تازه ترين
Home Blog Page 608

عزم استحڪام جو ڪوبه سياسي مقصد ناهي : خواجه آصف

0
بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته آپريشن عزم استحڪام جو ڪوبه سياسي مقصد ناهي، سياسي پارٽين جا خدشا ختم ڪيا ويندا، آپريشن عزم استحڪام انٽيليجنس بنيادن تي ٿيندو، تحريڪ انصاف جي خدشن کي ضرور ختم ڪيو ويندو، ڪي پي جي وڏي وزير ايپڪس ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ آپريشن جي مخالفت نه ڪئي،  دهشتگردن جي واپسي سان بدامني بابت خدشا درست ثابت ٿيا آهن، هنن جنرل باجوه ۽ جنرل فيض جي بريفنگ دوران دهشتگردن جي واپسي جي مخالفت ڪئي، دهشتگردن کي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته ٻين صوبن ۾ پکڙجي ويندا،  رياست جي سمورن ادارن کي آپريشن جي حمايت ڪرڻ گهرجي. ماڊل ٽائون ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خواجا آصف چيو ته آپريشن عزم استحڪام کي ضرب عضب ۽ ردالفساد سان ڀيٽ ڪئي پئي وڃي، گذريل آپريشنز جي نوعيت مختلف هئي پر مقصد ساڳيو آهي. سندس چوڻ هو ته ماضي ۾ به دهشتگرديءَ خلاف آپريشنز ٿيا، 2016ع ۾ اي پي ايس واقعو ٿيو، پوءِ نيشنل ايڪشن پلان ٺاهيو ويو، سموريون سياسي پارٽيون آن بورڊ هيون، سڀني نيشنل ايڪشن پلان جي حمايت ڪئي، آپريشن عزم استحڪام به نيشنل ايڪشن پلان جو تسلسل آهي. بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته ماضي ۽ اڄ جي صورتحال ۾ بنيادي فرق آهي، اڄ فاٽا کي ضم ڪيو ويو آهي، ماضي ۾ انهن علائقن تي دهشتگردن جو قبضو هو، سڄو علائقو ڏينهن رات نوگو ايريا ٿي ويو هو، صورتحال اڄڪلهه ائين نه آهي، اڄ سمورن علائقن تي رياست جي رٽ موجود آهي. هن چيو ته ڪجهه علائقن ۾ رات جي وقت دهشتگردن جي مداخلت آهي پر اهڙي ڪا ڳالهه ناهي ته سندن حدن ۾ دهشتگردن جي رٽ موجود هجي. بچاءَ واري وزير چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تحت ايپڪس ڪميٽي جوڙي وئي آهي، ڪميٽي ۾ چئني وڏن وزيرن هن پلان جي مخالفت نه ڪئي، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير اجلاس ۾ ڪنهن به قسم جي اختلاف راءِ جو اظهار نه ڪيو، علي امين گنڊاپور دٻيل لفظن ۾ چيو ته هن عمل جي حمايت ڪندا. خواجا آصف چيو ته هن معاملي تي ڪابينا ۽ پارليامينٽ ۾ بحث ڪيو ويندو، سوالن ۽ خدشن جا مناسب جواب ڏنا ويندا، جي يو آءِ ۽ پي ٽي آءِ جا خدشا ضرور ختم ڪيا ويندا پر جيترا ڏينهن بحث جي ضرورت هوندي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ڪيو ويندو. بچاءَ واري وزير چيو ته هن آپريشن جي پويان ڪو به سياسي مقصد ناهي، هو رڳو دهشتگردي جو خاتمو چاهن ٿا، ميڊيا کي به گهرجي ته آپريشن جي حمايت ڪري، آپريشن عزم استحڪام خاص طور تي خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ ٿيندو، هي ڪا سياسي جدوجهد ناهي، قومي سلامتي جي جدوجهد آهي. خواجا آصف چيو ته جن ضلعن ۾ آپريشن ٿيندو، اتي ٽن پارٽين جو ووٽ بئنڪ آهي، اهي پارٽيون پنهنجي ووٽ جي حفاظت لاءِ اسٽينڊ وٺي رهيون آهن، جوان روزانو جانيون ڏئي رهيا آهن، هي بدامني وڌي سگهي ٿي. بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته هن بدامني جي ملڪ کان ٻاهران به مدد ڪئي پئي وڃي، ڪجهه ماڻهو چاهن ٿا ته هي ملڪ دنيا لاءِ نوگو ايريا بڻجي وڃي، ڪجهه عنصر چاهن ٿا ته هتي ڪو به نه اچي.

وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿيندو، 11 نڪاتي ايجنڊا جاري

0
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿيندو جنهن لاءِ 11 نڪاتي ايجنڊا جاري ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ سڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي جڏهن ته نيشنل ايڪشن پلان جي ايپڪس ڪميٽي جي فيصلن منظوري ڏني ويندي. اجلاس ۾ خوراڪ واري عالمي اداري جي اسپيئر پارٽس جي شپمينٽ افعانستان موڪلڻ لاءِ اين او سي جي منظوري سميت پير روشن انسٽيوٽ آف پروگريسو سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجيز جي ڊائريڪٽر جي مقرري جي منظوري ڏني ويندي. ايجنڊا موجب ڪابينا مذهبي معاملن واري وزارت ۽ سعودي اسلامي معاملن واري وزارت وچ ۾ مفاهمتي ياداشت تي صحيحن جي منظوري ڏيندي ان کان علاوه فريڪوئنسي ايلوڪيشن بورڊ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي مقرري جي منظوري به ايجنڊا جو حصو آهي جڏهن ته اجلاس ۾ مالي سال 23-2022ع جي قومي اقتصادي ڪائونسل جي سالياني رپورٽ تي به غور ڪيو ويندو. اجلاس ۾ ڪابينا اِي سي سي، سي سي ايل سي ۽ رياستي ادارن بابت ڪابينا ڪميٽي جي فيصلن جي منظوري به ڏيندي…..

بل گيٽس جون انسايت لاءِ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن، حڪومت ملڪ مان پوليو جي خاتمي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻيندي : وزيراعظم

0
وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته بل گيٽس جون انسايت لاءِ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن، حڪومت ملڪ مان پوليو جي خاتمي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻيندي. پوليو جي خاتمي لاءِ قومي ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم شهبازشريف چيو ته پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي، بنيادي صحت ۽ ٻارن جي واڌ ويجهه ۾ گيٽس فائونڊيشن جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٽن ورهين دوران پوليو جي خاتمي لاءِ مالي مدد ۾ اضافو ٿيو آهي، جن مان ٽيهه سيڪڙو بل گيٽس فائونڊيشن جو آهي، پوليو جي خاتمي لاءِ سعودي عرب ايندڙ پنجن ورهين ۾ پنجاهه ڪروڙ ڊالرن جي خاطري ڪرائي آهي. شهبازشريف چيو ته سرحدي چرپر سبب پوليو وائرس پاڪستان آيو، هو مسئلي کي چڱي نموني مهن ڏئي رهيا آهن، وفاقي سرڪار صوبائي حڪومتن سان گڏجي پوليو جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي،. ان موقعي تي بل گيٽس چيو ته پاڪستان مان پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪرڻو پوندو، پاڪستان سان پوليو ۽ صحت جي ٻن شعبن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ هو پرعزم آهي، هتي ڊجيٽائيزيشن جو منصوبو سندن ترجيح آهي.

آپريشن عزمِ استحڪام، آپريشن عدم  استحڪام ثابت ٿيندو جيڪو ملڪ کي وڌيڪ ڪمزور ڪندو : مولانا فضل الرحمان

0
جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان، آپريشن عزِم استحڪام جي مخالف ڪندي چيو آهي ته آپريشن عزمِ استحڪام، آپريشن عدم  استحڪام ثابت ٿيندو جيڪو ملڪ کي وڌيڪ ڪمزور ڪندو. ڪوئيٽا ۾ نيشنل پارٽيءَ جي سربراهه ڊاڪٽر مالڪ بلوچ، اصغر اچڪزئي، خوشحال خان ڪاڪڙ، عبدالخالق هزارا سان ملاقات بعد  پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسٽيبلشمينٽ کي هر شعبي ۾ پنهنجي بالادستي ختم ڪرڻي پوندي. هن چيو ته آپريشن عزمِ استحڪام، آپريشن عدم  استحڪام ثابت ٿيندو جيڪو ملڪ کي وڌيڪ ڪمزور ڪندو. مولانا فضل الرحمان چيو ته ملڪ ۾ برابر جا شهري آهن، پر  ملڪ  رياستي عملداري نه هجڻ برابر آهي، ڪي پي ۾ سج لهندي ئي پوليس ٿاڻن ۾ بند ٿي ويندي آهي. جي يو آءِ سربراهه چيو ته اجلاس ۾ ورديءَ وارو هوندو ته فيصلا اهو ڪندو ته ٻيا ڇا ڪندا؟ رڳو ذميواري مٿن وڌي ويندي.

