تازه ترين
Home Blog Page 606

فيض گنج: جهان آباد لنڪ روڊ تي ڪار کي باهه، 3 ڄڻا سڙي فوت

0
فيض گنج ويجهو گئس سئلينڊر جي ڌماڪي سبب ڪار کي باهه وڪوڙي وئي، نتيجي ۾ نارا تعلقي جي تجل واسي ڊاڪٽر زال ۽ معصوم پٽ سميت سڙي فوت ٿي ويو. بصيرو لنڪ روڊ تي ڪار ۾ رکيل گئس سئلينڊر جي ڌماڪي سبب ڪار کي باهه وڪوڙي وئي، نتيجي ۾ ناري تعلقي جي تجل واري علائقي جا زال مڙس ذاڪره، حبيب الله سهتو ۽ سندن معصوم پٽ اڪرام الله سڙي فوت ٿي ويا. ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن پهچي باهه تي ضابطو آندو، اطلاع تي پوليس پهچي ٽنهي فوتين جا لاش ڪار مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا. ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، هڪ ئي گهر ۾ 3 مڙهه پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. فوتي حبيب الله سهتو ساهرن وٽ ترسيل هو جتان اڄ واپس ڳوٺ وڃي رهيو هو ته حادثو پيش آيو.

باڊهه ۾ نوجوان مبينا طور گهريلو پريشانين سبب زهريلي دوا پي آپگهات ڪري ڇڏيو

0
باڊهه ۾ نوجوان مبينا طور گهريلو پريشانين سبب زهريلي دوا پي آپگهات ڪري ڇڏيو. درگاهه پاڙي واسي 27 ورهين جي نظام الدين مغيري گهريلو پريشانين سبب زهريلي دوا پي ڇڏي. وارثن نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي جي اسپتال پهچايو جتي هن علاج دوران دم ڌڻي حوالي ڪيو. اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. 27 ورهين جي نظام الدين مغيري جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

سجاول جوڻيجو ويجهو مبينا ڪارنهن الزام هيٺ ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ کي قتل ڪري ڇڏيو

0
سجاول جوڻيجو ويجهو مبينا ڪارنهن الزام هيٺ ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. سونھارو شاخ وٽ ٽانوري گھر پنھنجا ۾ مبينا ڪارنھن الزام ۾ مسمات الھورائي ٽانوري کي جوابدارن بندوق جا فائر ڪري گھر اندر قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. ناري جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته ڪارنھن الزام هيٺ جوابدار علي شير ٽانوري پنھنجي ڀيڻ کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪيو آھي. پوليس موجب، جوابدار کي گرفتار ڪيو آھي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي…….

سنڌ حڪومت ڪراچيءَ ۾ سخت گرميءَ جي لهر کي نظر ۾ رکندي مختلف هنڌن تي 77 هيٽ ويو مرڪز ۽ ڪئمپون قائم ڪري ڇڏيون

0
سنڌ حڪومت ڪراچيءَ ۾ سخت گرميءَ جي لهر کي نظر ۾ رکندي مختلف هنڌن تي 77 هيٽ ويو مرڪز ۽ ڪئمپون قائم ڪري ڇڏيون. ڏکڻ ضلعي ۾ 11، اوڀر ۾ 18، اولهه ۾ 6، سينٽرل ۾ 12، ملير ۾ 15، ڪورنگي ۾ 8 ۽ ڪياماڙي ۾ 7 مرڪز قائم ڪيا ويا آهن. سول لائنز ۽ گارڊن سب ڊويزن ۾ 3، صدر ۽ آرام باغ ۾ 2-2 مرڪز قائم ڪيا ويا. گلشن اقبال ۾ 4، فيروز آباد ۾ 2، جمشيد ڪوارٽرز ۾ 6، گلزار هجري ۾ 5 مرڪز قائم ڪيا ويا آهن. منگهوپير ۾ 4، اورنگي ۽ نارٿ ناظم آباد ۾ ٻه ٻه، گلبرگ ۾ 4 مرڪز قائم ڪيا ويا. نيو ڪراچي ۽ لياقت آباد ۾ به ٻه ٻه مرڪز قائم ڪيا ويا. ابراهيم حيدري ۾ 8، مراد ميمڻ ۾ 3، بن قاسم ۽ ايئرپورٽ سب ڊويزن ۾ 2 مرڪز قائم ڪيا ويا آهن. ڪورنگي ۽ لانڍي ۾ ٻه ٻه، شاهه فيصل ۾ هڪ، ماڊل ڪالوني ۾ 3 مرڪز قائم ڪيا ويا. ماڙيپور ۾ هڪ، بلديه ۾ ٻه ۽ سائيٽ ۾ 3 مرڪز قائم ڪيا ويا آهن……

