبس ٽئين وڪيٽ تي 58 رنسن جي پارٽنرشپ ڪري ٽيم جي پوزيشن کي مستحڪم ڪيو پر ٽرسٽن ٽبس 31 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.
ڪوئنٽن ڊي ڪڪ 39 رنسون ٺاهي ڪلديپ کي ڪيچ ڏئي آئوٽ ٿيو، پر ڪلاسن جارحاڻي اننگز کيڏي ۽ 27 بالن تي 5 ڇڪن ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان 52 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو.
آخري اوور ۾ ڏکڻ آفريڪا کي کٽڻ لاءِ 16 رنسون گهربل هيون پر سوريا ڪمار ياديو هاردڪ پانڊيا جي بال تي بائونڊري تي ملر جو شاندار ڪيچ ورتو، ان پوءِ واري بال تي 4 رنسون ٺاهيون ويون، پوءِ ٽئين بال تي هڪ رنس ٺاهي وئي، چوٿين بال تي هڪ رن به آيو، پوءِ وائڊ بال ٿي ويو، جنهن کانپوءِ ربادا پنجين بال تي ڪيچ آئوٽ ٿيو ۽ آخري بال تي هڪ رن ٺاهي وئي.
اهڙي طرح ڀارت ڏکڻ آفريڪا کي 7 رنسن تان شڪست ڏئي ٻيو ڀيرو ٽي ٽوئنٽي چيمپيئن بڻجي ويو.
ڀارت 2007 ۾ ٽي 20 چيمپيئن به بڻيو هو.
ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 169 رنسون ٺاهيون. جسپريت بمرا جي شاندار اسپيل ڀارت کي فتح ڏياري ۽ هن 4 اوورن ۾ 18 رنسون ڏئي 2 بالرن کي آئوٽ ڪيو جڏهن ته ارشد به 2 وڪيٽون ورتيون…..
ٽريفڪ پوليس عملي خلاف شڪايت جي صورت ۾ ايس پي ۽ ڊي ايس پي خلاف به ڪارروائي ٿيندي: آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ايندڙ ڇهن مهينن لاءِ ٽريفڪ سيڪشن آفيسرن ۽ رڪارڊ ڪيپرن جي مقررين ۽ بدلين تي پابندي لڳائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ٽريفڪ پوليس عملي خلاف شڪايت جي صورت ۾ ايس پي ۽ ڊي ايس پي خلاف به ڪارروائي ٿيندي، ڪجهه عنصرن جي غيرقانوني ۽ انفرادي عمل سبب پوري پوليس کاتي تي تنقيد ٿئي ٿي.
ڪراچيءَ ۾ ٽريفڪ پوليس جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي خطاب ڪندي چيو ته هو ايندڙ ڇهن مهينن تائين ٽريفڪ سيڪشن آفيسرن ۽ رڪارڊ ڪيپرن جي مقررين ۽ بدلين تي پابندي لڳائي وڃي.
هن چيو ته هو ٽريفڪ پوليس اهلڪارن کي سخت گرمي ۾ عوام جي خدمت ۽ سٺا ڪم ڪرڻ تي سلام پيش ڪري ٿو.
سندس چوڻ هو ته ٽريفڪ ايس اوز ۽ رڪارڊ ڪيپرن خلاف شڪايت تي ايس پي ۽ ڊي ايس پي خلاف کاتيوار ڪارروائي ڪئي ويندي.
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ايس پيز ۽ ڊي ايس پيز ٽريفڪ جي تجويز تي ايس اوز ۽ رڪارڊ ڪيپرن جي بدلي ۽ مقرري جي اجازت ڏيندو.
سندس چوڻ هو ته چالان ڪرڻ جو اختيار صرف ٽريفڪ آفيسر کي هوندو، اوور اسپيڊنگ، ٽريفڪ لائٽ سگنلز ۽ رونگ وي جي ڀڃڪڙين تي چالان ڏيڻ جو اختيار ايس او ٽريفڪ کي هوندو، ڪنهن به ڪانسٽيبل کي چالان ڪرڻ جو اختيار ڪنهن به صورت ۾ نه ڏنو ويندو.
