ميرپور خاص: زميندار جي مبينا تشدد ۾ فوت ٿيل عورت جي وارثن جو ڌرڻو
سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ٻارن جي کير تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز رد ڪري ڇڏي
سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ٻارن جي کير تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز رد ڪري ڇڏي.
سينيٽر سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ سينيٽر فاروق ايڇ نائڪ چيو ته پاڪستان ۾ هر ماڻهوءَ جو بئنڪ اڪائونٽ ناهي، جيستائين سڀني وٽ بئنڪ اڪائونٽ نه هوندو، ان وقت تائين معيشيت کي دستاويزي شڪل ڏيڻ ڏکيو آهي.
ايف بي آر اختيارين ٻڌايو ته اسٽيشنري شين تي 10 سيڪڙو سيلز ٽيڪس جي تجويز آهي، کير ۽ ٻار جي کير تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس جي تجويز آهي، ضرورتمندن کي روڪ امداد فراهم ڪئي ويندي.
سينيٽر شيري رحمان چيو ته ملڪ ۾ 40 سيڪڙو سٽنٽنگ ريٽ آهي، کير تي سيلز ٽيڪس وڌائڻ زيادتي آهي، ان تي ڪوبه صلاح مشورو ناهي ڪيو ويو.
سينيٽر انوشي رحمان چيو ته اها تجويز ظالماڻي آهي، ڪميٽي ٻارن جي کير تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز رد ڪري ڇڏي.
سينيٽر فاروق ايڇ نائڪ چيو ته اسٽيشنري جي شين تي ٽيڪس ختم ٿيڻ گهرجي، هر شيءِ تي ٽيڪس لڳائي پئي وڃي، گورڪن تي به ٽيڪس لڳائي ڇڏيو، ڪراچي ۾ قبر به ڏئي ملندي آهي، شڪر آهي ته آءِ ايم ايف کي ان ڳالهه جي خبر ناهي.
سينيٽر انوشي رحمان چيو ته ڇا ايف بي آر جا آءِ ايم ايف جي سامهون هٿ ٻڌل آهن؟، فاٽا لاءِ ٽيڪس ڇوٽ لاءِ آءِ ايم ايف ڪجهه ناهي چيو، هڪ پنجابي سينيٽر جي حيثيت سان پڇان ٿي ته ڇا سمورا ٽيڪس پنجاب وارن لاءِ آهن؟
سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو ته فاٽا جي ٽيڪس ڇوٽ جو غلط استعمال ڪيو پيو وڃي.
ذيشان خانزاده چيو ته آزاد ڪشمير کي به ٽيڪس ڇوٽ ڏني وئي آهي، سرڪاري نوڪريون ڏيڻ بدران علائقي ۾ صنعت ڏني وڃي.
سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو ته صنعتڪار چون ٿا ته خام مال لاءِ ٽيڪس ڇوٽ ڏني وئي، جنهن تي ڪميٽي چيئرمين چيو ته هي خام مال هتي ٺاهيندڙن کي به وڪرو ڪيو پيو وڃي.
سينيٽر انوشي رحمان چيو ته سرجري جي اوزارن تي 18 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ٿي رهي آهي، هاڻي ته بيمار ٿيڻ به مهانگو ٿي ويندو.
ايف بي آر عملدارن چيو ته اڳ سرجيڪل شين تي پهريان ٽيڪس ڇوٽ ڏني وئي هئي، هاڻي 18 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪئي ويندي.
معيشيت هن وقت وکريل آهي، وفاقي ڪابينا ڪوڙ ڳالهائي رهي آهي : عمر ايوب
قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب جي ملڪي معيشيت تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته سي پيڪ منصوبو ملڪي معيشيت لاءِ تمام گهڻو اهم آهي، پاڪستان جي سلامتي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.
قومي اسيمبليءَ ۾ خطاب ڪندي عمر ايوب چيو ته معيشيت هن وقت وکريل آهي، وفاقي ڪابينا ڪوڙ ڳالهائي رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته سي پيڪ منصوبو پاڪستان جي معيشيت لاءِ انتهائي اهم آهي، پاڪستان جي سلامتي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.
قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب چيو ته تحريڪ انصاف حڪومت 426 ڏهائي 4 ارب رپيا اوڳاڙي ڪيا، سنڌ جو صوبائي سرپلس زيرو آهي، ڪي پي جي وڏي وزير چيو هو، پنهنجو صوبائي سرپلس مڪمل ڪري چڪا آهن.
جيڪب آباد واسڻ ناري سيما حيدر جي چئن ٻارن سميت ڀارت وڃڻ وارو معاملو نئون رخ اختيار ڪري ويو
جيڪب آباد واسڻ ناري سيما حيدر جي چئن ٻارن سميت ڀارت وڃڻ وارو معاملو نئون رخ اختيار ڪري ويو.