ٻٻرلوءِ پوليس مقابلي دوران ٻن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعوى

0
ٻٻرلوءِ پوليس مقابلي دوران ٻن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي. پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته ٻٻرلوءِ-پيرڳوٺ لنڪ روڊ تي ڏوھارين سان مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ بعد ٻن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس موجب ، گرفتار ڏوهارين جي سڃاڻپ ارشاد ميراڻي ۽ عظيم راڄپر طور ٿي آهي سندن قبضي مان 2 پسٽل ۽ ڦر ڪيل ون ٽو فاءِ موٽر سائيڪل هٿ ڪري طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس ترجمان موجب، گرفتار ڏوهاري ڦر،اسٽريٽ ڪرائيم ۽ ٻين ڪيترن ئي ڏوهن ۾ گهربل هئا سندس خلاف سکر ۽ خيرپور جي مختلف ٿاڻن تي ڪيس آهن. جو وڌيڪ چوڻ آهي ته گرفتار ڏوهارين جو ٻين ضلعن مان ڪرمنل رڪارڊ گڏ ڪيو پيو وڃي….

وفاقي حڪومت، اپوزيشن ۽ پيپلزپارٽي  ۾ معاملا طئي ٿيڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪاميٽين جي چيئرمينن جي  چونڊ شروع ٿي وئي آهي

0
وفاقي حڪومت، اپوزيشن ۽ پيپلزپارٽي  ۾ معاملا طئي ٿيڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪاميٽين جي چيئرمينن جي  چونڊ شروع ٿي وئي آهي، پهرين ڏينهن 6 ڪميٽين جا سربراهه اتفاق راءِ سان چونڊيا ويا، 5 پميٽين جي سربراهي پيپلز پارٽي ۽ هڪ جي باپ کي ملي آهي. چيئرمينن جي چونڊ لاءِ اسٽينڊنگ ڪميٽين جا اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيا، قانونسازي جي اسپيشل سيڪريٽري محمد مشتاق چونڊن جي عمل جي نگراني ڪئي. قومي اسيمبلي جي پرڏيهي معاملن جي ڪميٽي جي سربراهي پيپلز پارٽي جي حنا رباني کر حوالي ڪئي وئي، اتفاق راءِ سان سندس چونڊ ڪئي وئي. پ پ جو سيد نويد قمر کي اتفاق راءِ سان قومي اسيمبلي جي ناڻي ۽ روينيو جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين چونڊيو ويو. اعجاز جکراڻي اتفاق راءِ سان مواصلات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين چونڊجي ويو. جڏهن ته پيپلز پارٽي جي عبدالقادر پٽيل کي اتفاق راءِ سان سامونڊي معاملن بابت قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين چونڊيو ويو. مهيش ڪمار ملاڻي کي قومي صحت بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين ۽ بلوچستان عوامي پارٽي جي خالد مگسي کي اتفاق راءِ سان پاڻي جي وسيلن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين چونڊيو ويو….

مودي طرفان اسرائيل کي غزه مٿان بمباري دوران هٿيار فراهم ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي

