امريڪا پاران هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان تي آئيني ۽ عالمي ذميواريون پوريون ڪرڻ تي زور
بجيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڌيان ٽيڪس لڳائڻ تي ڏنو ويو : مولانا فضل الرحمان
جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته حڪومت عوام دوست بجيٽ سمجهي ٿي پر ملڪ جي تباهي ٿي وئي آهي، اقليت حڪومت ڪري پئي، پ پ حڪومت جو حصو ناهي.
قومي اسيمبليءَ کي خطاب ڪندي ۽ پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته بجيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڌيان ٽيڪس لڳائڻ تي ڏنو ويو، عوام ٽيڪس نه ڏيندو ڇو ته عوام جو حڪومت تي اعتماد ناهي.
هن چيو ته عوام کي خبر آهي ته سندن پيسا آءِ ايم ايف کي ڏنا ويندا، ننڍي کنڊ جو رهواسي فرنگيءَ کي به ٽيڪس نه ڏيندو هو.
مولانا فضل الرحمان چيو ته هو جيڪڏهن ايوان ۾ دير سان آيو آهي ته تسليم ڪندو آهي، جيڪڏهن کيس رولز کان هٽي ڪري کيس اجازت ڏني وئي آهي ته هو واٽ آئوٽ ڪري ٿو…….
آصفه ڀٽو پاران ايم اين اي طور پگهار ۽ الائونس نه وٺڻ جو فيصلو
شهيد راڻي بينظير ڀٽو ۽ صدر آصف زرداري جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري قومي اسيمبليءَ جي ميمبر طور پگهار ۽ الائونس نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
آصفه ڀٽو زرداري ايم اين ايَ طور پگهار ۽ الائونس نه وٺڻ بابت قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري کي خط لکيو.
خط ۾ آصفه ڀٽو زرداري لکيو ته ايم اين اي طور هوءَ پگهار يا الائونس نه وٺندي.
آصف ڀٽو زرداري لکيو ته جيڪڏهن ڪا پگهار يا الائونس جاري ڪيو ويو آهي ته رد ڪيو وڃي.
بلوچستان مان دهشتگردن جو اهم نيٽ ورڪ پڪڙيو ويو
بلوچستان مان دهشتگردن جو اهم نيٽ ورڪ پڪڙيو ويو، ڪالعدم ٽي ٽي پي جي دفاعي شوريٰ جي سربراهه دهشتگرد نصرالله عرف مولوي منصور کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي گهرو وزير مير ضياءَ لانگو چيو ته گذريل ڏينهن دهشتگردي خلاف وڏي ڪاميابي ملي آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ۽ انٽيليجنس ادارن هڪ ڏکيو آپريشن ڪيو.
هن چيو ته ڪارروائي دوران اهم دهشتگرد ڪمانڊر کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ڪمانڊر نصر الله ۽ ڪمانڊ ادريس شامل آهن.
گهرو وزير چيو ته گرفتار ڪمانڊر نصر الله ٽي ٽي پي شوريٰ جي دفاعي ڪميشن جو ميمبر رهيو آهي، پريس ڪانفرنس دوران هن دهشتگرد نصر الله جو وڊيو پيغام ٻڌايو.
پنهنجي بيان ۾ گرفتار دهشتگرد ٻڌايو ته سندس نالو نصر الله ۽ تعلق محسود قبيلي سان آهي ۽ انهن جي پليٽ فارم تان هو دهشتگرد ڪاررواين ۾ حصو وٺندو رهيو آهي، ٽي ٽي پي جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ هو ان ۾ شامل ٿي ويو.
گرفتار دهشتگرد چيو ته سمورن ڪمن پويان ڀارتي ڳجهي ايجنسي را جو هٿ هو، ضرب عضب آپريشن دوران هو افغانستان فرار ٿي ويو، سورهن ورهين دوران پاڪستان جي سڪيورٽي ادارن خلاف دهشتگرد ڪاررواين ۾ حصو ورتو.
