معيشيت بهتر ٿي رهي آهي، مهانگائي ۾ گهٽتائي اچڻ گهرجي :محمد اورنگزيب
ايران ۾ چوڏهين صدارتي چونڊ لاءِ ووٽنگ جو عمل جاري
ايران ۾ چوڏهين صدارتي چونڊ لاءِ ووٽنگ جو عمل جاري آهي.
نئين ايراني صدر جي چونڊ لاءِ سڄي ملڪ ۾ پولنگ ايراني وقت موجب صبح 8 وڳي شروع ٿي جيڪا شام 6 وڳي تائين جاري رهندي.
ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو.
صدارتي چونڊ لاءِ چئن اميدوارن وچ ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي، جن ۾ سعيد جليلي، محمد باقر، مسعود پزيشڪيان ۽ مصطفيٰ پور محمدي شامل آهن.
ايران جي صدارتي چونڊ ۾ ڪابه عورت اميدوار ناهي.
اسلامي جمهوريه ايران ۾ عورتن کي صدر جي عهدي لاءِ چونڊ وڙهڻ جي اجازت ناهي.
ايراني ميڊيا موجب، ايران ۾ 6 ڪروڙ 10 کان وڌيڪ ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري رهيا آهن.
صدارتي چونڊ جي قطعي نتيجن جو اعلان ٻن ڏينهن ۾ ڪيو ويندو.
ايران ۾ صدر ابراهيم رئيسي جي شهادت بعد وقت کان اڳ صدارتي چونڊ ٿي رهي آهي.
اسرائيلي فورسز گذريل 24 ڪلاڪن دوران 47 فلسطينين کي شهيد ۽ 54 کي زخمي ڪري ڇڏيو
غزه جي پٽي تي اسرائيلي فوج جي 265 هين ڏينهن به بمباري آهي، اسرائيلي فورسز گذريل 24 ڪلاڪن دوران 47 فلسطينين کي شهيد ۽ 54 کي زخمي ڪري ڇڏيو.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته جباليه ڪيمپ ۽ بيت الاهيا ۾ گهرن تي حملن ۾ 8 فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته خان يونس ۾ اسڪول تي حملي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت ڪيترن ئي ماڻهن شهادت جوجام پيتو.
عرب ميديا موجب، النصيرات پناهگير ڪيمپ تي حملي ۾ وڌيڪ 4 شهري شهيد ٿي ويا ۽ 16 زخمي ٿي پيا.
عرب ميڊيا رپورٽن موجب، 7آڪٽوبر 2023 کان هن وقت تائين اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 37 هزار 765 ٿي ويو جڏهن ته 86 هزار 429 ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن.
ٻئي پاسي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جو چوڻ آهي ته ايران اسرائيل سان 7 محاذن تي وڙهي رهيو آهي، تهران جو حدف اسرائيل تي ڪيترن ئي محاذن کان زميني حملو ڪرڻ آهي.
نيتن ياهو موجب، حماس، حزب الله، حوثي، عراق ۽ شام جي مليشيا ۽ ايران اسان لاءِ خطرو آهن، سندس پهريون هدف پهريون هدف حماس جو خاتمو آهي، ويڙهه ڊگھي هوندي…
پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل عمر ايوب پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي
پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل عمر ايوب پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته پارٽي کي ناهي ڇڏيو، هو ڪارڪن طور ڪم ڪندو رهندو.
عمر ايوب پارٽي عهدي تان استعيفيٰ بابت ٽوئٽ ڪري ڇڏيو.
عمر ايوب پارٽي عهدي تان استعيفيٰ بعد بيان ۾ چيو ته پي ٽي آءِ قيادت سندس استعيفيٰ منظور ڪري ورتي آهي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي تان سندس استعيفيٰ قبول ڪرڻ تي هو پي ٽي آءِ باني جو ٿورائتو آهي.
سندس چوڻ هو ته پنهنجي استعيفيٰ 22 جون تي پي ٽي آءِ باني ۽ چيئرمين بيرسٽر گوهر علي ڏانهن موڪلي ڇڏي هئي.
عمر ايوب چيو ته شبلي فراز پي ٽي آءِ باني سان اڄ جيل ۾ ملاقات ڪري سندس پيغام پهچايو.