0
مودي طرفان اسرائيل کي غزه مٿان بمباري دوران هٿيار فراهم ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. غزه مٿان جاري اسرائيلي جارحيت کي 262 ڏينهن گذري ويا ۽ معصوم فلسطينين تي اسرائيل جي دهشتگردي اڄ به جاري آهي. غزه تي اسرائيلي حملن جو سڀ کان وڏو حامي ڀارت آهي جيڪو مودي جي مسلمان دشمني جو ثبوت آهي. مودي طرفان اسرائيل کي وڏي تعداد ۾ هٿيارن جي فراهمي جو عمل جاري آهي. اسرائيلي اخبار موجب مظلوم فلسطينين تي ظلم ۽ ڏاڍ کي برقرار رکڻ ۾ ڀارت اسرائيل کي جديد هرميس 900 ڊرون سان گڏ ٻيا هٿيار  فراهم ڪيا. اسرائيلي اخبار موجب اسرائيل کي اهو ڊرون فراهم ڪرڻ لاءِ مودي سرڪار ۽ اعليٰ اختيارين خاص طور تي منظوري ڏني. ان کان اڳ به 8 جون تي فلسطين ۾ قائم گڏيل قومن جي ڪئمپ ۾ پناهه ورتل فلسطينين تي اسرائيلي فوج بمباري ڪئي. اسرائيل طرفان ميڊ ان انڊيا ليبل جا ڀارتي ميزائلن جي بمباري جي نتيجي ۾ 40 معصوم فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته 100 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا. فيبروري 2024ع ۾ ڀارتي فيڪٽري طرفان اسرائيل لاءِ غزه خلاف جنگ ۾ خاص 20 ڊرونز تيار ڪيا ويا. ڀارتي فيڪٽري اڊاني گروپ ۽ اسرائيلي بچاءَ واري ڪمپني ايلبٽ سسٽمز طرفان قائم ڪئي وئي جيڪا اسرائيل کان ٻاهر اهڙا ڊرون تيار ڪندڙ دنيا جي پهرين فيڪٽري آهي. هلندڙ سال به اڊاني گروپ طرفان ڊرون ڀارت کان اسرائيل موڪليا ويا هئا جيڪي غزه ۾ هٿين خالي مسلمانن تي استعمال ڪيا ويا اسرائيلي اخبار موجب فلسطين خلاف جنگ شروع ٿيڻ سان ئي ڀارت اسرائيل کي شيلز ۽ هٿيار فراهم ڪيا. 7 آڪٽوبر 2023ع کان وٺي هن وقت تائين غزه تي اسرائيل جي بمبارين جي نتيجي ۾ 37 هزار کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ۽ 86 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا جن ۾ وڏو انگ ٻارن جو آهي. هٿين خالي مظلمون فلسطينين جي شهادت ۾ اسرائيل سان گڏوگڏ ڀارت به ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. فلسطين ۾ ڀارتي ميزائلن جو استعمال واضح ڪري ٿو ته انتها پسند مودي ڀارت ڀارت کان ٻاهر به مسلمانن تي حملا ڪرائي پنهنجي يهودي آقائن جي مڪمل حمايت ڪري رهيو آهي. ڀارت ۽ اسرائيل جي ڳٺ جوڙ دنيا کي هڪ خطرناڪ جنگ ۾ ڌڪي سگهي ٿي. مودي جو اکنڊ ڀارت ۽ گريٽر اسرائيل هڪ ئي نظريي جا ٻه پاسا آهن……

منشيات سماج جي بقا لاءِ خطرو آهي، گڏيل ڪوششن سان ئي پاڪستان ۾ منشيات جي ورڇ کي روڪڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهجي ٿو : وزيراعظم

0
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته منشيات جي استعمال ۽ غير قانوني سمگلنگ خلاف عالمي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد منشيات جي غير قانوني سمگلنگ خلاف سندن گڏيل ذميواري جو ورجاءُ آهي. منشيات جي استعمال ۽ غير قانوني سمگلنگ خلاف عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ شهباز شريف چيو ته منشيات سماج جي بقا لاءِ خطرو آهي، گڏيل ڪوششن سان ئي پاڪستان ۾ منشيات جي ورڇ کي روڪڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهجي ٿو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي حڪومت منشيات جي استعمال جي مسئلي کي حل ڪرڻ ۽ غير قانوني سمگلنگ کي منهن ڏيڻ لاءِ فائديمند قدم کڻڻ کي اولين ترجيح ڏئي ٿي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سماج ۾ منشيات سان لاڳاپيل ڏوهن جو وڌندڙ انگ خطرناڪ آهي ۽ حڪومت انهن کي روڪڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت جو عزم آهي ته نشي جي عادي ماڻهن جي بحالي لاءِ بهتر انتظام ڪيا وڃن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اڄ جي ڏينهن اهي منشيات جي ناجائز ڪاروبار جو گڏيل طور تي مقابلو ڪرڻ جو عهد ڪن ٿا، اچوته پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ هڪ روشن ۽ صحتمند مستقبل ٺاهيون.

