شهدادڪوٽ ۾ گهر اچڻ کان روڪڻ تي جوابدار پنهنجي پاڙيسري عورت کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو
ننگرپارڪر ۾ نوجوان سخت گرميءَ جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو
ننگرپارڪر ۾ نوجوان سخت گرميءَ جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو.
ڳوٺ بڙتلا ۾ نوجوان روپو ڪولهي ٻنيءَ کي صاف ڪرڻ لاءِ وڻن جي واڍي ڪندي گرمي لڳڻ سبب بيهوش ٿي ويو.
وارث نوجوان کي کڻائي اسپتال پهتا جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگيءَ جي تصديق ڪري ڇڏي.
مورو : ٽاسڪ فورس جي بجلي چورن خلاف ڪارروائي
مورو ۾ ٽاسڪ فورس بجلي چورن خلاف ڪارروائي ڪندي بجلي چوري ۾ ملوث هوٽل جي مالڪ مٿان ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو.
ٽاسڪ فورس موبائل نيٽورڪ جي ٽاور مان بجلي چوري ڪندڙ هوٽل تي ڇاپو هڻي چوريءَ جو ڪنيڪشن ڪٽي ڇڏيو.
هوٽل جي مالڪ راڻا ستار مٿان مورو ٿاڻي تي بجلي چوريءَ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ٽاسڪ فورس جي انچارج جو چوڻ هو ته بجلي چوريءَ ۾ ملوث ڀلي ڪيترو به بااثر ڇونه هجي کيس بخش نه ڪيو ويندو.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ ڏکڻ آفريڪا، افغانستان کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي پهريون ڀيرو فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ ڏکڻ آفريڪا، افغانستان کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي پهريون ڀيرو فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو.
افغانستان جي بيٽنگ لائن ڏکڻ آفريڪي بالرن اڳيان بيوس بڻجي وئي، هنن کٽڻ لاءِ رڳو 57 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، ڏکڻ آفريڪا گهربل هدف 8 ڏهائي 4 اوورن ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي افغانستان جي پوري ٽيم 11 ڏهائي 5 اوورن ۾ رڳو 56 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.
ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ افغانستان جي بيٽنگ لائن ڏکڻ آفريڪا خلاف سخت جدوجهد ڪئي، ڪو به بيٽسمين ڏکڻ آفريڪا جي بالرن جو مقابلو نه ڪري سگهيو.
افغانستان طرفان عظمت الله عمرزئي 10 رنسون ٺاهي سگهيو، رحمان الله گربز، محمد نبي ۽ نور احمد بنا ڪنهن رنس ٺاهڻ جي آئوٽ ٿيا.
ابراهيم زدران 2، گلبدين نائب 9، ننگياليا خروٽ 2، ڪريم جنت 8، راشد خان 8 ۽ نوين الحق 2 رنسون ٺاهيون.
ڏکڻ آفريڪا طرفان مارڪو جانسن ۽ تبريز شمسي 3، 3 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته ربادا ۽ اينريڪ نوڪيا 2، 2 وڪيٽون ورتيون.
افغانستان خلاف اننگز جي شروعات ڪندڙ ڏکڻ آفريڪي بيٽسمين ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ 5 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو.
ڏکڻ آفريڪا طرفان رضا هينڊرڪس 29 ۽ ڪپتان ايڊرين مارڪرم 23 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي پنهنجي ٽيم کي فائنل تائين پهچايو.
افغانستان طرفان فضل حق فاروقي اننگز جي واحد وڪيٽ ورتي.
ايونٽ جي پهرئين سيمي فائنل ۾ افغانستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جون ٽيمون ٽرينيڊاڊ جي برائن لارا اسٽيڊيم ۾ آمهون سامهون ٿينديون.
فريدآباد ٿاڻي جي حد ۾ بدامنيءَ ۾ واڌ ٿي وئي، 24 ڪلاڪن اندر ڦر ۽ چوريءَ جون 4 وارداتون
فريدآباد ٿاڻي جي حد ۾ بدامنيءَ ۾ واڌ ٿي وئي، 24 ڪلاڪن اندر ڦر ۽ چوريءَ جون 4 وارداتون پيش آيون آهن.
رڪشا هلائيندڙ پورهيت عبدالجبار بروهي جي گهر کي چور کاٽ هڻي گهر ۾ پيل 25 هزار رپيا روڪ رقم، موبائل فون ۽ ٻيو سامان کڻي ويا.
جانوري پيٽرول پمپ ڀرسان صفيع الله بروهي جي آٽوز جي دڪان کي ڻڄاتل چور کاٽ هڻي 2 سولر پليٽون، بيٽري، آٽوز جو سامان ۽ هزارين رپيا روڪ رقم کڻي فرار ٿي ويا.
ساڳئي ڏينهن ڦورو بسڪيٽ کپائيندڙ پورهيت صدام ڏيپر کان 30 هزار رپيا روڪ رقم، موبائل فون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري ويا.