آءِ جي سنڌ چيو ته عوام سخت گرميءَ ۾ روڊن تي بيهڻ نٿو چاهي، وڏي ٽريفڪ مهم دوران ايس پي ۽ ڊي ايس پي موقعي تي موجود رهي مهم کي ليڊ ڪن.
هن چيو ته پوليس ملازمن جي بهتري لاءِ 10 لک رپين تائين هيلٿ پاليسي متعارف ڪرائي پئي وڃي، ٿاڻن کي سڌي ريت بجيٽ ڏني پئي وڃي جيئن ٿاڻا مالي طور خودمختيار ٿي سگهن.
ان موقعي تي ڪراچي پوليس چيف، وقتي ڊي آءِ جي ٽريفڪ ۽ ايس ايس پي آر آر ايف نيول بيس به خطاب ڪيو
ايران ۾ وقت کان اڳ ٿيل صدارتي چونڊن ۾ ڪو به اميدوار 50 سيڪڙو ووٽ حاصل نه ڪري سگهيو
ايران ۾ وقت کان اڳ ٿيل صدارتي چونڊن ۾ ڪو به اميدوار 50 سيڪڙو ووٽ حاصل نه ڪري سگهيو، جنهن بعد ٻيهر ووٽنگ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
عرب ميڊيا موجب ايراني گهرو وزارت تصديق ڪئي ته صدارتي چونڊن ۾ ڪنهن به اميدوار کي اڪثريت يعني 50 سيڪڙو ووٽ نه ملڻ سبب ايران ۾ 5 جولاءِ تي ٻيهر صدارتي چونڊون ٿينديون، ٻئي مرحلي ۾ مسعود پزيشڪيان ۽ سعيد جليلي ۾ مقابلو ٿيندو.
ايراني گهرو وزارت موجب صدارتي چونڊن ۾ هلي تائين 2 ڪروڙ 45 لک ووٽ ڳڻيا ويا آهن، جن ۾ مسعود پيزشڪيان هڪ ڪروڙ 4 لک، سعيد جليلي کي 94 لک ووٽ مليا، محمد باقر کي 34 لک ۽ مصطفيٰ پور محمدي کي 2 لک ووٽ مليا آهن.
ايراني ميڊيا موجب صدارتي چونڊن لاءِ پولنگ جمعي ڏينهن صبح اٺين وڳي شروع ٿي، جنهن ۾ رات ٻارهين وڳي تائين واڌ ڪئي وئي، پولنگ جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي.
ايراني اليڪشن ڪميشن موجب 28 جون تي ٿيل صدارتي چونڊن ۾ ٽرن آئوٽ 40 سيڪڙو رهيو، جڏهن ته 2021ع ۾ ٿيل اليڪشن جو ٽرن آئوٽ 48 سيڪڙو هو……..
انصاف کانسواءِ ڪو به معاشرو ترقي نه ٿو ڪري سگهي، عورتن کي وراثت ۾ حصو نه ڏيڻ اسلامي تعليم خلاف آهي: چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته انصاف کانسواءِ ڪو به معاشرو ترقي نه ٿو ڪري سگهي، عورتن کي وراثت ۾ حصو نه ڏيڻ اسلامي تعليم خلاف آهي.
اسلام آباد ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته عورتن جي هر شعبي ۾ نمائندگي ضروري آهي، آئين عورتن کي پنهنجا حق ڏنا آهن.
هن چيو ته هر شعبي ۾ عورتن جي شموليت يقيني بڻائي ويندي، عورتن جي حقن جي تحفظ لاءِ نوان قانون به آڻي سگهجن ٿا.
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽن تي آيل عورتن جي ڪارڪردگي مردن کان بهتر هوندي آهي، عورتون نه رڳو مخصوص سيٽن پر سڌيءَ ريت به چونڊجي اچي سگهن ٿيون.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته نوڪرين واري هنڌ آئين عورتن جي تحفظ جي ضمانت ڏي ٿو، پنجن کان سورهن ورهين جي ٻارن کي تعليم لازمي حاصل ڪرڻ گهرجي، قومي اسيمبليءَ سميت مختلف ادارن ۾ عورتن لاءِ مخصوص سيٽون آهن.
