موسميات کاتي ملڪ ۾ اڄ کان پهرين جولاءِ دوران برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي
حڪومت، سينيٽ ۾ آپريشن عزم استحڪام تي ان ڪئمرا اجلاس جي خاطري ڪرائي آهي.
حڪومت، سينيٽ ۾ آپريشن عزم استحڪام تي ان ڪئمرا اجلاس جي خاطري ڪرائي آهي.
سينيٽ جو اجلاس چيئرمين يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ چيو ته عزمِ استحڪام آپريشن بابت ٺهراءُ هن لڪي ته صحيح نه ڪرائي.
هن چيو ته آپريشن تي هڪ ڏينهن اڳ به وضاحت اچي چڪي آهي، هن قومي اسيمبل ۾ چيو هو ته آپريشن پهريان ڪابينا پوءِ قومي سلامتي ڪميٽيءَ جي بند ڪمري واري اجلاس ۾ بحث هيٺ آندو ويندو.
سينيٽر شبلي فراز پ پ سيمت حڪومت طرفان سينيٽ ڪميٽين ۽ ٻين معاملن ۾ نظرانداز ڪرڻ تي خدشو جو اظهار ڪيو.
سندس چوڻ هو ته ايوان ۾ هڪ ٺهراءُ پيش ڪيو ويو، اِهو نٿو ٿي سگهي ته اڪثريتي راءِ جي بنياد تي هڪ ٺهراءُ منظور ڪرايو ويو پر ان کي ڏٺو ئي نه ويو.
مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته درخواست آهي ته جيڪڏهن هن ايوان کي متوازن طريقي سان هلائڻو آهي ته هلايو، جنهن تي سينيٽ چيئرمين چيو ته هو مخالف ڌر کي گڏ کڻي هلندا.
پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو ته مخالف ڌر جي اڳواڻ جي ناراضگي درست ناهي، ٺهراءَ بابت وفاقي وزير ذريعي درخواست ڪئي هئي، مخالف ڌر جي اڳواڻ سميت ٻين پارلياماني اڳواڻن کان صحيحون ڪرايون.
پي ٽي آءِ سينيٽر سيف الله ابڙيَ چيو ته سنڌ ۾ ٻه اسپتالن بابت سفارشون ڏنيون هيون پر اهي نه اچي سگهيون.
بعد ۾ اجلاس اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو.
پيپلزپارٽي طرفان آپريشن عزمِ استحڪام جي حمايت جو فيصلو
پيپلزپارٽيءَ ملڪ مان دهشتگردي ۽ انتهاپسنديءَ جي خاتمي لاءِ آپريشن عزمِ استحڪام جي حمايت جو فيصلو ڪيو آهي.
پ پ جي پارلياماني پارٽيءَ جي اجلاس ۾ عزمِ استحڪام آپريشن وارو معاملو به غور هيٺ آيو، جنهن ۾ پ پ قيادت ۽ ميمبرن خدشن باوجود آپريشن جي حمايت جو فيصلو ڪيو.
پ پ جي پارلياماني پارٽيءَ گڏيل طور آپريشن عزمِ استحڪام جي حماتي ڪئي.
پيپلزپارٽي قيادت واضح ڪيو ته عزمِ استحڪام آپريشن بابت ڌرين کي اعتماد ۾ نه وٺڻ تي خدشا آهن.
پ پ قومي سطح جا فيصلا صلاح مشوري سان ڪرڻ جي خواهشمند آهي ۽ دهشتگردي جي خاتمي بابت سمورن قدمن جي حمايت ڪري ٿي.
ٺارو شاهه ويجهو ذهني مريض نوجوان مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو
ٺارو شاهه ويجهو ذهني مريض نوجوان مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو.
هريپور پاڙي ۾ 26 ورهين جي سهيل عباسي گهر اندر ڦاهو کائي زندگي جو انت آندو.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
26ورهين جي سهيل عباسي جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
نوجوان جي سئوٽ ارسلان عباسي ٻڌايو ته سندس سئوٽ ذهني مريض هو، مختلف بيمارين ۾ مبتلا هئڻ ڪري بيزار ٿي آپگهات ڪيو آهي.
سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شوري سکر بئراج بابت تنقيد رد ڪري ڇڏي
سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شوري سکر بئراج بابت تنقيد رد ڪري ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته سکر بئراج بابت تنقيد ڪندڙن کي آبپاشي نظام جي ڪا ڄاڻ ئي ناهي، سکر بئراج جي بحاليءَ جو ڪم تيزي سان جاري آهي، گيٽ نمبر 47 کي مرمت ڪري جولاءِ مهيني ۾ لڳايو ويندو، ڪوفر ڊيم جو ڪم مڪمل ٿيڻ کانپوءِ عارضي گيٽ لڳندو، آبپاشي کاتي تي اجائي تنقيد ڪئي پئي وڃي.
سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڄام خان شوري چيو ته 20 جون تي جيڪي برٽش سرڪار جي دور ۾ دروازا لڳايا ويا هئا ٻه دروازا ٽٽڻ جي رپورٽ آئي جنهنڪري ايمرجنسي لڳائي وئي.
سندس چوڻ هو ته سکر بيراج جي تاريخ ۾ جون مهيني ۾ جيڪڏهن دروازو ڀڄي پوي ته وڏو نقصان ٿئي ٿو، ڪوفر ڊيم جو ڪم پنجاهه سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي.
سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شوري چيو ته هو گيٽ نمبر 44 جي مرمت ڪري چڪا آهن، گيٽ نمبر 47 ٺهي رهيو آهي جيڪو 20جولاءِ تي لڳايو ويندو، ڪافر ڊيم تي ڪم جاري آهي جنهن کانپوءِ عارضي گيٽ لڳائي بيراج کي اٺن ڏينهن ۾ آپريشنل ڪيو ويندو.
هن چيو ته ڪجهه آفيسر اهڙا آهن جن 20 جون کان ننڊ به پوري ناهي ڪئي پر آبپاشي عملي تي هرو ڀرو تنقيد ڪئي پئي وڃي جيڪا نه ڪرڻ گهرجي.
سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شوري چيو ته سال 2022ع جي ٻوڏ ۾ 35 سئو روڻيون لڳيون هيون، دنيا چئي رهي هئي هاڻي سالن تائين آبپاشي نظام نه ٺهي سگهندو پر هنن ناممڪن کي ممڪن ڪري ڏيکاريو.
سکر بئراج جي گيٽ نمبر 47 کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي هڪ دفعو ٻيهر تبديل
سکر بئراج جي گيٽ نمبر 47 کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي هڪ دفعو ٻيهر تبديل ڪندي عارضي گيٽ لڳائڻ لاءِ اپ اسٽريم کي هڪ دفعو ٻيهر ڀرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، آبپاشي کاتي جو چوڻ آهي ته اپ اسٽريم ۾ ٽي کان چار فوٽ پاڻي هئڻ سبب عارضي گيٽ بئراج تائين پهچائڻ ممڪن ناهي.
سکر بئراج جي دروازن کي نقصان پهچڻ بعد گيٽ نمبر 47 کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر حڪمت عملي تبديل ڪئي وئي.
عارضي دروازو سکر بئراج کان ڏيڍ ڪلوميٽر پري ڦاسي پيو جڏهن ته عارضي گيٽ کي گيٽ نمبر 47 تائين پهچائڻ لاءِ اپ اسٽريم کي ٻيهر ڀرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
اپ اسٽريم ۾ گهٽ ۾ گهٽ 15 فوٽ پاڻي ڀرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
سکر بئراج جي اپ اسٽريم ۾ 3 کان چار فوٽ پاڻي رهجي ويو جنهن سبب عارضي گيٽ بئراج تائين پهچڻ ناممڪن ٿي ويو.
گيٽ نمبر 47 جي ڊائون اسٽريم تي بند ٻڌڻ بعد اپ اسٽريم ۾ پاڻي ڀرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
بند ٻڌي سکر بئراج جا سمورا دروازا بند ڪري اپ اسٽريم ۾ پاڻي ڀرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو.
