شيخ ڀرڪيو ۾ پوليس مبينا مقابلو، هڪ جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار
مسلم ليگ ن اڳوڻي گورنر محمد زبير جي بيان کي رد ڪري ڇڏيو
مسلم ليگ ن اڳوڻي گورنر محمد زبير جي بيان کي رد ڪري ڇڏيو، پنجاب اسيمبليءَ جي اسپيڪر محمد احمد خان جو چوڻ آهي ته محمد زبير، نواز شريف ۽ قمر جاويد باجوه جي ملاقات بابت غلط ڳالهيون ڪيون آهن، محمد زبير ٻڌائي ته ڪڏهن ۽ ڪٿي ملاقات ڪئي وئي، اڳوڻو گورنر تڪراري ڳالهه ڪري مسئلن ۾ ڦاسي سگهي ٿو.
ميڊيا سان ڳالهائيندي ملڪ محمد احمد خان چيو ته نواز شريف ۽ قمر باجوه جي ملاقات بابت سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير جو بيان بي بنياد آهي، هو رد ڪن ٿا.
سندس چوڻ هو ته ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته اڳوڻو آرمي چيف لنڊن ۾ نواز شريف سان ملاقات ڪري ڪنهن کي خبر نه پئي.
پنجاب اسيمبليءَ جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان چيو ته قمر جاويد باجوه سان ملاقات ته ڇا ڳالهه ٻولهه به ناهي ٿي، اڳوڻو گورنر تڪراري ڳالهه ڪري مسئلن ۾ ڦاسي سگهي ٿو.
ملڪ محمد احمد خان چيو ته قمر باوجوه لنڊن ويو ته رڪارڊ موجود هوندو، ڪڏهن لينڊ ٿيو، محمد زبير ٻڌائي ته ڪڏهن ۽ ڪٿي ملاقات ڪئي وئي.
صدر آصف علي زرداري هڪ ڏينهن جي دوري تي سکر پهچي رهيو آهي، جتي سندس صدارت هيٺ امن امان بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيندو
صدر آصف علي زرداري هڪ ڏينهن جي دوري تي سکر پهچي رهيو آهي، جتي سندس صدارت هيٺ امن امان بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيندو
صدر آصف علي زرداري اڄ سکر جي دوري تي پهچندو.
صدر زرداري دوري دوران سنڌ ۾ سڪيورٽي ۽ امن امان جي صورتحال بابت اجلاس جي صدارت ڪندو.
امن امان جي صورتحال بابت گذريل مهيني ۾ ٿيل اجلاس جي فيصلنن بابت ٿيل اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويندو.
سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه بريفنگ ڏيندو.
اجلاس ۾ ڪچي جي ڌاڙيلن خلاف آپريشن کي قطعي شڪل ڏيڻ لاءِ فيصلي جو امڪان آهي.
اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، وڏو وزير مراد علي شاهه، سينيئر وفاقي ۽ صوبائي اختيارين سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادان جا اعليٰ عملدار شرڪت ڪندا.
قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ به جاري رهندو جنهن ۾ بجيٽ تي بحث ڪيو ويندو
قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ به جاري رهندو جنهن ۾ بجيٽ تي بحث ڪيو ويندو.
قومي اسيمبليءَ جو اجلاس صبح يارهين وڳي شروع ٿيندو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندو.
پيپلزپارٽي طرفان سمورن ميمبرن کي بلاول ڀٽو جي تقرير دوران ايوان ۾ موجود رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف به بلاول ڀٽو زرداري جي تقرير دوران ايوان ۾ موجود رهندو جڏهن ته مخالف ڌر طرفان اڄ به احتجاج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي ٻڌڻي، پي ٽي آءِ ٻئي پارٽي ۾ شامل ٿي سياسي آپگهات ڇو ڪيو : چيف جسٽس
سپريم ڪورٽ ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي ٻڌڻي، پي ٽي آءِ ٻئي پارٽي ۾ شامل ٿي سياسي آپگهات ڇو ڪيو، ڇا آزاد ميمبرن پي ٽي آءِ جوائن نه ڪري سياسي آپگهات نه ڪيو آهي، تحريڪ انصاف چونڊون روڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، وزيراعظم اليڪشن ڪميشن جي ڪم ۾ مداخلت ڪئي: چيف جسٽس، جنهن پارٽي چونڊ وڙهڻ ئي پسند نه ڪئي تنهن کي مخصوص سيٽون ڇو ڏنيون وڃن: جسٽس جمال مندوخيل، اليڪشن ڪميشن طرفان پي ٽي آءِ کي چونڊ نشان نه ڏيڻ سبب مونجهارا پيدا ٿيا، ملڪ آئين تحت ڪڏهن هليو آهي: جسٽس اطهر من الله، پارلياماني جمهوريت جو بنياد سياسي پارٽيون آهن: جسٽس منيب اختر
حڪومت پيپلز پارٽيءَ جا سمورا مطالبا منظور ڪري ورتا
حڪومت پيپلز پارٽيءَ جا سمورا مطالبا منظور ڪري ورتا.
