قومي اسيمبليءَ مالي سال 25-2024ع لاءِ 18 هزار 887 ارب رپين جي وفاقي بجيٽ اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ورتي
آمريڪي ٺهراءُ پاڪستان جي معاملن ۾ مداخلت آهي جيڪا قبول ناهي : ممتاز زهرا بلوچ
پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته آمريڪي ٺهراءُ پاڪستان جي معاملن ۾ مداخلت آهي جيڪا قبول ناهي.
اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان هڪ خودمختيار ملڪ آهي، آمريڪي ڪانگريس ۾ ٺهراءَ پاڪستان جي معاملن ۾ مداخلت آهي جيڪو قبول ناهي.
هن چيو ته بدقسمتي سان آمريڪي ڪانگريس زميني حقيقتن کي ڄاڻڻ کانسواءِ ٺهراءُ منظور ڪيو، آمريڪا سان سندن بهترين لاڳاپا آهن.
سندس چوڻ هو ته هڪ ٻئي جي اندرونهي معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ جي پاليسي تي عمل ڪيو وڃي ته لاڳاپا بهتر رهندا آهن.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته آمريڪي ڪانگريس کي پاڪ آمريڪا لاڳاپن لاءِ جي مضبوطي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته آمريڪي ڪانگريس جو ٺهراءُ پاڪستان جي گهرو معاملن ۾ غير ضروري مداخلت آهي، پاڪستان آمريڪا سان لاڳاپا گڏيل اعتماد ۽ هڪ ٻئي جي اندروني معاملن ۾ عدم مداخلت جي بنياد تي قائم رکڻ چاهي ٿو.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان غزا مان اسرائيلي فورسزجي واپسي جو مطالبو ڪري ٿو، فلسطين تي گڏيل قومن جي انڪوائري رپورٽ ۾ هٿين خالي فلسطينينجي قتل بابت حيران ڪندڙ انڪشاف ڪيا ويا آهن.
صحافي جان محمد مهر قتل ڪيس ۾ جوابدارن تي فرد جرم لاڳو
سکر جي عدالت صحافي جان محمد مهر قتل ڪيس ۾ جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪندي ڪيس هلائڻ لاءِ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ٻڌڻي 12 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ صحافي جان محمد مهر جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
جج عبدالرحمان قاضي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران فريادي ڪرم الله مهر، آصف مهر، وڪيل سهيل احمد کوسو، عبدالقدير کوسو، پراسيڪيوٽر، جوابدار ڌر جا وڪيل ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا.
جوابدار بخشل عرف بخشو مهر، بابر مهر، بشير مهر، منور مهر، شيرو شيخ ۽ رمضان شيخ به عدالت ۾ پيش ٿيا.
عدالت جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو. جڏهن ته جوابدارن ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪيو.
عدالت ريمارڪس ڏنا ته جوابدار ڌر ڪيس جلدي هلائڻ لاءِ درخواست ڏني آهي پر وڪيل گذريل ٻڌڻي تي به پيش نه ٿيا هئا.
عدالت ڪيس هلائڻ لاءِ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 12 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار شيرو ۽ رمضان شيخ جي ضمانت بابت درخواست به رد ڪري ڇڏي.
ڪيس ۾ نامزد 3 جوابدار بشير مهر، شيرو شيخ ۽ رمضان شيخ جيل ۾ قيد آهن جڏهن ته بخشل مهر، بابر مهر ۽ منور مهر ضمانت تي آزاد آهن.
ڪيس ۾ نامزد مک جوابدار شيرو مهر، گلزار مهر، روشن مهر، جمن مهر، قربان مهر، نصير مهر ۽ محسن مهر روپوش آهن.
سکر بئراج جي گيٽ نمبر 47 تي عارضي دروازو لڳائڻ وارو ڪم مڪمل
سکر بئراج عارضي دروازو گيٽ نمبر 47 تي لڳائڻ وارو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي.
سکر بئراج جي پانڊ ليول ۾ اضافو ٿيڻ وارو عمل جاري آهي.
سکر بئراج تي پانڊ ليول 196 ڏهائي 6 فوٽ تي پهچي ويو.
سکر بئراج جي رائيس ڪئنال ۾ 9 هزار 200 ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو ويو آهي.