سنڌ سرڪار طرفان پهرين جولاءِ کان شاگردن ۽ شاگردياڻين جي منشيات ٽيسٽ ڪرائڻ جو فيصلو
سنڌ سرڪار طرفان پهرين جولاءِ کان شاگردن ۽ شاگردياڻين جي منشيات ٽيسٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته ڪنهن شاگرد جي ٽيسٽ پازيٽو آئي ته سندس نالو راز ۾ رکيو ويندو پر والدين کي آگاهه ڪيو ويندو، منشيات خلاف سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، عدالتي اسٽي آرڊر سبب سرڪاري ڪار وهنوار متاثر ٿي رهيو آهي، نوجوانن کي روزگار ڏيڻ لاءِ عدالت نوڪرين تي لڳايل اسٽي آرڊر واپس وٺي، ماڻهو ڪروڙين رپين جون گاڏيون خريد ڪرڻ لاءِ تيار آهن پر ٽيڪس ادا نه ٿا ڪن.
سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته پهرين جولاءِ کان تعليمي ادارن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جون ٽيسٽون ڪرايون وينديون، جن جي ٽيسٽ پازيٽو آئي، انهن جو نالو راز ۾ رکيو ويندو پر والدين کي آگاهي ڏني ويندي.
هن چيو ته ايڪسائز کاتي ٽيڪس حدف مڪمل ڪيا، جعلي نمبر پليٽن خلاف ڀرپور ڪارروائي شروع ڪئي آهي، هڪ ٽڪ ٽاڪر پوليس موبائل جي نمبر پليٽ لڳائي وڊيو ٺاهي اهو لاڪ اپ آهي.
سينيئر صوبائي وزير چيو ته 29 جون تي پريميئم نمبر پيلٽن جي نيلامي ٿيندي، ان جو مقصد ماڻهن کان ٽيڪس وصول ڪرڻ آهي.
شرجيل ميمڻ چيو ته ماڻهو ڪروڙين رپين جون گاڏيون وٺڻ لاءِ تيار آهن، پر ٽيڪس ڀرڻ لاءِ تيار ناهن ۽ حڪومت کي نقصان پهچائي رهيا آهن.
هن چيو ته گاڏين جي رجسٽريشن لاءِ بائيو ميٽرڪ سسٽم لانچ ٿي چڪو آهي، اتي هر شيءَ ملندي، موٽر وهيڪل آرڊيننس 1965ع ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي،
شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت جا سئو ڏينهن مڪمل ٿي ويا آهن، عوام وڏي اڪثريت سان کين ڪامياب ڪيو، هو عوام آڏو ۽ اسيمبلي ۾ احتساب لاءِ تيار آهن.
سينيئر صوبائي وزير چيو ته ڪراچيءَ ۾ مک مسئلو زمين ۽ اسٽاپ جو آهي، ان ڪري بسن جي اسٽاپ لاءِ ٻه ماڙ اسٽينڊ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڄام صادق پل تي ڪم پئي پيو، ڪراچيءَ ۾ ٽرانسپورٽ لاءِ 61 ارب رپين جا منصوبا آهن.
شرجيل ميمڻ چيو ته سعدي ٽائون کان ٽاور تائين بل سروس شروع ڪئي پئي وڃي، هاڪس بيَ کان ماريپور روٽ به جلد شروع ڪيو ويندو.
صوبائي وزير چيو ته وزيراعظم ڪراچيءَ جي دوري دوران 150 بسن جو اعلان ڪيو، پر اهو وفاقي بجيٽ ۾ موجود ئي ناهي، وزيراعظم ڪيل واعدا پورا ڪري
قاضي احمد ڀرسان ڪوچ ۽ ٽرالر جي ٽڪر ۾ رتوديري جو رهواسي ڊرائيور فوت ۽ 10 مسافر زخمي
قاضي احمد ڀرسان ڪوچ ۽ ٽرالر جي ٽڪر ۾ رتوديري جو رهواسي ڊرائيور فوت ۽ 10 مسافر زخمي ٿي پيا آهن.
قومي شاھراھ تي باءِ پاس چوڪ وٽ سکر کان ڪراچي ويندڙ تيز رفتار مسافر ڪوچ، ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي.
حادثي جي نتيجي ۾ ڪوچ ڊرائيور مظفر ولد عبد الله جلباڻي فوت ٿي ويو ۽ 10 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا.
