تازه ترين
Home Blog Page 611

ملڪ جي مختلف شهرن ۾ غيرقانوني طور ترسيل افغان شهرين جي وطن واپسي جو سلسلو جاري

0
ملڪ جي مختلف شهرن ۾ غيرقانوني طور ترسيل افغان شهرين جي وطن واپسي جو سلسلو جاري آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب، 11جون کان 21 جون تائين وڌيڪ 13 هزار 815 افغان شهري پنهنجي ملڪ هليا ويا. واپس ويندڙن ۾ 5 هزار 14 مرد، 4 هزار 87 عورتون ۽ 4 هزار 714 ٻارڙا شامل آهن. افغانستان روانگي لاءِ 547 گاڏين ۾ 498 خاندانن جي پنهنجي وطن واپسي عمل ۾ آندي وئي. سرڪاري انگن اکرن موجب، 21 جون 2024 تائين مجموعي طور 6 لک 20 هزار 981 افغاني پنهنجي ملڪ وڃي چڪا آهن.

اسرائيل جي رفح ۾ المواسي ڪيمپ تي بمباري ۾ وڌيڪ 25 فلسطيني شهيد ۽ 50 کان وڌيڪ زخمي

0
اسرائيل جي رفح ۾ المواسي ڪيمپ تي بمباري ۾ وڌيڪ 25 فلسطيني شهيد ۽ 50 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. عرب ميڊيا جو چوڻ آهيته غزه جي پٽي تي حملن ۾ ڪيترائي فلسطيني شهيد ٿي ويا، يهودي فورسز الزيتون، بيت الاهيا، الجاله ۽ النصر جي علائقن کي به نشانو بڻايو. عرب ميڊيا موجب 7آڪٽوبر کان جاري حملن ۾ هن وقت تائين شهيدن جو انگ 37 هزار 500 جي ويجهو پهچي ويو آهي جڏهن ته 85 هزار 653 ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن. هوڏانهن اسرائيلي حملن بعد حماس جي جوابي ڪارروائي ۾ 2 اسرائيلي فوجي مارجي ويا ۽ ڪيتريون ئي گاڏيون تباهه ٿي ويون. حماس غزه شهر جي زيتون محلي ۾ اسرائيلي فوجي اڏي کي نشانو بڻايو، راڪيٽن ۽ مارٽن گولن سان نشانو بڻائڻ جي ويڊيو جاري ڪري ڇڏي آهي. ٻئي پاسي غزه بحران تي امريڪي پرڏيهي کاتي جو هڪ وڌيڪ عهديدار استعيفى ڏئي ڇڏي آهي. اسرائيلي ۽ فلسطيني معاملن جي ماهر اينڊريو ملر استيعفى ڏئي ڇڏي. امريڪي ميڊيا موجب، اينڊريو ملر آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۾ اسرائيلي ۽ فلسطيني معاملن لاءِ ڊپٽي اسسٽنٽ سيڪريٽري طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو، هن استعيفيٰ جو سبب خانداني ذميواريون ڄاڻايو. واضع رهي ته اينڊريو ملر کان اڳ، بائيڊن انتظاميه جي ٻين 8 اهلڪارن غزه جي جنگ تي احتجاج ڪندي استعيفيٰ ڏني آهي.

حيدرآباد سي ٽي ڊي ڄامشوري ۾ ڪارروائي ڪري پابندي مڙهيل تنظيم جي دهشتگرد کي گرفتار ڪري ورتو

0
حيدرآباد سي ٽي ڊي ڄامشوري ۾ ڪارروائي ڪري پابندي مڙهيل تنظيم جي دهشتگرد کي گرفتار ڪري ورتو آهي. سي ٽي ڊي ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار دهشتگرد جي سڃاڻپ زمان عرف عادل طور ٿي، سندس تعلق سوات سان ۽ پابندي مرهيل تنظيم تحريڪ طالبان سان آهي. سي ٽي ڊي ترجمان موجب، گرفتار دھشتگرد افغانستان مان تربيت يافته آهي، سندس قبضي مان روڪ رقم، موبائل فون  ۽ چندي جون پرچيون هٿ ڪيون ويون. سي ٽي ڊي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ آهي ته گرفتار دھشتگرد دھشتگردي جي سرگرمين ۾ ملوث رھيو آھي، کائنس وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي……