دادو ڪئنال ۾ 2000 ڪيوسڪ ۽ نارا ڪينال ۾ 13 هزار 700 ڪيوسڪ ڇوڙ ڪيو ويو.
روهڙي ڪئنال ۾ 10 هزار 50 ڪيوسڪ ڇوڙ ڪيو ويو آهي.
سکر بئراج جي واهن ۾ مجموعي طور 41 هزار 550 ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو ويو.
سکر بئراج جو مٿانهون وهڪرو 66 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 25 هزار 350 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
ڪيسن گيٽ لڳائڻ کانپوءِ 47 دروازي جو ڪم شروع ڪيو ويندو.
عارضي دروازي لڳڻ کانپوءِ بند ۽ دروازي جي وچ مان پاڻي نيڪال ڪري ان کي خالي ڪيو ويندو جنهن بعد گيٽ نمبر 47 تي ڪم شروع ڪيو ويندو.
فيض گنج ڪار سانحو نئون رخ اختيار ڪري ويو، فوتين جي وارثن قتل جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو.
فيض گنج ڪار سانحو نئون رخ اختيار ڪري ويو، فوتين جي وارثن قتل جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو.
فوتين جي وارثن شريف الدين سهتو ۽ اسد الله سهتو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندن ڀاءُ ۽ خاندان کي رٿابندي ڪري قتل ڪيو ويو آهي.
هنن چيو ته حبيب الله سهتو پسند جو پرڻو ڪيو هو، شڪ آهي ته رٿا بندي تحت کيس زال ۽ ٻار سميت قتل ڪيو ويو آهي.
وارثن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.
لکي غلام شاهه لڳ مهر ۽ جتوئي برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ تڪرار تان وڌيڪ هڪ ڄڻو قتل
لکي غلام شاهه لڳ مهر ۽ جتوئي برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ تڪرار تان وڌيڪ هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو، ٻنهي ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار سبب مارجي ويلن جو انگ 3 ٿي ويو.
بچل ڀيو ٿاڻي جي حد ۾ مهر ۽ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار ٻيهر ڪر کنيو، ٻنهي ڌرين طرفان هڪ ٻئي مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪئي وئي.
فائرنگ جي ڏي وٺ دوران گوليون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو بروهي مهر قتل ٿي ويو، مقتول جو لاش لکي غلام شاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ ٽي مهينا اڳ اغوا ٿي ويل نوجوان عامر مهر جي معاملي تان وڌي آهي، جهيڙي دوران هن وقت تائين معصوم ٻارڙيءَ سميت 3 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن.
ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙيل آهي، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو……..
ميان صاحب: قومي شاهراهه تان پ ٽ الف جي اڳوڻي صدر کان ڦر
ميان صاحب لڳ هٿياربندن پاران پ ٽ الف جي اڳوڻي مرڪزي صدر انتظار حسين ڇلگري ۽ سندس ڊرائيور کي يرغمال بڻائي ڪار ۽ ٻيو سامان ڦر ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا.
سلطان ڪوٽ ٿاڻي جي حد نيشنل ھاءِ روڊ تان رات دير سان هٿياربندن انتظار ڇلگيري کي ڊرائيور سميت يرغمال بڻائي ڪار، موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا.
انتظار حسين ڇلگري جو چوڻ هو ته هٿياربند اسان کان ڪار، هزارين رپيا روڪ رقم ۽ موبائل فونون ڦُر ڪري ويا.
اطلاع تي پوليس پهچي واقعي بابت معلومات وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي…..
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ ڀارت انگلينڊ کي شڪست ڏئي ٽيون ڀيرو فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ ڀارت انگلينڊ کي شڪست ڏئي ٽيون ڀيرو فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
ٻئي سيمي فائنل ۾ انگلينڊ ڀارت خلاف ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، ڀارتي ٽيم انگلش ٽيم کي کٽڻ لاءِ 172 رنسن جو هدف ڏنو.
روهت شرما ۽ سوريا ڪمار ياديو ذميواراڻي بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو، روهت شرما 57 ۽ سوريا ڪمار ياديو 47 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي.
ان کان علاوه ڀارت جي اسٽار بيٽر ويرات ڪولهي صرف 9 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو، جڏهن ته ريشڀ پنت صرف 4 رنس ٺاهي سگھيو جڏهن ته هارديڪ پانڊيا 23، اڪشتر پيٽل، 10 ۽ رويندرا جاڊيجا 17 رنسون ٺاهيون.