زخمي مسافرن ۾ غلام حسين، ايوب شيخ، شبير ملاح، زين شاھ، محب لغاري، سيد اصغر شاھ، علي حيدر چنو ۽ ٻيا شامل آهن.
سمورن زخمين کي قاضي احمد اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان 5 ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي هالت ۾ نواب شاھ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
رتوديري جي رهواسي ڊرائيور جو لاش قاضي احمد اسپتال ۾ پيل آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته وارثن کي اطلاع ڏنو ويو آهي، ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويندو….
پي ٽي آءِ بانيءَ کي جيل ۾ ڏکيائيون آهن ته اچي ويهي معاملا طئه ڪري
وزيراعظم شهبازشريف هڪ ڀيرو وري مخالف ڌر کي ميثاقِ معيشت ۽ گڏجي ويهي معاملا حل ڪرڻ جي آڇ ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ بانيءَ کي جيل ۾ ڏکيائيون آهن ته اچي ويهي معاملا طئه ڪري، اچو ته گڏجي ويهي ملڪي ترقي جي ڳالهيون ڪريون، ان کانسواءِ ڪو ٻيو رستو ناهي.
قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران ڳالهائيندي وزيراعظم شهبازشريف چيو ته پنهنجي پهرين تقرير ۾ ميثاقِ معيشت جي ڳالهه ڪئي، پر سندس ڳالهه کي سنجيدگيءَ سان نه ورتو ويو، هاڻي به مخالف ڌر کي ڳالهين جي دعوت ڏي ٿو.
هن چيو ته هو جيل ۾ هو ته امڙ فوت ٿي، جيل سپريڊنٽ کان موڪل گهري ته هن انڪا ڪيو، هو ذاتي تڪليفن جي شڪايت نه ٿو ڪري، کيس چيلهه ۾ تڪليف هئي پر خطرناڪ قيدين واري گاڏيءَ ۾ ويهاريو ويو.
شهبازشريف چيو ته پي ٽي آءِ بانيءَ کي ڪيل ۾ تڪيلفون آهن ته اچي ڳالهائي معاملا طئه ڪري.
وزيراعظم چيو ته انڊر ٽرائل قيدي ۽ سزا ٻڌايل قيديءَ جي حقن ۾ فرق هوندو آهي، خواجه آصف، راڻا ثناءُ الله ۽ هو انڊر ٽائل هئا، پر کين زمين تي سمهاريو ويو، دائون بند ڪيون ويو، هو نٿا چاهن ته جيڪا زيادتي ساڻن ٿي ائين ٻين سان ٿئي.
شهبازشريف هڪ ڀيرو ٻيهر مخالف ڌر کي دعوت ڏيندي ته اچو ته گڏجي ويهي ملڪي ترقي جي ڳالهيون ڪريون، ان کانسواءِ ڪو ٻيو رستو ناهي.
وزيراعظم چيو ته علي محمد خان جذباتي تقرير ڪئي، ڪاش هو سندس امڙ جي لاڏاڻي جو به حوالو ڏي ها.
شهبازشريف چيو ته هڪ زمانو هو هن ئي ايوان ۾ تنقيد باوجود سياستدان هڪٻئي جي ڏک سک ۾ شريڪ ٿيندا هئا، 76 ورهين کانپوءِ به هو هڪٻئي سان هٿ ملائڻ کان لنوائن ٿا….
وزيراعظم شهباز شريف چيني صنعتن جي پاڪستان منتقلي جي حوالي سان چيني ۽ پاڪستاني ڪمپنين وچ ۾ جوائنٽ وينچر منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي
وزيراعظم شهباز شريف چيني صنعتن جي پاڪستان منتقلي جي حوالي سان چيني ۽ پاڪستاني ڪمپنين وچ ۾ جوائنٽ وينچر منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ سيڙپڪاري بورڊ جي معاملن بابت اهم اجلاس ٿيو.
وزيراعظم چيني صنعتن جي پاڪستان منتقلي جي حوالي سان چيني ۽ پاڪستاني ڪمپنين وچ ۾ جوائنٽ وينچر منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۾ اندروني ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.
هن چيو ته حڪومت واپارين ۽ سيڙپڪارن کي ڪاروبار دوست ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي.