سيما حيدر ۽ سندس ٻارڙن کي نيپال مان اغوا ڪري ڀارت کڻي وڃڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
ناري جي اڳوڻي مڙس غلام حيدر جي ڀارتي وڪيل مومن ملڪ، پاڪستان ۽ نيپال جي صدر کي خط لکي ڇڏيو.
ڀارتي وڪيل مومن ملڪ، لکيل خط ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته نيپال جي کٽمنڊو ايئرپورٽ تان سيما کي چئن ٻارڙن سميت اغوا ڪري غير قانوني طور ڀارت منتقل ڪيو ويو هو.
خط ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار سچن مينا رابپورا ضلعي گوتم ٻڌ نگر اتر پرديش ۾ چئني ٻارڙن کي رکيو آهي.
وڪيل خط ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته مسلمان ٻارن کي تشدد جو نشانو بڻائي مذهب تبديل ڪيو وڃي.
خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ٻارن کي هندستان منتقل ڪرڻ انساني سمگلنگ جو ڪيس آهي جيڪو نيپال جي سرزمين تي ٿيو آهي، نيپال جو قانون ٽوڙيو ويو آهي ۽ نيپالي فارينر ايڪٽ جي به ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي.
وڪيل مومن ملڪ چيو ته نيپال جي اينٽي هيومن سمگلنگ پڻ کٽمنڊو ۽ گهرو معاملن واري وزارت کي هڪ شڪايت موڪلي آهي.
خط ۾ اپيل ڪئي وئي آهي ته نيپال حڪومت کي حڪم ڏنو وڃي ته جوابدار سچن جي غيرقانوني قبضي مان چئن ٻارن کي بازياب ڪرايو وڃي.
خط ۾ چيو ويو آهي ته نيپالي قانون تحت جوابدار سچن کي جيل موڪليو وڃي، نيپالي حڪومت جوابدار سچن مينا ۽ ٻين خلاف ڀارت ۾ غير قانوني داخلا جو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي.
خط ۾ وڌيڪ چيو ويو ته گرفتار سچن مينا ۽ ٻيا جوابدار ضمانت تي آزاد آهن، جوابدار سچن مينا، نينگري فريحا بتول، فرح بتول، فروا ۽ فرحان کي زبردستي گهر ۾ بند ڪري رکيو آهي، ٻارن کي غير قانوني حراست ۾ رکڻ ڏوهه آهي، سندن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
ڀارتي وڪيل مومن ملڪ طرفان خط جي ڪاپي اينٽي سمگلنگ کٽمنڊو نيپال، نيپالي سفارتخاني، پاڪستان جي صدر، نيپال جي اسلام آباد ۾ سفارتخاني ۽ ٻين کي پڻ موڪلي وئي آهي.
شرجيل انعام ميمڻ جي هدايتن تي وڌيڪ ڀاڙو وٺندڙن خلاف مهم جاري
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي هدايتن تي وڌيڪ ڀاڙو وٺندڙن خلاف مهم جاري آهي.
ٽرانسپورٽ کاتي، پوليس ۽ نيشنل هاءِ وي اينڊ موٽر ويز پوليس جي مدد سان انٽر سٽي توڙي بين الصوبائي رستن تي 788 گاڏين جي جهڙتي ورتي.
اضافي ڀاڙي طور ورتل رقم 8 لک 11 هزار 500 رپيا مسافرن کي واپس ڪرائي وئي.
اضافي ڀاڙو وٺندڙ ٽرانسپورٽرن تي 2 لک 90 هزار 500 رپيا ڏنڊ به وڌو ويو آهي……………
سکر بئراج جي ٽٽل دروازي جي چوڌاري بند ٻڌي مرمت ڪرڻ جو فيصلو
سکر بئراج جي ٽٽل دروازي جي چوڌاري بند ٻڌي مرمت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته سکر بئراج تي پاڻيءَ جو ڇوڙ گهٽائڻ لاءِ چشما بئراج وٽان 55 هزار ڪيوسڪ پاڻي روڪيو ويو.
چشما بئراج وٽان هڪ لک 95 هزار ڪيوسڪ پاڻي هلي رهيو هو جيڪو گهٽائي هڪ لک 40 هزار ڪيوسڪ ڪيو ويو آهي.
سکر بئراج وٽ وهڪري ۾ 10 هزار ڪيوسڪ لاٿ کانپوءِ 95 هزار ڪيوسڪ جو وهڪرو هلي رهيو آهي.
چشما وٽان روڪيل پاڻي جي لاٿ وارو عمل چئن کان پنجن ڏينهن ۾ ٿيندو.
سکر بئراج جي دروازي جي ٻيهر بحالي وارو ڪم به جاري آهي.
شروعاتي طور بند ٻڌي دروازي طرف ايندڙ پاڻي کي مڪمل روڪڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
دروازي مان پاڻي ختم ڪرڻ واري عمل کانپوءِ ٻيهر ٺاهڻ وارو ڪم شروع ڪيو ويندو.