وزيراعظم شهباز شريف قومي ايڪشن پلان جي اپيڪس ڪميٽي جو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو

0
وزيراعظم شهباز شريف قومي ايڪشن پلان جي اپيڪس ڪميٽي جو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو. نيشنل ايڪشن پلان ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس اڄ منجهند هڪ وڳي وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندو. اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير سميت وفاقي وزير، چئني صوبن جا وڏا وزير، گورنر، چيف سڪيريٽريز ۽ آءِ جيز شرڪت ڪندا. ذريعن موجب اجلاس ۾ چيني ورڪرن جي سيڪيورٽي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي جڏهن ته قومي سلامتي بابت اهم فيصلن جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سعودي عرب ۽ چين جي سيڙپڪارن سان ملاقاتن بابت به ايپڪس ڪميٽي کي بريفنگ ڏني ويندي.

ڪرم ضلعي ۾ بارودي سرنگهه جي ڌماڪي سبب پاڪ فوج جا 5 جوان شهيد

0
ڪرم ضلعي ۾ بارودي سرنگهه جي ڌماڪي سبب پاڪ فوج جا 5 جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته 21 جون تي ڪرم ضلعي جي علائقي صده ۾ سڪيورٽي فورسز جي گاڏيءَ تي بارودي سرنگهه جو ڌماڪو ٿيو، جنهن سبب پنج فوجي شهيد ٿي ويا. شهادت ماڻيندڙن ۾ حوالدار عقيل احمد، لانس نائڪ محمد  سفير، سپاهي انوش رفون، سپاهي محمد اعظم خان ۽ سپاهي هارون وليم شامل آهن. آءِ ايس پي آر موجب شهيدن وطن خاطر لازوال قرباني ڏيندي شهادت ماڻي،  علائقي ۾ موجود دهشتگرد کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪليئرنس آپريشن پڻ ڪيو ويو. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته حملي ۾ ملوث ڪردارن کي انصاف جي ڪٽهير ۾ آندو ويندو، سڪيورٽي فورسز دهشتگردي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.

بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ اضافي واري معاملي تي نيپرا واهپيدارن لاءِ فڪسڊ چارجز لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

0
بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ اضافي واري معاملي تي نيپرا واهپيدارن لاءِ فڪسڊ چارجز لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. فڪس چارجز واهپيدارن جي بنيادي ٽيرف ۾ شامل ڪيو ويو آهي، بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ 5 رپيا 72 پيسا في يونٽ اضاف ڪيو ويو آهي، گهريلو واهپيدارن تي هر مهيني 200 کان هزار رپيه فڪس چارجز لاڳو ڪيو ويو آهي. نيپرا طرفان بجلي جي نئون ٽيرف متعارف ڪرايو ويو آهي جيڪو پهرين جولاءِ کان لاڳو ٿيندو، گهريلو واهپيدارن لاءِ مهيني جي يونٽس جي کپت جي لحاظ سان 200 کان هڪ هزار رپيا چارجز مقرر ڪيو ويو آهي. ڪمرشل واهپيدارن تي مقرر چارجز ۾ 300 سيڪڙو ۽ صنعتي استعمال تي 355 سيڪڙو تائين اضافو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڊسڪوز کي مقرر چارجز ذريعي پنهنجي آمدني وڌائڻ ۾ مدد ملندي. 301 کان 400 يونٽ استعمال ڪندڙ گهريلو واهپيدار پهرين جولاءِ کان 200 رپيا چارجر ادا ڪندا جڏهن ته 401 کان 500 يونٽ استعمال ڪندڙ 400 رپيا ادا ڪندا. 501 کان 600 يونٽ بجلي استعمال ڪندڙ واهپيدارن کي 600 رپيا هر مهيني ادا ڪرڻا پوندا، جڏهن ته 601 کان 700 يونٽ استعمال ڪندڙ گهريلو صارفين کي 800 رپيا ادا ڪرڻا پوندا. اهڙي طرح 700 يونٽن کان وڌيڪ استعمال ڪندڙ گهريلو واهپيدار هڪ هزار رپيا چارجز ادا ڪندا ۽ ميٽر آف ٽائيم استعمال ڪندڙ گهريلو صارفين به هڪ هزار رپيا هر مهيني فڪس چارجز ادا ڪندا. پنج ڪلو واٽ کان گهٽ لوڊ وارا ڪمرشل واهپيدار هڪ هزار رپيا چارجز ادا ڪندا ۽ 5 ڪلوواٽ يا ان کان وڌيڪ لوڊ وارا ڪمرشل صارفين 2000 رپيا ادا ڪندا. ٽي او يو ميٽرنگ تحت 25 ڪلو واٽ تائين استعمال ڪندڙ صنعتي صارفين 1000 رپيا ادا ڪندا، جڏهن ته بي ٽو ڪيٽيگري وارا صارفين 500 ڪلو واٽ تائين بجلي استعمال ڪن ٿا 2000 رپيا ادا ڪندا. 5 هزار ڪلو واٽ استعمال ڪندڙ  بي ٿري ڪيٽيگري جا صنعتي واهپيدار 2000 رپيا مقرر چارجز ادا ڪندا ۽ بي فور ڪيٽيگري وارا صارفين به مقرر 2000 رپيا هر مهيني فڪسڊ چارجز ادا ڪندا.