انگلينڊ طرفان ڪرس جورڊن 3 جڏهن ته ٽوپلي، راشد، آرچر ۽ سيم ڪرن هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.
انگلش ٽيم سٺي راند جو مظاهرو نه ڪري سگھي، سڄي ٽيم 103 رنسن تي ڍير ٿي وئي، هيري بروڪ سڀ کان وڌيڪ 25 رنس اسڪور ڪيو جڏهن ته جوز بٽلر 23 رنسون ٺاهيون.
ڀارتي بالر اڪشر پٽيل ۽ ڪـُلديپ ياديو 3-3 وڪيٽون حاصل ڪيون، جسپرٽ بمرا ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.
واضع رهي ته پهري سيمي فائنل ۾ افغانستان آساني سان 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڏکڻ آفريڪا فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري چڪي آهي..
سينيٽر فيصل واوڊا ۽ مصطفيٰ ڪمال جي غير مشروط معافي قبول
سينيٽر فيصل واوڊا ۽ مصطفيٰ ڪمال جي غير مشروط معافي قبول، توهين عدالت ڪارروائي ختم،
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته قوم کي پارليامينٽ ۽ عدليه ٻنهي جي ضرورت آهي،
صحافت ۽ اظهار جي آزادي ٻه الڳ الڳ شيون آهن، ٻاهرين ملڪن ۾ پريس ڪانفرنس سڌي نموني نشر نه ڪئي ويندي آهي،
ڇا آئين ۾ صحافت جون ڪجهه حدون مقرر نه آهن، ڇا گارگند هلائڻ اظهار جي آزاديءَ جي دائري ۾ اچي ٿو، هر معاملي ۾ آمريڪا جا مثال ڇو ڏنا ويندا آهن.
پنجاب جي بجيٽ ۾ عوام تي ڪابه ٽيڪس نه لڳائي وئي آهي، مخالف ڌر وٽ گوڙ ڪرڻ ۽ گارگند ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه ناهي : مريم نواز
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته پنجاب جي بجيٽ ۾ عوام تي ڪابه ٽيڪس نه لڳائي وئي آهي، مخالف ڌر وٽ گوڙ ڪرڻ ۽ گارگند ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه ناهي، صوبائي حڪومت پنهنجي ڪارڪردگي ذريعي مخالف ڌرکي شڪست ڏيندي، پنجاب کانسواءِ ٻئي ڪنهن به صوبي ۾ عوام کي سستي ماني نه ملي رهي آهي، انتظامي معاملن ۾ ڪنهن به قسم جي سياسي مداخلت قبول نه ڪئي ويندي.
پنجاب اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي گوڙ باوجود مريم نواز پنهنجو خطاب جاري رکندي چيو ته پنجاب حڪومت پنهنجا هڪ سئو ڏينهن مڪمل ڪري ورتا آهن، مالي سال 25-2024ع جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي آهي.
سندس چوڻ هو ته هن ڀيري پنجاب جي بجيٽ ۾ عوام تي ڪابه ٽيڪس نه لڳائي وئي آهي، مخالف ڌر وٽ گوڙ ڪرڻ ۽ گارگند ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه ناهي.
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته صوبائي حڪومت پنهنجي ڪارڪردگي ذريعي مخالف ڌر کي شڪست ڏيندي، پنجاب کانسواءِ ٻئي ڪنهن به صوبي ۾ عوام کي سستي ماني نه ملي رهي آهي، انتظامي معاملن ۾ ڪنهن به قسم جي سياسي مداخلت قبول نه ڪئي ويندي.
هن چيو ته سياسي مخالفن کان انتقام وٺڻ تمام سولو ڪم آهي، اڄ تائين شهباز شريف اهڙو ڪوبه قدم ناهي کنيو ته مخالف جي هيءَ شئي بند ڪري ڇڏيو.
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته بجيٽ منظوري بعد منصوبا شروع ٿي ويندا، پنجاب جي بجيٽ ڪا لفظن جي ڦيرڦار ناهي، مهانگائي ۾ گهڻي حد تائين گهٽتائي ٿي چڪي آهي………..