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته اسلام عورتن کي وڏا حق ڏنا آهن، قرآن جو پهريون لفظ اقرا آهي، جيڪو مرد ۽ عورتن ۾ فرق نه ٿو ڪري، ڪنهن عورت تي ڪوڙو الزام مڙهڻ تي اسلام ۽ قانون ۾ ڏنڊ جي حد مقرر آهي.
هن چيو ته هو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ثقافت جي هاڪاري پاسن کي وساري ڇڏيندا آهن، دين ۾ علم حاصل ڪرڻ مرد سان گڏ عورتن تي به فرض ڪيو ويو آهي.
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته مرد شڪايت ڪندا آهن ته عورتن لاءِ ڪوٽا سسٽم آهي، آئين جي آرٽيڪل 25 کي نظر ۾ رکندي عورتن لاءِ قدم کڻڻ گهرجن، سندن ملڪ ۾ عورتن کي وراثت جو حق نه ملڻ اهم مسئلو آهي.
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته غيرت جي نالي قتل وارو اصطلاح غلط استعمال ڪيو ويندو آهي، اسلام ۾ زنا ثابت ڪرڻ لاءِ چئن شاهدن جي شرط لازمي آهي، پر هتي شرط پوري ڪرڻ کانسواءِ عورت کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو وڃي ٿو.
جسٽس قاضي فائز عيسي ٰچيو ته قرآن ۾ عورتن تي الزام مڙهڻ يا بي حرمتي ڪرڻ تي 80 ڪوڙن جي سزا آهي، پاڪستاني قانون جي سيڪشن 496 تحت به سزا آهي، هن عورتن لاءِ اهڙي سزا ناهي ڏٺي، ان جي ابتڙ عورتن کي سزا ملندي ڏٺو آهي.
سنڌ حڪومت، گريڊ هڪ کان 15 تائين ڀرتين لاءِ اميدوارن کان ٽيسٽ ۽ انٽرويو ٻيهر وٺڻ جو فيصلو
سنڌ حڪومت، گريڊ هڪ کان 15 تائين ڀرتين لاءِ اميدوارن کان ٽيسٽ ۽ انٽرويو ٻيهر وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
سنڌ هائيڪورٽ جي جسٽس ظفر احمد راجپوت ايم ڪيو ايم جي وڪيل فروغ نسيم جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.
ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، صوبائي حڪومت طرفان عدالت ۾ تجويز پيش ڪري ڇڏي.
ٻڌڻي دوران ايم ڪيو ايم جي وڪيل فروغ نسيم ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ دليل ڏنا.
سنڌ هائيڪورٽ، سنڌ سرڪار جي تجويز تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو.
ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته سنڌ حڪومت ملازمتن لاءِ ٻيهر اشتهار جاري ڪندي.
ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جو چوڻ آهي ته قانون موجب ٻيهر امتحان ۽ بعد ۾ انٽرويو ورتا ويندا.
سنڌ هائيڪورٽ ايم ڪيو ايم جي درخواست تي آگسٽ 2023ع ۾ ملازمتون ڏيڻ بابت سڄي صوبي ۾ منع نامو جاري ڪيو……
پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پريميئم نمبر پليٽس جي نيلامي جي تقريب اڄ ڪراچي ۾ ٿيندي: شرجيل انعام ميمڻ
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پريميئم نمبر پليٽس جي نيلامي جي تقريب اڄ ڪراچي ۾ ٿيندي.
هڪ بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پريميئم نمبر پليٽس جي نيلامي جي تقريب ٿي رهي آهي ۽ نيلامي مان حاصل ٿيندڙ رقم ٻوڏ متاثرن لاءِ هائوسنگ اسڪيم پروجيڪٽ کي ڏني ويندي.
سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اهڙو قدم کڻڻ جو مقصد قدرتي آفتن سبب متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي مدد ڪرڻ آهي.
هن چيو ته اها نيلامي، سيڙپڪاري ۽ هڪ اهم انساني مقصد ۾ حصو وجهڻ جو موقعو ٻنهي جي نمائندگي ڪري ٿي