آءِ ايم ايف بجيٽ ۾ سخت معاشي فيصلن کي سٺو سنوڻ قرار ڏئي ڇڏيو
آءِ ايم ايف بجيٽ ۾ سخت معاشي فيصلن کي سٺو سنوڻ قرار ڏئي ڇڏيو، عالمي مالياتي اداري جو وفد هلندڙ مهيني جي آخري هفتي ۾ پاڪستان پهچندو، آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته معيشيت جي بهتري لاءِ ٽيڪس ڇوٽ محدود ڪرڻ ساراهه جوڳو عمل آهي، بجيٽ جي منظوري لاءِ سياسي پارٽين جو ڪردار به واکاڻ جوڳو آهي.
پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ وچ ۾ ورچوئل ڳالهين ۾ هاڪاري ڳڀرائي سامهون آئي آهي.
ذريعن موجب، آءِ ايم ايف بجيٽ ۾ سخت معاشي فيصلن کي سٺو سنوڻ قرار ڏئي ڇڏيو ۽ آءِ ايم ايف بجيٽ جي منظوري لاءِ سياسي پارٽين جي هاڪاري ڪردار جي به ساراهه ڪئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف معيشيت جي بهتري لاءِ ٽيڪس جي ڇوٽ محدود ڪرڻ کي به ساراهه جوڳو عمل قرار ڏنو آهي، عالمي مالياتي اداري جو وفد هلندڙ مهيني جي آخري هفتي ۾ پاڪستان پهچندو.
ذريعن موجب، آءِ ايم ايف جو وفد نئين قرض پروگرام بابت ڳالهين لاءِ پاڪستان ايندو، پاڪستان نئين قرض پروگرام کان اڳ شرطن تي عمل ڪيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عالمي مالياتي فنڊ کي اميد آهي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ 28 يا 29 جون تائين منظور ٿي ويندي.
، سڪيورٽي پلان تي عمل ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت جي گنجائش ناهي : محسن نقوي
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته ملڪ دشمن عنصرن جي ڪريل ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائڻ لاءِ لاڳاپيل ادارا ويجها رابطا رکن، سڪيورٽي پلان تي عمل ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت جي گنجائش ناهي.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو.
اجلاس دوران ملڪ ۾ سڪيورٽي جي مجموعي صورتحال بابت غور ويچار ڪيو ويو.
اجلاس ۾ پرڏيهين خاص طور چيني شهرين جي حفاظت لاءِ قدمن جو جائزو ورتو ويو.
وفاقي گهرو وزير سڪيورٽي پلان جي ايس او پيز تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سڪيورٽي پلان جي ايس او پيز تي جيئن جو تيئن عمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ملڪ دشمن عنصرن جي ڪريل ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائڻ لاءِ لاڳاپيل ادارا ويجها رابطا رکن، سڪيورٽي پلان تي عمل ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت جي گنجائش ناهي.
اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزارت سميت ٻين لاڳاپيل ادارن طرفان سڪيورٽي پالان ۽ مجموعي صورتحال بابت گهرو وزير کي بريفنگ ڏني وئي.
ان موقعي تي وفاقي گهرو سيڪريٽري خرم علي آغا، نيڪٽا سربراهه طاهر راءِ، ڪو آرڊينيٽر نيشنل ايڪشن پلان، لاڳاپيل ادارن ۽ گهرو وزارت جا سينيئر عملدار به موجود هئا……….
ننگرپارڪر ويجهو ناري مبينا طور وڻ ۾ ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو
ننگرپارڪر ويجهو ناري مبينا طور وڻ ۾ ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو آهي.
ڳوٺ ويئل ۾ 32 ورهين جي هيمي ڪولهي وڻ ۾ ڦاهو کائي زندگي جو انت آندو.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
32ورهين جي هيمي ڪولهي جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته ٻڌايو پيو وڃي ته مڙس پاران ناري کي مائٽن سان گڏ وڃڻ جي اجازت نه ٿيڻ تي هن وڻ ۾ ڦاهو کائي زندگي جو انت آندو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
مديجي ۾ نوجوان بيٽري چارج ڪرڻ دوران يو پي ايس مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت
مديجي ۾ نوجوان بيٽري چارج ڪرڻ دوران يو پي ايس مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو آهي.
ڳوٺ قلندر بخش بروهي ۾ 18 ورهين جي احسان بروهي کي بيٽري چارج ڪرڻ دوران يو پي ايس مان ڪرنٽ لڳو.
وارثن نوجوان کي بيهوشي واري حالت ۾ تعلقي اسپتال مديجي پهچايو جتي ڊاڪٽرن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.
اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.
18 ورهين جي احسان بروهي جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان گهر اندر ڪرنٽ لڳڻ سبب بيهوش ٿي ويو، کيس اسپتال پهچايو جتي ڊاڪٽرن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.















