وفاقي بجيٽ جي منظوري سان ئي عالمي مالياتي فنڊ هڪ دفعو ٻيهر ڊو مور جو مطالبو ڪري ڇڏيو
لائبريريون آباد ٿينديون ته نوجوان نسل اڳتي وڌندو :سيد ذوالفقار علي شاهه
صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه جو چوڻ هوته لائبريريون آباد ٿينديون ته نوجوان نسل اڳتي وڌندو.
ثقافت، سياحت، نوادرات ۽ آرڪائيوز واري صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه جي صدارت هيٺ بڪ پبلشرز جو اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ ڊي جي لائبريري اعجاز احمد شيخ ۽ لاڳاپيل آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي.
سنڌ جي لائبريرين ۾ نون ڪتابن ۽ گهربل سهولتن بابت بريفنگ ڏني وئي.
صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه چيو ته ڪميشن جي امتحانن جي تياري لاءِ سمورن ڪتابن جي فراهمي سڀني لائبريرين ۾ لازمي ڪئي وڃي.
سندس چوڻ هو ته لائبريرين ۾ ٻيا ضروري ڪتاب پڻ فراهم ڪيا وڃن.
سيد ذوالفقار علي شاهه جو چوڻ هو ته ڪتاب پڙهندڙن ۽ شاگردن جي ضرورتن موجب مقامي لائبريرين ۾ ڪتاب فراهم ڪيا ويندا.
هن چيو ته سڀني لائبريرين کي شمسي توانائي تي منتقل ڪيو ويندو، لائبريرين کي اپ گريڊ ڪرڻ سان شاگردن کي سهولت ملندي.
صوبائي وزير جو چوڻ هو ته لائبريرين ۾ گرلز سيڪشن الڳ قائم ڪيا ويندا، شاگردن کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪيون وينديون.
سندس چوڻ هو ته لائبريرين ۾ جديد سهولتون فراهم ڪري انتظام وڌيڪ بهتر بڻايا ويندا.
صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه جو چوڻ هوته لائبريريون آباد ٿينديون ته نوجوان نسل اڳتي وڌندو.
آپريشن عزم استحڪام فوج جي نه پر سندن ضرورت آهي : خواجا آصف
بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته آپريشن عزم استحڪام فوج جي نه پر سندن ضرورت آهي.
برطانوي نشرياتي اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته ماضي ۾ ڪيل فوجي آپريشن کانپوءِ ملڪ ۾ ٻيهر دهشتگردي وڌڻ جي اميد نه هئي، آپريشن عزم استحڪام فوج جي نه پر سندن ضرورت آهي، اها حڪومت جي به ذميواري آهي ۽ اها ذميواري کڻڻ گهرجي.
خواجه آصف وڌيڪ چيو ته دهشتگردي جي تازي لهر کي منهن ڏيڻ لاءِ نئين حوصلي ۽ شدت سان آپريشن جي ضرورت آهي. گذريل هڪ سال ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ واڌ کانپوءِ نئين لائين اپ جي ضرورت هئي. هن ڀيري آپريشن سبب لڏپلاڻ نه ٿيندي پر انٽيليجنس بنيادن تي آپريشن ڪيو ويندو.
بچاءَ واري وزير چيو ته گذريل ڏهاڪي ۾ اهڙا ڪيترائي واقعا ٿيا آهن جيڪي وڌندڙ دهشتگردي جو سبب بڻيا آهن، جن ۾ افغانستان مان نيٽو ۽ آمريڪي فوجن جي واپسي ۽ پاڪستان ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت دوران ٽي ٽي پي جي ويڙهاڪن کي واپس ملڪ آڻڻ شامل آهي.
سندس چوڻ هو ته اميد هئي ته افغان حڪومت هنن سان سهڪار ڪندي، پر اهي طالبان ويڙهاڪن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نظر نه آيا، ڇاڪاڻ ته اهي سندن اتحادي هئا.
خواجه آصف چيو ته طالبان سان ڳالهين کانپوءِ 4 کان 5 هزار ماڻهن کي واپس آڻڻ جو تجربو ويو ۽ طالبان جا اهي ساٿي جيڪي افغانستان مان ڪارروايون ڪري رهيا هئا انهن کي پاڪستان ۾ پناهه ملي وئي. ھاڻي اھي اچن ٿا، گھرن ۾ رھن ٿا ۽ ڪارروايون ڪن ٿا، پاڪستان افغانستان ۾ طالبان جي ٺڪاڻن خلاف ڪارروايون جاري رکندو.