هن چيو ته پارٽي کي ناهي ڇڏيو، هو ڪارڪن طور ڪم ڪندو رهندو.
ٽي ٽي پي جي دهشتگردن سان ڪي به ڳالهيون نه ٿينديون، ملڪي سلامتي کان وڌيڪ ڪابه ڳالهه اهم ناهي : خواجا آصف
بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته آپريشن عزم استحڪام تي آل پارٽيز ڪانفرنس طلب ڪري سگهجي ٿي، ٽي ٽي پي جي دهشتگردن سان ڪي به ڳالهيون نه ٿينديون، ملڪي سلامتي کان وڌيڪ ڪابه ڳالهه اهم ناهي
پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي خواجا آصف چيو ته افغانستان دهشتگردن کي پناهه ڏئي رهيو آهي ۽ سندن ڌرتي دهشتگردي لاءِ استعمال ڪئي پئي وڃي، پاڪستان جي سڪيورٽي صورتحال تي چين کي خدشا آهن.
هن چيو ته آپريشن عزم استحڪام تحت سرحد پار موجود دهشتگردن جي پناهگاهن کي به نشانو بڻائي سگهجي ٿو، افغانستان ۾ دهشتگردن جي پناهگاهن کي نشانو بڻائڻ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ناهي.
هن وڌيڪ چيو ته آپريشن عزم استحڪام جو فيصلو تڙتڪڙ ۾ نه ٿيو پر ملڪ ۾ اهڙو سياسي ماحول موجود آهي جو سياسي جماعتون پنهنجي مفادن آڏو حڪومتي فيصلن کي اسپيس نه ٿيون ڏيڻ چاهين.
تحريڪ انصاف، عدت ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بيبي جي سزا خلاف درخواستون رد ٿيڻ وارو فيصلو اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان
تحريڪ انصاف، عدت ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بيبي جي سزا خلاف درخواستون رد ٿيڻ وارو فيصلو اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
عدالتي فيصلو ٻڌڻ بعد عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب چيوته درخواستون رد ٿيڻ وارو فيصلو درست ناهي، فيصلي کي وڪيلن ذريعي هائيڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويندو.
هن چيو ته فارم 47 وارو وزيراعظم ناهي، هن ايوان ۾ چيو هو ته جيستائين قيادت ۽ ڪارڪن آزاد نٿا ٿين ته حڪومت سان ڪنهن به قسم جون ڳالهيون نه ٿينديون.
عمر ايوب چيوته عورتن کي سخت گرميءَ ۾ وين ۾ ويهاريون ويندو آهي، کين سهولتون حاصل ناهن، جنهن جي هو مذمت ڪن ٿا.
مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته سندن تحريڪ وڌيڪ هلندي ۽ هو مظاهرن ۾ اضافو ڪندا.
عدت ۾ نڪاح ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بيبي جي سزا معطلي واريون درخواستون رد
عدت ۾ نڪاح ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بيبي جي سزا معطلي واريون درخواستون رد ڪري سزا برقرار رکي وئي آهي، تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سزا معطلي بابت پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بيبي جون درخواستون رد ڪيون وڃن ٿيون، سزا معطلي يا ضمانت تي آزادي جي درخواستن تي ٻڌڻي دوران ڪيس جي ميرٽ تي نه ٿو ڳالهائي سگهجي، قلم 426 تحت جوابدار ضمانت جوڳيَ ڏوهه ۾ ضمانت جا دعويدار نٿا ٿي سگهن، ضمانت سزا ٻڌايل نه پر انڊر ٽرائل جوابدار جو حق آهي.
اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج افضل مجوڪا پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بيبي خلاف اپيل تي 25 جولاءِ تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو.
ڏهن صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو ته سزا معطلي بابت پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بيبي جون درخواستون رد ڪيون وڃن ٿيون.
فيصلي موجب جوابدار قلم 426 تحت ضمانت جوڳيَ ڏوهه ۾ ضمانت جا دعويدار نٿا ٿي سگهن.
تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو ته قانون تحت عورت جوابدار به ضمانت جي دعويدار نٿي ٿي سگهي.