ٻئي طرف ساڳئي ئي ڏينهن چور وچ شهر مان پورهيت صابر چنا جي دڪان جا تالا ٽوڙي سندس دڪان مان 12 هزار رپيا روڪ رقم کڻي فرار ٿي ويا.
هوڏانهن فريدآباد ۽ ڀرپاسي وڌندڙ بدامنيءَ تي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن طرفان ڳڻتي جو اظهار ڪندي اختيارين کان گهر ڪئي آهي ته وڌندڙ بدامنيءَ جو نوٽيس وٺي امن امان بحال ڪرايو وڃي.
ڪراچي ۾شاهراهه فيصل تي تيز رفتار بس ڊرائيور جي قابو مان نڪري ڪالوني جي ڀـِت ٽڪرائجي وئي، هڪ ڄڻو فوت، 19 زخمي
ڪراچيءَ ۾ شاهراهه فيصل تي بلوچ ڪالوني پل جي ڀِـت سان بس ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 19 زخمي ٿي پيا.
پوليس جو چوڻ آهي ته ريسٽورينٽ جي ملازمن سان ڀريل بس شاهراهه فيصل تي ڊرائيو جي قابو مان نڪري بلوچ ڪالوني پل جي ڀـِت سان ٽڪرائجي وئي.
حادثي ۾ بس جو اڳيون حصو تمام گھڻو متاثر ٿيو، ڊرائيور به بس ۾ ڦاسي پيو جنهن کي ريسڪيو ون ون ٽو ٽو، پوليس ۽ ٻين ريسڪيو ادارن جي اه لڪارن ماڻهن کي بس مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو.
حادثي ۾ 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن مان هڪ علاج دوران دم ڏئي ڇڏيو جنهن جي سڃاڻپ الطاف جي نالي سان ٿي.
ٽريفڪ پوليس هيوي ريڪوري مشينري جي مدد سان بس کي ٻاهر ڪڍي ٿاڻي منتقل ڪيو.
پاڪستان آمريڪي ڪانگريس جو ٺهراءُ رد ڪري ڇڏيو
پاڪستان آمريڪي ڪانگريس جو ٺهراءُ رد ڪري ڇڏيو، ٺهراءُ پيش ڪرڻ جو اعلان،
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ ڪنهن کي به مداخلت جي اجازت ناهي، آمريڪا خلاف ٺهراءَ جو مسودو تيار ڪيو ويو آهي،
سڀني سان شيئر ڪيو ويندو، آمريڪي ڪانگريس جي ٺهراءُ خلاف پرڏيهي آفيس فوري طور رد عمل ظاهر ڪيو آهي،
مخالف ڌر کي به ٺهراءَ جي حمايت ڪرڻ گهرجي، پاڪستان جي عالمي سطح تي اڪيلو ٿيڻ جو تاثر درست ناهي، آمريڪا سان هاڪاري لاڳاپن جا خواهشمند آهن،
روايتي ڊپلوميسي کي پاسي تي رکي هاڻي معيشيت جي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو.
پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي عدت نڪاح ڪيس ۾ سزا معطل ڪرڻ بابت فيصلو ٻڌايو پيو وڃي
پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي عدت نڪاح ڪيس ۾ سزا معطل ڪرڻ بابت فيصلو ٻڌايو پيو وڃي،
اسلام آباد جي عدالت طرفان ٽين وڳي فيصلو ٻڌائڻ جو وقت مقرر
سپريم ڪورٽ ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي ٻڌڻي
سپريم ڪورٽ ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي ٻڌڻي،
حامد رضا نامزدگي ڪاغذن ۾ چيو ته سندس تعلق سني اتحاد، تحريڪ انصاف سان آهي، دستاويزن ۾ موقف اختيار ڪيو ته سندس تعلق تحريڪ انصاف نظرياتي سان آهي،
تحريڪ انصاف نظرياتي مختلف سياسي پارٽي آهي جنهن جو پي ٽي آءِ سان ڪو تعلق ناهي،
حامد رضا کي سندس ئي درخواست تي ٽاور جو چونڊ نشان الاٽ ڪيو ويو: اليڪشن ڪميشن جو وڪيل، تحريڪ انصاف مخصوص سيٽن بابت لسٽ پيش نه ڪئي آهي: چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ..
سنڌ جي بجيٽ تي اعتراض بي بنياد آهن : مراد علي شاهه
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ جي بجيٽ تي اعتراض بي بنياد آهن،
پيپلز پارٽي عام چونڊن ۾ 117 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي، ماڻهو پيپلز پارٽيءَ جي ڪارڪردگي مان تمام گهڻو خوش آهن،
جمهوريت بهترين انتقام آهي جيڪو پ پ ڪري ڏيکاريو، آصف علي زرداري جو ٻيهر صدر ٿيڻ جمهوريت جو انتقام آهي، ڊڪٽيٽرن کي زبردستي نيڪالي ملندا آهي ۽ ملڪ کان ٻاهر هليا ويندا آهن،
اليڪشن ڪميشن پنجاب بدران رڳو سنڌ ۾ ترقياتي اسڪيمن تي پابندي لڳائي.