مقامي ماڻهن جي اعتماد کانسواءِ آپريشن ڪيئن ڪامياب ٿيندي؟ جي سوال تي خواجه آصف جواب ڏنو ته انهن جي ترقي لاءِ مختص رقم ۽ حڪمت عملي ۾ ڪوتاهي ڪئي وئي آهي. جڏهن ته سندس موجب قبائلي عوام جو هڪ وڏو حصو ان آپريشن خلاف ناهي.
خواجا آصف ان تاثر کي رد ڪيو ته قبائلي علائقن مان ووٽ بئنڪ رکندڙ سياسي پارٽين سان صلاح مشورو نه ڪيو ويو، پر ان معاملي تي وڌيڪ ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي.
کپرو: اڳوڻو تعلقي ناظم خدابخش درس گارڊ سميت قتل
کپري ويجهو هٿياربندن اڳوڻو تعلقي ناظم خدابخش درس ۽ سندس گارڊ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
هٿياربندن گوليون هڻي خدا بخش درس ۽ سندس گارڊ خالق ڏني درس کي قتل ڪري ڇڏيو.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي خدابخش درس ۽ خالق ڏني درس جا لاش تعلقي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا.
علائقي واسين جو چوڻ آهي ته خدا بخش درس پنهنجي زرعي زمين تي وڃي رهيو هو ته تاڙ ۾ ويٺل هٿياربندن کيس گولين جو کاڄ بڻائي ڇڏيو.
ڪنري ويجهو پنجن ٻارن جي ماءُ مبينا طور ڦاھو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو
ڪنري ويجهو پنجن ٻارن جي ماءُ مبينا طور ڦاھو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو.
ڳوٺ وسيم سرور آرائين ۾ 5 ٻارن جي ماءُ پاٻي زال رام سنگھه ميگھواڙ جو گهر اندر اڳٽ سان ڇت ۾ ڦاهو لڳل لاش هٿ آيو.
پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي عورت جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو، ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
مبينا طور آپگهات ڪندڙ عورت جي مڙس چيو ته هو پاڻي جي واري تي ويل هو، گهر ۾ ڪابه اڻبڻت نه هئي خبر ناهي گهر واري اھڙو جذباتي قدم ڇو کنيو آھي.
فوتڻ جي ڀاءُ چيو ته ڪنھن تي ڪو شڪ ناهي ۽ نه ئي ڪا ڪارروائي ڪرائڻ چاهيون ٿا، ڀيڻ آپگھات ڪيو آھي.
سکر بئراج ۾ عارضي گيٽ لڳائڻ باوجود واهن ۾ پاڻي مڪمل ڇوڙ نه ٿي سگهيو
سکر بئراج ۾ عارضي گيٽ لڳائڻ باوجود واهن ۾ پاڻي مڪمل ڇوڙ نه ٿي سگهيو، جڏهن ته سکر بئراج وٽ 30 سيڪڙو ۽ گڊو بئراج وٽ 45 سيڪڙو پاڻي کوٽ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
سکر بئراج جي واهن کي پاڻي گهرج 60 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ واهن ۾ 43 هزار 580 ڪيوسڪ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي.
سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 66هزار 50 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 18هزار 870 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.
سکر بئراج جي واهن ۾ گڏيل کوٽ 30 سيڪڙو ٻڌائي پئي وڃي.
کيرٿر ڪئنال ۾ 4 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ رائيس ڪئنال ۾ 9هزار 200 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
دادو ڪئنال ۾ 2 هزار 250، نارا ڪئنال ۾ 13 هزار 7 سو ۽ روهڙي ڪئنال ۾ 10 هزار 9 سئو ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.
حيدرآباد جي علائقي لطيف آباد ۾ انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو، گهريلو تڪرار تان ماءُ ۽ ڌيءُ قيد
حيدرآباد جي علائقي لطيف آباد يونٽ نمبر 5 ۾ گهريلو تڪرار تان ڀائٽين پنهنجي چاچيءَ ۽ سندس ڌيءُ کي ڀِت ڏئي گهر اندر قيد ڪري ڇڏيو.
لطيف آباد يونٽ نمبر 5 ۾ گهريلو تڪرار تان ڀائٽين پنهنجي چاچيءَ ۽ سندس ڌيءُ کي ڀت ڏئي گهر اندر قيد ڪري ڇڏيو.