فيصلي موجب سزا معطلي يا ضمانت تي آزادي جي درخواستن تي ٻڌڻي دوران ڪيس جي ميرٽ تي نه ٿو ڳالهائي سگهجي، ٻنهي جوابدارن کي ٻڌايل سزا نه گهٽ مدي واري آهي نه ئي هو سزا جو وڌيڪ حصو ڪاٽي چڪا آهن.
تفصيلي فيصلي ۾ عدالت پاڪستان ڪرمنل لا جنرل ۾ موجود محمد رياض نالي سرڪار ڪيس جو حوالو ڏنو آهي، جنهن ۾ چيو ويو ته ضمانت سزا ٻڌايل نه پر انڊر ٽرائل جوابدار جو حق آهي
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جو وسڪارو ٿيو ، گهرن جي ڀتيون ۽ بجلي جا ٿنڀا ڪِرڻ سبب نينگري سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا.
ڪراچي جي بحريا ٽائون، گڏاپ، گلشن اقبال، گلستان جوهر، صدر، ڊفينس، ڪورنگي، ڪراسنگ، ڀٽائي ڪالوني، گدام چورنگي، مهراڻ ٽائون ۽ ٻين علائقن ۾ برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي پيو، موسم خوشگوار ٿي وئي.
حيدرآباد ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ تيز هوا سان برسات جو وسڪارو ٿيو، جنهن سبب موسم خوشگوار ٿي وئي، جڏهن ته شهر جي ڪيترن ئي علائقن جي بجلي بند ٿي وئي.
ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ٽنڊي الهيار، مٺي، ڏيپلي، ڇاڇري، اسلام ڪوٽ، ڪلوئي، کپري، نبي سر روڊ، مٽياري، نيو سعيد آباد، هالا، اڏيري لال، ڄام نواز علي، ڄام صاحب ۽ ٻين شهرن ۾ برسات پئي.
ٺٽي ۾ به ڪافي ڏينهن جي سخت گرمي بعد نيٺ بادل برسي پيا، ٺٽو، مڪلي، جھمپير، جنگشاھي، درگاھ ستيون، گجو، گھارو، ساڪرو، ور غلام الله، پير پٺو، بگهاڙ موري، گهوڙا ٻاري، سميت ڪوھستاني توڙي ساحلي پٽي ۾ تيز طوفاني ھوائن سان گڏ ڪٿي تيز ته ڪٿي ھلڪي برسات پئي، جنھن بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم پڻ خوشگوار ٿي ويئي.
نوري آباد ۾ طوفان برسات دوران ٻن ٻارن جون جانيون ضايع ٿي ويون، جڏهن ته ڪيترن ئي گهرن جون ڇتيون اڏامي ويون.
ڪوھستاني ڳوٺ شوڪت پالاري ۾ تيز طوفاني برساتن سبب 10 ڪچا گھر ڊھي پٽ پوڻ سميت بجلي جا ٿنڀا به ڪري پيا،
بجلي جو ٿنڀو ڪِرڻ سبب معصوم ٻارڙو ڪبير ولد عطا محمد پالاري فوت ٿي ويو، جڏھن ته سندس ٽي ڀينرون سخت زخمي ٿي پيون، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
اهڙي طرح جوکيا موڙ وٽ کنوڻ ڪرڻ سبب نوجوان سلمان جوکيو فوت ٿي ويو،
ٿاڻي بولا خان سميت ڪوهستان جي مختلف علائقن ۾ گجگوڙ سان برسات پئي، جنهن سبب ڍورا ۽ نيون وهي آيا،
ميرپورخاص شهر سميت ڀرپاسي واري علائقن ۾ تيز هوا سان برسات ٿي، وسڪاري کانپوءِ مواصلاتي نظام ڊوانڊول ٿي ويو، جڏهن ته برسات بعد موسم خوشگوار ٿي وئي.
ٽنڊي الهيار ۾ به هلڪي برسات ٿي، جنهن کانپوءِ گرمي جو زور گهٽجي ويو ۽ موسم وڻندڙ ٿي وئي، برسات بعد بجلي فراهمي معطل ٿي وئي.
هوڏانهن ڳوٺ بيگن جروار ۾ برسات دوران گهر جي ڀت ڪرڻ ڪرڻ 50 ورهين جي کتو دٻجي فوت هڪ عورت زخمي ٿي پئي، زخمي عورت کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.