اسلام آباد ۾ مسلم ليگ ن ۽ پ پ جي ڳالهين واري ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو.
اجلاس دوران پ پ پنهنجا اعتراض حڪومت سامهون رکيا، غور ويچار کانپوءِ حڪومت پ پ جا سمورا مطالبا منظور ڪري ورتا.
ذريعن موجب ترقياتي فنڊن ۽ پنجاب ۾ انتظامي عهدن تي پ پ کي اوليت ڏني ويندي.
اجلاس کانپوءِ پ پ جي ڳالهين واري ڪميٽي ۾ شامل نديم افضل چن چيو ته پنجاب جي معاملن ۾ گنجائش جو مسئلو هو، مڪاني ادارن جي چونڊن جو معاملو آهي.
هن چيو ته پ پ چاهي ٿي ته ڪنهن کي انتقام جو نشانو نه بڻايو وڃي، پنجاب ۾ سٺي گورننس ڏني وڃي.
سندس چوڻ هو ته حڪومت سان سندن ڪيترائي مسئلا حل ٿي چڪا آهن، هاڻي لکت معاهدي جي سلسلي ۾ ڳالهيون ٿي رهيون آهن.
ملير ڪينٽ ويجهو گهر مان تشدد جو شڪار ناري کي بازياب ڪرايو ويو
ايس ايس پي ملير ڪاشف عباسي جو چوڻ آهي ته ناري پنهنجي امڙ ۽ ڀاءُ تي تشدد ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي، بازياب ڪرايل ناري پنهنجي فيملي سان وڃڻ نٿي چاهي.
ايس ايس پي ملير ڪاشف عباسي چيو ته ناري پاڻ تي تشدد جون تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون هيون.
متاثر ناري وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته هوءَ گهريلو تشدد جو شڪار آهي، سندس امڙ ۽ ڀاءُ تشدد ڪندا آهن.
سندس چوڻ هو ته والد ۽ هڪ ٻيو ڀاءُ سڀ ڪجهه ڄاڻڻ باوجود سندس مدد ناهن ڪندا، هڪ هفتو اڳ سندس امڙ جان کان مارڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
متاثر ناري چيو ته سندس دوست پوليس کي اطلاع ڏنو، ايس ايس پي ملير کيس بازياب ڪرائي ٿاڻي پهچايو آهي، هوءَ ايس ايس پي ڪاشف عباسي ۽ سندس ٽيم جي ٿورائتي آهي
آهي.
ايس ايس پي ملير ڪاشف عباسي جو چوڻ آهي ته ناري پنهنجي امڙ ۽ ڀاءُ تي تشدد ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي، بازياب ڪرايل ناري پنهنجي فيملي سان وڃڻ نٿي چاهي.
ايس ايس پي ملير ڪاشف عباسي چيو ته ناري پاڻ تي تشدد جون تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون هيون.
متاثر ناري وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته هوءَ گهريلو تشدد جو شڪار آهي، سندس امڙ ۽ ڀاءُ تشدد ڪندا آهن.
سندس چوڻ هو ته والد ۽ هڪ ٻيو ڀاءُ سڀ ڪجهه ڄاڻڻ باوجود سندس مدد ناهن ڪندا، هڪ هفتو اڳ سندس امڙ جان کان مارڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
متاثر ناري چيو ته سندس دوست پوليس کي اطلاع ڏنو، ايس ايس پي ملير کيس بازياب ڪرائي ٿاڻي پهچايو آهي، هوءَ ايس ايس پي ڪاشف عباسي ۽ سندس ٽيم جي ٿورائتي آهي.