اطلاع تي بي سيڪشن پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڀِت ٽوڙي ماءُ ۽ ڌيءُ کي حفاظت سان ٻاهر ڪڍيو.
پوليس ترجمان موجب شروعاتي اطلاعن موجب ماءُ ۽ ڌيءُ گذريل هڪ ڏينهن کان قيد هئا، واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن…….
ڪراچيءَ ۾ محرم الحرام دوران بنا اجازت جلوس ۽ ريليون ڪڍڻ تي پابندي لاڳو
ڪراچيءَ ۾ محرم الحرام دوران بنا اجازت جلوس ۽ ريليون ڪڍڻ تي پابندي لاڳو ڪندي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
صوبائي گهرو کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پابندي پهرين محرم کان ڏهين محرم تائين رهندي.
نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته 9 ۽ 10 محرم الحرام تي موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي به پابندي هوندي.
صوبائي گهرو کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، محرم الحرام دوران هٿيارن جي نمائش ۽ ڊرونز اڏائڻ تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي، ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي………
ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اعليٰ قيادت جي خدشن باوجود جو بائيڊن صدارتي چونڊن جي ڊوڙ مان نڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو
ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اعليٰ قيادت جي خدشن باوجود آمريڪي صدر جو بائيڊن صدارتي چونڊن جي ڊوڙ مان نڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
آمريڪي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته صدر بائيڊن جي مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي سبب ڊيموڪريٽ قيادت سندس جاءِ تي ٻيو صدارتي اميدوار آڻڻ تي غور ڪري رهي آهي.
بحث کانپوءِ ڊيموڪريٽڪ گروپ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي جڏهن ته جوبائيڊن واضع ڪيو آهي ته هو ريپبلڪن حريف ڊونلڊ ٽرمپ سان ايندڙ مباحثي جو منتظر آهي.
امريڪي اخبار موجب، پهرين مباحثي ۾ ڪجهه خامين سبب جو بائيڊن تي ڪجهه ڊيموڪريٽس پاران تنقيد ڪئي پئي وڃي ته هو ايندڙ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اهل ناهي ۽ سندس عمر ان ڳالهه جي اجازت نٿي ڏئي ته هو ايندڙ چار ورهين تائين صدارتي ذميواريون نڀائي سگھندو.
پارٽي اڳواڻن طرفان اهو مطالبو سامهون آيو آهي ته جوبائيڊن جي جاءِ تي ڊيموڪريٽ پارٽي کي ڪنوينشن ۾ ڪنهن نئين ۽ مضبوط اميدوار کي اڳتي آڻڻ گھرجي، جڏهن ته بائيڊن واضع ڪيو آهي ته هو پاڻ ئي اميدوار رهندو.
ملڪ ۾ مسلسل هڪ مهينو مهانگائي جي شرح ۾ اضافي بعد پنجين هفتي مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي ٿي آهي
ملڪ ۾ مسلسل هڪ مهينو مهانگائي جي شرح ۾ اضافي بعد پنجين هفتي مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي ٿي آهي، هلندڙ هفتي ۾ مهانگائي جي شرح ٻڙي ڏهائي 73 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، جڏهن ته سالياني بنياد تي مهانگائي جي شرح گهٽ ٿي 22 ڏهائي 88 سيڪڙو تي اچي وئي آهي.
شماريات کاتي طرفان جاري ڪيل هفتيوار رپورٽ ۾ چيو ويو ته هلندڙ هفتي عام واهپي جي ارڙهن شين جي اگهن ۾ اضافو، 8 جا اگهن ۾ گهٽتائي ۽ 25 شين جا اگهه برقرار رهيا.
رپورٽ موجب ٽماٽو، 25 ڏهائي 25 سيڪڙو، ڪڪڙ 14 ڏهائي 20 سيڪڙو، بصر 3 ڏهائي 90 سيڪڙو، ٿوم 2 ڏهائي 80 سيڪڙو، بريڊ جي قميت ۾ ٻڙي ڏهائي 81 سيڪڙو، آنا جا اگهه ٻڙي ڏهائي ٻڙي 9 سيڪڙو ۽ چانور جي اگهن ۾ ٻڙي ڏهائي 15 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.
شماريات کاتي موجب ايل پي جي 5 ڏهائي 38 سيڪڙو مهانگي ٿي، چڻن، مڱن، ماش ۽ مهريءَ جي دال جا اگهه به وڌيا.