عمرڪوٽ شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ طوفاني برسات ٿي، تيز وسڪاري بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو، جڏهن ته مواصلاتي نظام پڻ ڊنوانڊول ٿي ويو.
ٿر ۾ برسات سبب ماروئڙن جي منهن تي مرڪون موٽي آيون آهن،
ڏيپلي ۾ هڪ ڪلاڪ جي برسات سبب شهر جي مک روڊن سميت تعلقي اسپتال، الله والا چوڪ، بدين بس اسٽاپ، ڪلر پاڙي ۽ ٻين علائقن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو، برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم وڻندڙ ٿي وئي.
ڪلوئي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم خوشگوار ٿي وئي.
ڇاڇري ۾ برسات دوران وڄ ڪرڻ جي ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو ۽ 2 ٻڪريون مري ويون.
کپري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي، هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو.
ڪنري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سانوڻي جي وسڪاري بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم وڻندڙ ٿي وئي.
سرهاڙي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ مٽيءَ جي طوفان بعد تيز برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو.
ٽنڊي آدم ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ مٽيءَ جي طوفان سبب مواصلاتي نظام ڊانوانڊول ٿي ويو.
نبي سر روڊ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ڀنڀو خان چانڊيو، شاليواهه، ڪيٽل فارم ۽ ٻين علائقن ۾ برسات سبب گرمي جي سٽيل ماڻهن جي منهن تي مرڪون موٽي آيون.
مٽياري ۾ تيز هوا سان گڏ برسات سبب ڪيترن ئي ڪچن گهرن جون ڇتيون ۽ دڪانن جا ڇپرا اڏامي ويا.
هالا، هالا پراڻا، ڀاڻوٺ، کنڊو، اجن شاهه، ڪرم خان نظاماڻي سميت مختلف علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو وسڪارو ٿيو، ان دوران بجلي بند ٿي وئي.
نيوسعيد آباد شهر جي ريلوي پاڙي ۾ گهر جي ڀت ڪِرڻ سبب پورهيت ڪارو ملاح جو معصوم پٽ 13 ورهين جو حامد ملاح دٻجي فوت ٿي ويو.
اڏيرو لال، طاهر هڱورو، نوبت مري، بائو خان پٺاڻ، ڏهدري موري ۽ ٻين علائقن ۾ برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو.
ڄام نواز علي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ تيز برسات سبب هيٺانهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، جڏهن ته بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو.
ڄام صاحب ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ تيز برسات سبب ڪچن گهرن جون ڇتيون اڏامي ويون، سولر پليٽون توڙي سائن بورڊ ڪري پيا، جڏهن ته مواصلاتي نظام ڊانواڊول ٿي ويو.
چمبڙ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ برسات سبب موسم وڻندڙ ٿي وئي ۽ گرمي جي سٽيل ماڻهن جا چهرا ٻهڪي پيا.
بدين ۽ ڀرپاسي جي علائقن ڪڍڻ، سيراڻي، ٽنڊوباگو ۽ ٻين علائقن ۾ برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو، موسم خوشگوار ٿي وئي.
سجاول، چوهڙ جمالي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ به برسات سبب موسم وڻندڙ ٿي وئي ۽ گرمي جي سٽيل ماڻهن جي منهن تي مرڪون موٽي آيون…..
سنڌ ۾ ڪيل ڪم ڪافي ناهي، صوبي جي ترقي لاءِ وڌيڪ ڪم ڪندا: مراد علي شاهه
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪيل ڪم ڪافي ناهي، صوبي جي ترقي لاءِ وڌيڪ ڪم ڪندا، پيپلز پارٽي عام چونڊن ۾ 117 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي، ماڻهو پ پ جي ڪارڪردگي مان تمام گهڻو خوش آهن، جمهوريت بهترين انتقام آهي جيڪو پ پ ڪري ڏيکاريو، آصف علي زرداري جو ٻيهر صدر ٿيڻ جمهوريت جو انتقام آهي، ڊڪٽيٽرن کي زبردستي نيڪالي ملندي آهي ۽ ملڪ کان ٻاهر هليا ويندا آهن، اليڪشن ڪميشن پنجاب بدران رڳو سنڌ ۾ ترقياتي اسڪيمن تي پابندي لڳائي، نئين مالي سال ۾ پنجاب کان وڌيڪ ترقياتي ڪم ڪندا.