حيدرآباد : ايوان زراعت پاران سکر بئراج جو گيٽ لڙهڻ وارو واقعو غير معمولي قرار

0
ايوان زراعت سنڌ جي مرڪزي صدر سيد ميران محمد شاھه سکر بئراج جي غير معمولي صورتحال بابت سنڌ جي آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري ظريف کيڙي کي خط لکي سخت ڳڻتيءَ ۽ خدشن جو اظھار ڪيو آھي. ايوان زراعت سنڌ جي مرڪزي صدر سيد ميران محمد شاھه تنظيم جي ھيڊڪوارٽر حيدرآباد مان پنھنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو ته سکر بئراج سنڌ جي ڪروڙين ماڻھن جو جيئاپو ۽ سنڌ جي زرعي وجود توڙي بقا جي ساهه واري رڳ آھي. سندس چوڻ هو ته آبپاشي کاتي جي لاپرواھه، نااهل ۽ ڪرپٽ ڪامورن تاريخي ۽ اھم سکر بئراج کي ننڌڻڪو سمجھي ھٿ چراند ڪرڻ واري عمل کي هو سنڌ جي وجود ۽ مقدر سان ھٿ چراند ڪرڻ برابر سمجھن ٿا. ايوان زراعت سنڌ جي مرڪزي صدر، سيڪريٽري آبپاشي کي لکيل کليل خط ۾ وڌيڪ چيو ته ايوان زراعت سنڌ کي سکر بئراج جو 47 ھون اھم دروازو لڙھي وڃڻ ۽ 44 ھين در کي جزوي نقصان پھچن تي سخت ڳڻتي ۽ خدشو آھي ته اھم بئراج جو اھم در ڪيئن لڙھي ويو، جنھن سان سنڌ جي زراعت تي انتھائي ناڪاري اثر پوڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آھي. ميران محمد شاهه، آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري ظريف کيڙو سان مخاطب ٿيندي چيو ته ايوان زراعت سنڌ جي آبادگارن جي سڀ کان وڏي تنظيم آھي، جيڪا سمجھي ٿي ته سکر بئراج جو 47 ھون دروازو لڙھي وڃڻ انتھائي غير معمولي واقعو آھي. هن چيو ته هو انڪوائري لاءِ سيڪريٽري زراعت پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي کي رد ڪن ٿا، آبادگارن کان واقعي بابت شيون لڪايون نه وڃن ۽ نه ئي اوندھه ۾ رکيو وڃي. ايوان زراعت سنڌ جي مرڪزي صدر، سيڪريٽري آبپاشي تي زور ڀريندي چيو ته فوري طور تي سنڌ جي سمورن اسٽيڪ ھولڊرز، سنڌ جي رٽائرڊ ۽ حاضر سروس پاڻي ماھرن، آبپاشي کاتي جي عملدارن ۽ سمورين رجسٽرڊ آبادگار تنظيمن جو اجلاس سڏائي سکر بئراج بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وڃي. ھن افسوس جو اظھار ڪندي چيو ته سکر بئراج جو ايڏو وڏو واقعو ٿيڻ باوجود اڃا تائين سيڪريٽري آبپاشي سنڌ جي ڪنھن به اسٽيڪ ھولڊر کي گھرائي بئراج بابت نه تفصيلي بريفنگ ڏني آھي ۽ نه ئي آبادگارن کي اعتماد ۾ ورتو ويو آھي. ميران محمد شاهه، سيڪريٽري آبپاشي کي چيو ته ھو فوري طور پاڻي ماھرن ۽ آبادگار تنظيمن جو اجلاس سڏائي، ٻڌايو وڃي ته سکر بئراج جو 47 ھون دروازو ڪيئن لڙھي ويو ۽ 44 ھين دروازي کي نقصان ڪيئن پھتو، سبب ڪھڙا آھن. ايوان زراعت سنڌ جي صدر چيو ته آبڪلاڻي جي مند ۾ بئراج جو مرمتي ڪم ٿيو يا نه ٿيو، بئراج جو دروازو لڙھڻ جي غير معمولي واقعي ۾ ڪھڙا نااھل عملدار ۽ عملو ملوث آھي سندن پتو لڳائي سخت سزائون ڏنيون وڃن. محمد ميران شاهه چيو ته ايوان زراعت سنڌ، سکر بئراج جو 47 ھون در لڙھي وڃڻ ۽ 44 ھين در کي جزوي نقصان پھچڻ کي آبادگارن جا ارمان لڙھي وڃڻ ۽ نقصان پھچڻ برابر سمجھي ٿي، ڇو ته ھن وقت سارين جا بيڄارا، لکين ايڪڙن تي ووئڻن ۽ ڪمند جا تيار ٿيل فصل بيٺل آھن. سندس چوڻ هو ته فصلن کي ھن وقت پاڻي جي سخت ضرورت آھي، جيڪڏھن پاڻي نه مليو ته سنڌ جي زراعت ۽ تيار فصلن کي ازالو نه ٿيڻ جوڳو نقصان پھچندو، جنھن سان سنڌ جا آبادگار، ھاري ۽ پورھيت طبقو معاشي طور تي انتھائي سنگين حالتن کي منھن ڏيڻ تي مجبور ٿي ويندو. ايوان زراعت سنڌ، صوبائي سرڪار کان مطالبو ڪيو ته سکر بئراج جو 47 ھون در لڙھڻ واري غير معمولي واقعي ۽ گيٽ نمبر 44 ھين کي جزوي نقصان پھچڻ جي اعليٰ سطحي انڪوائري ڪرائي، لاپرواھي ۾ ملوث آبپاشي کاتي جي سمورن عملدارن ۽ عملي جو پتو لڳائي سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي، بئراج جي 47 ھين در تي ڪاپر جو بند ٻڌي فوري طور تي سنڌ جو پاڻي بحال ڪيو وڃي.