انتظاميا طرفان 9 هزار 788 شڪايتن تي فوري ڪارروائي ڪندي سائلين کي رليف فراهم ڪيو ويو آهي: چيف سيڪريٽري
سنڌ جي چيف سيڪريٽري ڪمپلينٽ سيل کي سال 2019ع کان هن وقت تائين 21 هزار 457 شڪايتون مليون آهن.
چيف سيڪريٽري جي ترجمان جو چوڻ آهي ته انتظاميا طرفان 9 هزار 788 شڪايتن تي فوري ڪارروائي ڪندي سائلين کي رليف فراهم ڪيو ويو آهي.
چيف سيڪريٽري جي ترجمان موجب، ڏهه هزار شڪايتون تصديق جي مرحلي ۽ هڪ هزار 263 شڪايتن کي مختلف کاتن ڏانهن اماڻيو ويو آهي.
چيف سيڪريٽري جي ترجمان جو چوڻ آهي ته عوام آن لائن ۽ ٽپال ذريعي شڪايتون چيف سيڪريٽري ڪمپلينٽ سيل کي اماڻي سگهي ٿو.
چيف سيڪريٽري جي ترجمان موجب، چيف سيڪريٽري ڪمپلينٽ سيل ۾ پرائم منسٽر ڪمپلينٽ سيل کان 3 لک 30 هزار شڪايتون مليون، جن شڪايتن مان 2 لک 95 هزار 387 شڪايتن کي حل ڪيو ويو آهي
ڪراچي بس ڪلٽي، عورت فوت 50 ڄڻا زخمي
ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل تي ڄاڃين جي بس ڪار سان ٽڪرائجڻ کانپوءِ ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت فوت ٿي وئي ۽ عورتن ٻارن سميت 40 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا.
ريسڪيو ذريعن جو چون آهي ته عوامي مرڪز وٽ ڄاڃين جي بس ڪار سان ٽڪرائجڻ کانپوءِ بس ڪلٽي ٿي پئي.
ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ هڪ عورت ناديه زال صاحب الدين فوت ٿي وئي جڏهن ته عورتن ۽ ٻارن سميت 40 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن مان ڏهن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
اسپتال انتطاميا جو چوڻ آهي ته اڪثر معمولي زخمين کي طبي امداد ڏيڻ بعد فارغ ڪيو ويو……..
وطن لاءِ جان جو نذرانو ڏيندڙ مسيحي سپاهيءَ هارون وليم جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون
وطن لاءِ جان جو نذرانو ڏيندڙ مسيحي سپاهيءَ هارون وليم جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون، تقريب ۾ وزيراعظم شهبازشريف ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير شرڪت ڪئي.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته اسلام آباد جي رهواسي 29 ورهين جي سپاهي هارون وليم جون آخري رسمون سينٽ پال چرچ راولپنڊي ۾ ادا ڪيون ويون.
هارون وليم ڪرم ضلعي ۾ دهشتگردي جي خاتمي بابت آپريشن ۾ ڊيوٽي دوران شهادت ماڻي هئي.
شهيد سپاهيءَ جي آخري رسمن ۾ وزيراعظم شهبازشريف، بچاءَ واري وزير خواجه آصف، گهرو وزير محسن نقوي، آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ ٻين اعليٰ فوجي توڙي سول آفيسرن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم ملڪ جي ترقي ۾ مسيحي برادريءَ جي خدمتن ۽ قربانين جي واکاڻ ڪندي چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج هڪ مڪمل يونٽ آهي، جنهن ۾ مختلف متڪبه فڪر جا ماڻهو شامل آهن.
آرمي چيف، سپاهي هارون وليم، سپاهي انوش رفون ۽ سندن ساٿين جي قربانيءَ جي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته جوانن جو اتحاد ۽ بهادري قوم جي طاقت جو مثال آهي.
ان کانسواءِ ڪرم ضلعي ۾ شهادت ماڻيندڙ حوالدار عقيل احمد کي اوڪاڙا، لانس محمد سفير کي پونڇ، سپاهي انوش رفون کي اٽڪ ۽ سپاهي محمد اعظم خان کي هري پور ۾ اباڻن علائقن ۾ فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو……..