خيرپور ناٿن شاهه ويجهو ٻارن جي معمولي ڳالهه تان پورهيت مارجي ويو
خيرپور ناٿن شاهه ويجهو ٻارن جي معمولي ڳالهه تان پورهيت مارجي ويو.
ڳوٺ ڪنياره ۾ ڪلھوڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٻارڙن جي معمولي تان جھيڙو ٿي پيو. جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 40 سالن جو پورھيت نذير ڪلھوڙو مارجي ويو.
اطلاع تي پوليس پهچي پورهيت جو لاش تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال آندو، پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.
آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.
پٿوري ۾ ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ 6 مهينا اڳ پرڻيل ناري ۽ چئن ٻارن ماءُ آپگهات ڪري ڇڏيو
پٿوري ۾ ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ 6 مهينا اڳ پرڻيل ناري ۽ چئن ٻارن ماءُ آپگهات ڪري ڇڏيو.
رام نگر ڪالوني ۾ چاليهن سالن جي ڇيمي ڪولهي مبينا طور ڦاهو کائي زندگي جو انت آندو.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي عورت جو لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايو، جتان پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
علائقي ۾ چوٻول آهن ته عورت گهرو اڻبڻت تان ڦاهو کائي آپگهات ڪيو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته ٻڌايو پيو وڃي ته عورت آپگهات ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
هوڏانهن گلزار پاڙي واسڻ 6 مهينا اڳ پرڻيل ناري ثمينا ڀيل گهر جي چونئري ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو….
وفاقي ڪابينا آپريشن عزم استحڪام جي منظوري ڏئي ڇڏي
وفاقي ڪابينا آپريشن عزم استحڪام جي منظوري ڏئي ڇڏي، وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته آپريشن عزم استحڪام ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي ٿيندو، آپريشن جي ماضي سان ڀيٽ نه ڪرڻ گهرجي، ڪارروائي دوران ڪنهن کي ڪٿي منتقل نه ڪيو ويندو.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ٿيو.
وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ 11 نڪاتي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو.
ذريعن موجب، وفاقي ڪابينا مالي سال 23-2022ع جي قومي اقتصادي ڪائونسل جي سالياني رپورٽ تي غور ڪيو، ڪابينا اي سي سي، سي سي ايل ايل سي ۽ حڪومتي ملڪيتي ادارن بابت ڪابينا ڪميٽي جي فيصلن جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا نيشنل ايڪشن پلان جي ايپڪس ڪميٽيءَ جي فيصلن جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
ذريعن موجب، وفاقي ڪابينا آپريشن عزم استحڪام جي باضابطه منظوري ڏئي ڇڏي، وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا کي عزم استحڪام آپريشن بابت افواهن کان آگاهه ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آپريشن عزم استحڪام ماضي جي آپريشنز جيان ناهي، عزم استحڪام آپريشن ۾ عوام کي ڪنهن قسم جي پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پوندو.
وزيراعظم چيو ته آپريشن عزم استحڪام ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي ٿيندو، آپريشن جي ماضي سان ڀيٽ نه ڪرڻ گهرجي، ڪارروائي دوران ڪنهن کي ڪٿي منتقل نه ڪيو ويندو.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ميثاق معيشيت ۽ نيب کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ميثاق معيشيت ۽ نيب کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته ميثاق معيشيت کي ڪير ڊڪٽيٽ نه ٿو ڪري سگهي، معيشيت جي بحالي لاءِ سڀني سياسي پارٽين سان ڳالهيون ڪرڻيون پونديون، قوم کي ڪنهن جي گرفتاري يا آزاديءَ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا دلچسپي ناهي، نيب ۽ ملڪ جي معيشيت گڏ نٿا هلي سگهن، نيب کي ختم ڪرڻو آهي.