وزيراعظم پاران پنهنجي چين جي دوري دوران شينزين ۾ پاڪستاني ۽ چيني ڪمپنين وچ ۾ مفاهمتي يادداشتن جي حوالي سان اڳڀرائي بابت جامع رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.
اجلاس ۾ وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته چيني صنعتن جي پاڪستان منتقلي بابت قدم کنيا پيا وڃن، اسلام آباد بزنس فيسليٽيشن سينٽر قائم ڪرڻ لاءِ چيني ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيون پيون وڃن.
اجلاس ۾ نجڪاري ۽ سيڙپڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر رانا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي……
ڪچي ۾ پوئين سال ڌاڙيلن پنهنجي رياست قائم ڪري ورتي هئي، ڪچي جو علائقو نو گو ايريا بڻيل هو: سنڌ جو گهرو وزير ضياءُ لنجار
سنڌ حڪومت پاران ڪچي ۾ امن امان جي صورتحال پهريان کان بهتر هئڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.
سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ لنجار چيو آهي ته ڪچي ۾ پوئين سال ڌاڙيلن پنهنجي رياست قائم ڪري ورتي هئي، ڪچي جو علائقو نو گو ايريا بڻيل هو، سنڌ پوليس ڪم ڪيو آهي، ڊي آءِ جي صاحب ڪم ڪيو، رينجرز ۽ پوليس ڏکين حالتن ۾ تمام بهترين ڪم ڪيو آهي، هاڻي ڪچي جون حالتون بهتر آهن پوليس اتي موجود آهي، سنڌ ۾ رينجرز پوليس سان گڏجي مختلف هدفن تي ڪم ڪري رهي آهي، سنڌ حڪومت طرفان رينجرز لاءِ 6 ارب رپيا جڏهن ته ايف سي لاءِ هڪ ڏهائي 14 ارب رپيا رکيا ويا آهن.
گهرو وزير ضياءُ لنجار چيو ته هنن ڊرونز ورتا آهن جن سان ڪچي ۾ ڌاڙيلن تي نظر رکي پئي وڃي، ڪچي جي علائقي بابت ڪافي سوال اٿاريا ويندا آهن، جڏهن هن قسم کنيو ته موٽر وي رات جو نه هلندو هو، اوهان وڃو هاڻي رات جو به سمورا موٽر وي هلي رهيا آهن، هن پاڻ صرف هڪ اسڪواڊ سان گڏ رات جي پوڻي 3 وڳي موٽر وي تي سفر ڪيو آهي.
گهرو وزير ضياءُ لنجار چيو ته گهوٽڪي جي رونتي جي ڪچي ۾ ڌاڙا هڻندڙ ۽ اغوا وارداتن ۾ ملوث ڌاڙيل راحت شر کي ماريو ويو جنهن مٿان 50 لک رپيا انعام رکيل هو، 30 لک رپيا انعام رکيل ڌاڙيل راڻو شر کي ٽولي سميت ماريو ويو، ڪشمور ۾ به ڌاڙيل ماريا ويا، هي روڊ ايئن نه هلي رهيا آهن پر انهن پٺيان پوليس اهلڪارن جي جانين جا نذرانا آهن. هن وڏي وزير کي اپيل ڪئي ته ڌاڙيلن مٿان انعام جي رقم وڌائي وڃي.
گهرو وزير ضياءُ لنجار چيو ته ڪراچي ۾ 650 انڪائونٽر، 99 ڪرمنل ماريا ويا، 727 زخمي ڪيا ويا، 4 مهينن ۾ 2 هزار 680 رابرر گرفتار ڪيا ويا، 5 ڪلاشنڪوف، 3 هزار 139 پسٽل، 41 رائفل ۽ 25 بم هٿ ڪيا ويا.
گهرو وزير ضياءُ لنجار چيو ته هنن مٿان ٿاڻا وڪڻڻ جا الزام لڳا، پيپلز پارٽي ڪڏهن به اهڙو ڪم نه ڪندي نه ئي ٿاڻا وڪڻندي.