ميرپور ماٿيلو: صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل ڪيس جي اي ٽي سي ۽ سيڪنڊ مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ ٻڌڻي

0
ميرپورماٿيلي جي شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت  ۽ سيڪنڊ سول جج جي عدالت ۾ ڌار ڌار ٻڌڻي ٿي. پوليس گرفتار جوابدار اصغر لنڊ کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾  پيش ڪري رمانڊ جي درخواست ڪئي. عدالت جوابدار کي 26 جون تائين رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. سيڪنڊ سول جج جي موڪل تي هجڻ ڪري فريادي ۽ شاهدن جو 164 وارو بيان رڪارڊ نه ٿي سگهيو جنهن سبب ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي. ان موقعي تي شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي ڪيس جي وڪيل ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته عدالت رمانڊ لاءِ آڊر پاس ناهن ڪيا، سندن آرگيومينٽس ٻڌا ويا آھن، عدالت کي اپيل ڪئي آھي ته رمانڊ ۾ واڌ ڪئي وڃي ڇاڪاڻ ته ڪيس ۾ جي آءِ ٽي جوڙي وئي آھي ۽ ٻيا جوابدار گرفتار ڪرڻا آھن. ھن چيو ته شهيد صحافي جي امڙ پٺاڻي، سندس ڀاءُ يعقوب ۽ صلاح الدين جو 164 جو بيان رڪارڊ ڪرڻ لاءِ لڳل آھي پر جج موڪل تي آھي جنهن لاءِ سڀاڻي جي تاريخ ڏني وئي آھي. سندس چوڻ هو ته مخالف ڌر جي وڪيل عدالت کي درخواست ڏني ته کين ھڪ ھفتي جي تاريخ وڌائي ڏني وڃي پر عدالت سڀاڻي صبح جي تاريخ ڏني آهي. شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي ڪيس جي وڪيل چيو ته سڀاڻي 164 جو بيان ضرور رڪارڊ ٿي ويندو، پوليس مان اميد آھي ته فيئر انويسٽيگيشن ٿيندي ۽ جيڪي جوابدار آھن اھي عدالت ۾ پيش ڪندا.