اسرائيل جي غزه ۾ دهشتگردي جاري ، اسرائيلي جهازن جي حملي ۾ حماس اڳواڻ اسماعيل هانيه جي ڀيڻ سميت 10 ڄڻا شهيد

0
اسرائيل جي غزه ۾ دهشتگردي جاري آهي، اسرائيلي جهازن جي حملي ۾ حماس اڳواڻ اسماعيل هانيه جي ڀيڻ سميت 10 ڄڻا شهيد ٿي ويا جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا. اسرائيلي جهازن حماس اڳواڻ اسماعيل هانيه جي گهر تي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ سندس ڀيڻ سميت 10 ڄڻا شهيد ٿي ويا. عرب ميڊيا موجب، يهودي فوج پناهگير اسڪول ۽ غزه ۾ امداد جي منتظر فلسطيني تي بمباري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 25 ڄڻا شهيد ٿي ويا. عرب ميڊيا موجب، 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين شهيدن جو انگ 37 هزار 626 کان وڌي ويو آهي جڏهن ته 86 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن. عرب ميڊيا موجب، غزه ۾ اجتماعي قبرن مان ڪيترن ئي اڻڄاتل ٻارن جا لاش هٿ آيا آهن. ٻئي پاسي ٻارن لاءِ ڪم ڪندڙ عالمي تنظيم سيو دي چلڊرين پاران غزه جنگ ۾ 21 هزار فلسطيني ٻارن جي لاپتا ٿيڻ جو انڪشاف ڪدني جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. هوڏانهن اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جو چوڻ آهي ته حماس سان جنگ بندي معاهدي باوجود جنگ جاري رهندي، هو اهڙي معاهدي لاءِ تيار آهن جنهن سان قيدين جي واپسي ٿي سگهي. ٻئي پاسي حماس جي سربراهه اسماعيل هانيه چيو آهي ته سندس خاندان تي دشمن جو حملو به سندن مزاحمت ۽ موقف کي تبديل نٿو ڪري سگهي.

آمريڪا دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو

0
آمريڪا دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر واشنگٽن ۾ پريس ڪانفرنس دوران چيو آهي ته پاڪستان جي عوام دهشتگرد حملن سبب گهڻو نقصان برداشت ڪيو آهي، پاڪستان سميت ڪنهن به ملڪ کي اهڙي دهشتگردي جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته علائقائي سلامتي کي درپيش خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ امريڪا ۽ پاڪستان جي گڏيل مفاد آهن، پاڪستان سان ملٽري ٽو ملٽري لاڳاپا جاري رهندا. ميٿيو ملر چيو ته امريڪا کي سوات ۾ پرتشدد واقعن تي ڳڻتي آهي، هو متاثر ڪٽنبن سان تعزيت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪري ٿو. هن چيو ته مذهبي طور تي تشدد جي واقعن تي ڳڻتي آهي، تشدد يا تشدد جو خطرو اظهار جي قابل قبول صورت ناهي. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر چيو آهي ته پاڪستان ۾ انساني حقن، مذهبي، اظهار جي آزادي، پرامن اجتماع جي حقن جو احترام ڪيو وڃي، قانون جي حڪمراني ۽ انساني حقن جي تحفظ جي قدمن جي حمايت ڪئي وڃي. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته پاڪستان ۾ انساني حقن، مذهبي، اظهار جي آزادي، پرامن اجتماع جو احترام ڪيو وڃي. ميٿو ملر جو وڌيڪ چوڻ هو ته هو پاڪستاني عملدارن سان مذهبي آزادي، اقليتن سان سلوڪ، انساني حقن جي معاملن تي ڳالهيون ڪندا رهندا، هو اهڙن قدمن جي حمايت ڪن ٿا جنهن سان قانون جي حڪمراني ۽انساني حقن جي تحفظ کي هٿي ملي.
Exit mobile version