هن چيو ته سنڌ ۾ امن امان تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ٿيندي، پيپلز پارٽي جي حڪومت ٺهڻ کانپوءِ وڏي وزير پنهنجون ترجيحون ٻڌايون، ان ۾ امن امان اولين ترجيح هئي، صدر آصف علي زرداري امن امان بابت 2 اجلاس ڪري چڪو آهي جن ۾ سمورا اسٽيڪ هولڊر به موجود هئا.
ضياءُ لنجار چيو ته دنيا ۾ 450 ماڻهن تي هڪ پوليس اهلڪار هوندو آهي، پر سنڌ ۾ 594 ماڻهن تي هڪ پوليس اهلڪار آهي.
گهرو وزير چيو ته سنڌ پوليس ۾ وڌيڪ ڀرتين جي ضرورت آهي، ميرٽ جي بنياد تي ڀرتي ڪئي ويندي، سنڌ پوليس ۾ ڀرتين جو عمل جاري آهي، هن وقت 42 هزار پوليس ڪانسٽيبلز جون جايون خالي آهن، جيڪي پوليس مٿان تنقيد ڪندا آهن انهن کي چوان ٿو ته هي اوهان جي پوليس آهي……..
اهو ٻڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته سکر بئراج وٽ ڪوفر ڊيم جو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي: سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته اهو ٻڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته سکر بئراج وٽ ڪوفر ڊيم جو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي، گيٽ نمبر 47 لڳائڻ لاءِ ڪوفر ڊيم ضروري هئي، سکر بئراج مان نڪرندڙ ڪينالن ۾ پاڻي ڇوڙ ڪيو ويو آهي، چيني ڪمپني دروازو ٺاهڻ جو ڪم ڪري رهي آهي، 20 جولاءِ تائين نئون دروازو ملي ويندو، تنقيد ڪندڙن کي سکر بئراج بابت ڪابه ڄاڻ ناهي.
سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته هو ڪم سان ڪم رکندو آهي، ميڊيا ۾ اچڻ جو شوق ناهي، ميڊيا جي خبرن ۾ پوندو ته ڪم ڪيئن ڪندو؟.
سندس چوڻ هو ته جن ماڻهن جي سامهون هو جوابده آهي اهو عوام ۽ اسيمبلي آهي، سنڌ جي عوام هميشه پيپلزپارٽي کي ڪامياب ڪرايو آهي.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته کيس چيو ويو ته اوهان کي جلدي سکر پهچڻ گهرجي، هن چيو ته کيس پنهنجي وزير تي ڀروسو آهي، هو سکر بئراج پهتو ته چيف انجنيئر پنهنجي مٿي تي پاڻي هاري رهيو هو ۽ صوبائي وزير ڪرسي رکي ويٺل هو.
هن چيو ته اهو ٻڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي، سکر بيراج وٽ ڪوفر ڊيم مڪمل ٿي وئي آهي، بئراج جو دروازو نمبر 47 لڳائڻ لاءِ ڪوفر ڊيم ضروري هئي.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته 1982ع ۾ به اهو دروازو لڙهي ويو هو، ان وقت 30 ھزار ڪيوسڪ پاڻي هو، هاڻي هڪ لک ڪيوسڪ کان پاڻي وڌيڪ آهي، چيني ڪمپني گيٽ ٺاهڻ جو ڪم ڪري رهي آهي، بيراج مان نڪرندڙ ڪينالن ۾ پاڻي ڇڏيو ويو آهي، چار هزار ست سئو ٽن مٽي وڌي وئي آهي.
مراد علي شاهه چيو ته امڪان آهي ته 20 جولاءِ تي نئون دروازو ملي ويندو، ان کان اڳ پراڻو دروازو لڳائڻ جي ڪوشش ڪندا، درياهه ۾ پاڻي وڌڻ جو امڪان آهي، جنهن وقت هي واقعو ٿيو هو، صوبائي وزير ڄام خان شورو ان وقت ئي نڪري ويو هو ۽ اتي پهچي پاڻ سموري ڪم جي نگراني ڪئي.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته صوبائي وزير ڄام خان شورو اڄ اسلام آباد ويندو جتي هو ايڪنڪ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، اجلاس بعد ٻيهر سکر پهچندو…….