قومي اسيمبلي ۾ مالي سال 25-2024ع جي بجيٽ بابت خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زدراري چيو ته عوام کي اٽي، لٽي، اجهي، غربت ۽ مهانگائي ۾ دلچسپي آهي، عوام اميد رکي ٿو ته هو ذاتي مسئلا سائيڊ تي رکن.
سندس چوڻ هو ته وزيراعظم شهباز شريف ميثاق معيشيت جي ڳالهه ڪئي، ميثاق معيشيت کانسواءِ مسئلن جو حل نٿو ملي سگهي، پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ نون وچ ۾ هڪ معاهدي تحت حڪومت ٺهي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته معاهدي تحت پي ايس ڊي پي گڏيل صلاح مشوري سان ٺهڻ گهرجي ها، جيڪڏهن هو گڏجي ويهن ها ته بهتر حل نڪري ها، وزيراعظم شهباز شريف ۽ ناڻي واري وفاقي وزير کي مشورو آهي ته اتحادين ۽ مخالف ڌر سان صلاح مشورو ٿيڻ گهرجي ها.
هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو رقم ۾ 27 سيڪڙو اضافو ساراهه جوڳو آهي، تحريڪ انصاف حڪومت ۾ باجوه ڊاڪٽرائن جي نالي تي مخالف ڌر نشاني تي هئي، هو ملڪ جي بنيادي مسئلي جو دفاع ڪرڻ لاءِ هڪ ٿيا.
پ پ چيئرمين چيو ته ارڙهين ترميم، اين ايف سي ايوارڊ ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي ختم ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي، حڪومت اوڳاڙين بابت جيڪي فيصلا ڪيا هاڪاري حل ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سندن سياسي فلسفو پروگريسو ٽيڪسيشن ۾ يقين رکي ٿو، هو عام ماڻهو کي اوڳاڙين جي مدد ۾ رليف ڏيڻ ۾ هن وقت تائين ناڪام رهيا آهن.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هر بجيٽ اڻ سڌي طرح ٽيڪسيشن تي زور ڏنو آهي، اڻ سڌي طرح ٽيڪسيشن کان گهٽ، عوام دوست بجيٽ نٿا ڏئي سگهن.
سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ ڊوميسٽڪ توانائي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ناڻي واري وزير سنڌ حڪومت جي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ساراهه ڪئي.
پ پ چيئرمين چيو ته شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو 1993ع جي منشور ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جو تصور ڏنو، نيب ۽ ملڪ جي معيشيت گڏ نٿا هلي سگهن، بيورو ڪريٽ نيب سبب ڪم ڪرڻ نٿا چاهن، بزنس مين تمام گهڻا ڊنل هوندا آهن.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته کين نيب کي ختم ڪرڻو آهي، نيب جا سڀ کان وڏا حامي به شايد اڄڪلهه نيب جي خاتمي جي حمايت ڪن، سياست اڳتي وڌائڻ لاءِ هڪٻئي کي جيل اماڻڻ جي ضرورت ناهي.
پ پ چيئرمين چيو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي منصوبن کي نيب قانون کان ڇوٽ ڏني وڃي، ايس آءِ ايف سي منصوبن کي به نيب کان ڇوٽ ڏني وئي آهي، کين نيب جو خوف ختم ڪرڻو آهي، بيورو ڪريسي کي طاقتور بڻائڻو آهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت وڏن شهرن ۾ ٽيڪنالاجي پارڪس ٺاهيا وڃن ته بهتر ٿيندو، دهشتگردي ختم ڪرڻ يا معاشي فيصلن بابت صلاح مشورا ضروري آهن.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته کير تي 18 سيڪڙو ٽيڪس لڳائڻ ڪنهن سياستدان نه پر بابو جو فيصلو آهي، اسٽيشنري تي ٽيڪس لڳائڻ به ڪنهن بابو جو فيصلو آهي، اهڙي قسم جا فيصلا واپس ورتا وڃن، حڪومت کي يقين ڏيارن ٿا ته هو حڪومت سان گڏ آهن……….