سکر بئراج جي گيٽ نمبر 47 تي بند ٻڌڻ لاءِ ڪم جاري

0
سکر بئراج جي گيٽ نمبر 47 تي بند ٻڌڻ لاءِ ڪم جاري آهي جڏهن ته سکر بئراج وٽ پاڻي  وهڪرن ۾ 24 ڪلاڪن اندر 17 هزار 855 ڪيوسڪ جي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. پاڻي وهرڪن ۾ واڌ سبب گيٽ جي تبديلي واري ڪم ۾ ڏکيائيون اچڻ شروع ٿي ويون آهن. پاڻي وهڪرن ۾ واڌ کانپوءِ سکر بئراج جي مختلف واهن ۾ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ  شروع ڪيو ويو آهي. سکر بئراج جي واهن ۾ 26 هزار 355 ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو پيو وڃي. سکر بئراج مان نڪرنڙ نارا ڪئنال ۾ 11 هزار 955 ڪيوسڪ ۽  روهڙي ڪئنال ۾ 7 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو پيو وڃي. رائيس ڪئنال ۾ 5 هزار 50 ڪيوسڪ، دادو ڪئنال ۾ 400، خيرپور ايسٽ ۾ 750 ۽ خيرپور ويسٽ ۾ 600  ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو پيو وڃي. ڪابل ندي ۾ پاڻي جي واڌ کانپوءِ هيٺاهين درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر ٿي وئي آهي. آبپاشي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڻي وهڪرن ۾ واڌ کانپوءِ اهو پاڻي سکر بئراج طرف وڌي رهيو آهي جڏهن ته بئراج جو ڪم جلد مڪمل نه ڪيو ويو ته اڳتي ڪم ڏکيو ٿي سگهي ٿو.

ڪراچي: ايڪسائيز نارڪوٽڪس جي ڪورنگي ۾ ڪارروائي، هڪ منشيات وڪرو ڪندڙ گرفتار

0
ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ ايڪسائيز نارڪوٽيڪس ٽيم ڪارروائي ڪندي  هڪ منشيات وڪرو ڪندڙ کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان منشيات هٿ ڪري ورتي آهي. ايڪسائيز اختيارين جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار جي نشاندهي تي ڪورنگي ۾  ڇاپو هڻي جوابدار مراد خان کي  گرفتار ڪري سندس قبضي مان  23 سئو گرام چرس هٿ ڪيو ويو آهي. ايڪسائيز اختيارين جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار جي ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو جاري آهي………..

ميرپو ماٿيلو: پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

0
ميرپو ماٿيلي ويجهو  پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته داد لغاري لنڪ روڊ تي گشت دوران ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل ويو آهي جڏهن ته سندس 6 ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن. پوليس موجب زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل جوابدار جي سڃاڻپ مهيوال عرف آغا بوزدار جي نالي سان ٿي آهي، سندس قبضي مان هڪ پسٽل ۽ گوليون به هٿ ڪيون ويون آهن. پوليس موجب فرار ٿي ويل جوابدارن جي به سڃاڻپ ٿي وئي آهي جن کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو. پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل جوابدار چوري، ڦر وارداتن ۽ پوليس مقابلن سميت ٻين ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل آهي…….

نوابشاهه: فاطمه ڦرڙو ڪيس جي شاهد نينگري اجالا کي مبينا اغوا ڪرڻ جي ڪوشش

0
خانواهڻ ويجهو پيرن جي حويلي ۾ مبينا طور زيادتي جو نشانو بڻائي قتل ڪيل معصوم نينگري فاطمه ڦرڙو ڪيس جي شاهد نينگري اجالا کي مبينا طور اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. نينگري ۽ سندس والده جي رڙين تي ڳوٺاڻن پهچي کيس اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو. مقتول نينگري فاطمه ڦرڙو جي والد نديم ڦرڙو جو چوڻ آهي ته بااثر پيرل شاهه نينگري اجالا کي اغوا ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن اهي ڪيس جي شاهدي تبديل ڪرائي سگهن. سندس چوڻ هو ته  خانواهڻ پوليس بااثر خلاف  ڪابه ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ايڪشن کنيو وڃي.
Exit mobile version