سنڌ اسيمبليءَ ۾ خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته قومي ۽ صوبائي اسمبيلين جا اجلاس ٿي رهيا آهن، پيپلزپارٽي وٽ هن وقت 117 سيٽون آهن، ايتريون ڪڏهن به ناهن کنيون، کين اڃا وڌيڪ ڪجهه ڪرڻو آهي.
سندس چوڻ هو ته شهيد بينظير ڀٽو جي والد جو هڪ آمر ۽ ظالم عدالتي قتل ڪيو، پنهنجي ملڪ جي سربراهي ڪندي آمريڪي ڪانگريس ۾ تقرير ڪئي، شهيد راڻي جمهوريت جي ڳالهه ڪئي.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪيترن ئي ماڻهن هتي تقريرون ڪيون، مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو هو ته اوهان کان جيڪڏهن عوام خوش آهي ته هو به خوش ٿيندا.
هن چيو ته محترمه بينظير ڀٽو کي 27 ڊسمبر 2007ع تي دهشتگردن شهيد ڪري ڇڏيو، بينظير ڀٽو جي شهادت تي به اهو ئي چيو ويو ته جمهوريت بهترين انتقام آهي.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته آصف علي زرداري جو ٻيهر صدر ٿيڻ جمهوريت جو انتقام آهي، ڪيترن ئي ڊڪٽيٽرن کي ڪڍيو ويندو آهي، ڪجهه ڊڪٽيٽر ملڪ ڇڏي ويندا آهن.
مراد علي شاهه چيو ته بجيٽ تقرير بيان ڪرڻ تي ڪيترن ئي ماڻهن کي اعتراض هوندو آهي، ڪجهه دوستن چيو پري بجيٽ تي بحث ٿي وڃي ها ته بهتر ٿي وڃي ها، بجيٽ ٺاهڻي هوندي آهي، ڪم به ڪرڻو هوندو آهي، مئي ۾ بجيٽ تي وڃڻ ۽ بحث ڪرڻ سان ڇا ٿيندو.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ اسيمبلي پنهنجي قيادت جي اصولن موجب هلي رهي آهي، کين سينيٽ جون ٻه چونڊون ڪرائڻيون هيون، اهو سڀ ڪجهه مارچ مهيني ۾ ٿيو، هنن چيو ته ڪا نئين اسڪيم نه آڻيندا، بجيٽ تي بحث نه ڪري سگهيا۽ ٻيا سبب به هئا.
مراد علي شاهه چيو ته سندن ترقياتي بجيٽ 959 ارب آهي، سندن مخالف به پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ساراهه ڪندي نه ٿا ٿڪجن، مخالف چون ٿا ته کين پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ سيکاريو، دوست ۽ مخالف ٻئي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي ساراهيندا آهن.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پنجاب وڏو صوبو آهي، اتان جي بجيٽ سندن کان ٻيڻي آهي، هر سال بجيٽ تي بحث ٿيندو آهي، هن سال نه ڪري سگهيا، سندن ڪابينا 12 مارچ تي ٺهي هئي، پري بجيٽ تي بحث ڪرائڻ ممڪن نه هو، بجيٽ تي بحث نه ٿيڻ جو سبب سينيٽ چونڊون به هيون.
مراد علي شاهه چيو ته پنجاب جي بجيٽ سنڌ کان ٻيڻي آهي، ان باوجود پنجاب جي ترقياتي بجيٽ 842 ارب، خيبرپختونخوا جي ترقياتي بجيٽ 416 ارب رپيا ۽ بلوچستان جي ترقياتي بجيٽ لاءِ 320 ارب رپيا آهي.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته نگران حڪومت سنڌ جون اسڪيمون بند ڪيون پر پنجاب ۾ ڪم جاري رهيو، پنجاب ۾ نگران حڪومت جو ڊگهو عرصو هو، اهي ڪم ڪندا رهيا، ڪنهن صوبائي حڪومت ڪٿي ايئرپورٽ ٺاهي؟، گذريل پنجن سالن ۾ ٿرپارڪر ۾ ايئرپورٽ ٺاهي.
مراد علي شاهه چيو ته ٿر ۾ عورتن کي بااختيار بڻايو، اسپتال ۽ اسڪول ٺاهيا، هاڻي پنڪ بس سروس به سندن عورتون هلائينديون، ٿر ۾ ٽرڪ ڊرائيور مقامي عورتون آهن، ٿر ۾ هلندڙ ٽرڪون عام ناهن.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هو پهريون ڀيرو 2004 يا 2005 ۾ ٿر ويو هو، مٺي پهچڻ تائين 6 ڪلاڪ لڳي ويا هئا، هاڻي ٽي ڪلاڪ لڳندا، ٿر جون عورتون آر او پلانٽ هلائين ٿيون، سٽيزن فائونڊيشن جي سهڪار سان ٿر ۾ اسپتال ۽ اسڪول ٺاهيا آهن، ٿر فائونڊيشن جي سهڪار سان ڪلينڪ کوليا آهن، ٿر ۾ 750 لک وڻ پوکيا ويا آهن.
مراد علي شاهه چيو ته جيڪي چوندا هئا سنڌ حڪومت ڪجهه ناهي ڪيو، کين ڏيکاري رهيو آهيان، اليڪشن ڪميشن پنجاب ۾ ترقياتي اسڪيمون بند نه ڪيون، جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن سنڌ جون اسڪيمون بند نه ڪري ها ته ترقياتي بجيٽ 530 ارب بدران 580 ٿي سگهي ها، هو 2023 ۽ 24 ۾ سموريون اسڪيمون منظور ڪري ويا هئا.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پنجاب ۾ نگران حڪومت گهڻو وقت رهي، ترقياتي خرچ ڪندا رهيا، 23-2018ع دوران ٿر ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا ويا، ايندڙ مالي سال ۾ پنجاب کان وڌيڪ ترقياتي ڪم ڪرائيندا
پاڪستان، آمريڪي ڪانگريس جو ٺهراءُ رد ڪندي جوابي ٺهراءُ پيش ڪرڻ جو اعلان
پاڪستان، آمريڪي ڪانگريس جو ٺهراءُ رد ڪندي جوابي ٺهراءُ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ ڪنهن کي به مداخلت جي اجازت ناهي، آمريڪا خلاف ٺهراءَ جو مسودو تيار ڪيو ويو آهي، سڀني سان شيئر ڪيو ويندو، آمريڪي ڪانگريس جي ٺهراءُ خلاف پرڏيهي آفيس فوري طور رد عمل ظاهر ڪيو آهي، مخالف ڌر کي به ٺهراءَ جي حمايت ڪرڻ گهرجي، پاڪستان جي عالمي سطح تي اڪيلو ٿيڻ جو تاثر درست ناهي، آمريڪا سان هاڪاري لاڳاپن جا خواهشمند آهن، روايتي ڊپلوميسي کي پاسي تي رکي هاڻي معيشيت جي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو.
قومي اسيمبليءَ ۾ خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته آمريڪي ٺهراءَ جي مقابلي ۾ ٺهراءُ ضرور آڻيندا، هنن نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي ۽ آمريڪا خلاف ٺهراءَ جو مسودو تيار ڪيو ويو آهي، سڀني سان شيئر ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته آمريڪي ٺهراءَ کي پاڪستان رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ پرڏيهي آفيس ٺهراءَ تي فوري طور رد عمل ظاهر ڪيو آهي، آمريڪي ڪانگريس جو هي ٺهراءُ بنا جواز آهي.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان غزه بابت پنهنجو واضح موقف پيش ڪيو ۽ اسرائيل جو نالو کڻي مذمت ڪئي آهي، ڪنهن ٻي ملڪ اسرائيل جو نالو وٺي اهڙي جرئت سان مذمت نه ڪئي هوندي.
هن چيو ته پاڪستان، ڪشمير، غزه ۽ ٻين اشوز بابت عالمي فورمز تي ڀرپور نمائندگي ڪندو، پاڪستان جي عالمي سطح تي اڪيلو ٿيڻ جو تاثر درست ناهي، آمريڪا سان هاڪاري لاڳاپن جا خواهشمند آهن.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ ڪنهن کي به مداخلت جي اجازت ناهي، روايتي ڊپلوميسي کي پاسي تي رکي هاڻي معيشيت جي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو