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تيزيءَ جي نئين تاريخ لکي ڇڏي، هنڊريڊ انڊيڪس 80 هزار جي حد به پار ڪري ويو

0
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تيزيءَ جي نئين تاريخ لکي ڇڏي، هنڊريڊ انڊيڪس 80 هزار جي حد به پار ڪري ويو، حڪومت جي پاليسين سبب سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو آهي. پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ رڪارڊ تيزي جو سلسلو برقرار آهي. ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي ڏسي ۾ آئي. 12 سئو پوائنٽس جي اضافي سان هنڊريڊ انڊيڪس 80 هزار 2 پوائنٽس جي سطح تي پهچي ويو. انٽر بينڪ ۾ آمريڪي ڪرنسي جي قيمت مستحڪم آهي جنهن سان انٽر بينڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 60 پيسا تي برقرار آهي.

سنڌ اسيمبليءَ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 71هين سالگره جي موقعي تي شهيد بي بي کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪرڻ بابت ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظوري ڪري ورتو

0
سنڌ اسيمبليءَ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 71هين سالگره جي موقعي تي شهيد بي بي کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪرڻ بابت ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظوري ڪري ورتو. اسپيڪر اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پ پ ايم پي اي هير سوهو، نثار کهڙي، شازيه سنگهار ۽ خير النساءَ مغل پاران شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي سالگره تي سندس مغفرت لاءِ دعا گهرائي وئي. پ پ ايم پي ايم هير سوهو پاران مڪي شريف ۾ گرمي جي سٽ نه سهندي فوت ٿيل حاجي سڳورن جي مغفرت لاءِ به دعا گهرائي وئي. سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس دوران پ پ سنڌ جي صدر، ايم پي اي نثار کهڙي شهيد بي بي کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪرڻ بابت ٺهراءُ پيش ڪيو. سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ بابت خطاب ڪندي نثار کهڙي چيو ته هڪ اهڙي شخصيت جنهن پنهنجي ملڪ لاءِ جان ڏني، جيل ڪاٽيا ۽ سختيون برداشت ڪيون، اڄ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي سالگره جو ڏينهن آهي ان حوالي سان هو ٺهراءُ پيش ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته محترمه بينظير ڀٽو کي ملڪ ۽ عوام لاءِ ڏنل قرباني تي ڀرپور خراج عقيدت ۽ ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهن. نثار کهڙي چيو ته شهيد راڻي هن ملڪ لاءِ تمام وڏي قرباني ڏني، محترمه بينظير ڀٽو کي هن ايوان ذريعي ڀيٽا پيش ڪن ٿا، ڀٽو صاحب کان بعد ڪيترائي ماڻهو ڏک ۾ هئا، بينظير ڀٽو به تڪليفون ڏٺيون ۽ جيل ۾ رهي. هن چيو ته شهيد راڻي ملڪ جي سلامتي، پارليامينٽ ۽ آئين جي بالادستي لاءِ جدوجهد ڪئي، پيپلزپارٽي ڪنهن ٻي پارٽي جيان پارليامينٽ کي ڪمروز ڪرڻ تي يقين نٿي رکي. نثار کهڙي چيو ته شهيد راڻي کي ملڪ بدر ڪيو ويو پر هوءِ خوفزده نه ٿي واپس ڏيهه آئي ۽ آمريت جو مقابلو ڪيو، جڏهن بينظير ڀٽو واپس آئي ته سازشون شروع ڪيون ويون ۽ ڌماڪا ڪرايا ويا، 18 آڪٽوبر ۽ 27 ڊسمبر تي واردات واري هنڌ کي صاف ڪيو ويو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهيد راڻي جو مشن جاري رکندو. سنڌ اسيمبليءَ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 71هين سالگره جي موقعي تي شهيد بي بي کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪرڻ بابت ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظوري ڪري ورتو.

سنڌ سرڪار طرفان ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ۽ سيف سٽي پروجيڪٽ تي ڪم تيز ڪرڻ جو فيصلو

0
سنڌ سرڪار ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن، سيف سٽي پراجيڪٽ تي ڪم تيز ڪرڻ ۽ سي ٽي ڊي کي وڌيڪ سهولتون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته هو سيف سٽي پراجيڪٽ لاءِ ڪم تيز ڪرڻ چاهين ٿا، آءِ جي سنڌ سيف سٽي منصوبي لاءِ ضروري سهولتون فراهم ڪري، سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڌاڙيلن خلاف ٽرائي بارڊر مئنيجمينٽ سسٽم ٺاهن. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو. سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار، چيف سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين جي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سيف سٽي پراجيڪٽ، ڪچي جي علائقن ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن، سي ٽي ڊي کي وڌيڪ سهولتون ڏيڻ بابت غور ۽ فيصلا ڪيا ويا. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ايس فور منصوبي جو گذريل ڏينهن افتتاح ڪيو آهي، هاڻي کيس سيف سٽي تي ڪم ٿيندي نظر اچڻ گهرجي، سيف سٽي لاءِ هلندڙ مهيني جي آخر ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي شمپنٽ اچي ويندي، فائبر آپٽڪ ڪيبل وڇائڻ لاءِ رائيٽ آف وي جي اين او سي ورتي پئي وڃي. وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته ايمرجنسي ريسپونس وهيڪل هري پور کان هن هفتي اچڻ شروع ٿي ويندا. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هو سيف سٽي تي ڪم تيز ڪرڻ چائن ٿا، آءِ جي سنڌ، سيف سٽي منصوبي لاءِ ضروري سهولتون فراهم ڪري. وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائيم کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پوليس پيٽرولنگ وڌائي وئي آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي جي جنهن علائقي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم وڌيڪ هجي اتي پوليس آفيسرن کي جوابده ڪريو. صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته پوليس ٿاڻن جا دورا شروع ڪيا آهنم اسٽريٽ ڪرائيم کي ڪنٽرول ڪري رهيا آهن. آءِ جي سنڌ، وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪچي جي علائقن ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جاري آهي، آپريشن ۾ پوليس ۽ رينجرز جون گڏيل ڪارروايون جاري آهن، 14 ڊرون ڪيمرا، سکر، گهوٽڪي، ڪشمور ۽ شڪارپور کي ڏنيون آهن، ڪيمرائن سان ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي ٿاڪن تي نظر رکي ويندي. صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته وڌيڪ 20 ڊرون ڪيمرائن جي ضرورت آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه، آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪندي چيو ته ڪچي جي پوليس اهلڪارن کي جديد هٿيار هلائڻ جي سکيا ڏني وڃي. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جي پوليس اهلڪارن کي سکيا ڏني آهي، وڌيڪ سکيا ڏئي رهيا آهن. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڪرائيم ڪندڙ ڌاڙيلن خلاف ٽرائي بارڊر مئنيجمينٽ سسٽم ٺاهن. آءِ جي سنڌ چيو ته ٽرائي بارڊر بابت اجلاس فيبروري 2024ع کان جاري آهي، ٽرائي بارڊر ميٽنگز ۾ بهاولپور، رحيم يار خان ۽ راجن پور جي سينيئر پوليس آفيسرن سان رابطا ڪري رهيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير ڪائونٽر ٽيررازم پوليس کي چار ريجنل ڪمپليڪس بڻائڻ جو ڪرڻ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سي ٽي ڊي جا چار ريجنل ڪمپليڪس حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ قائم ڪيا پيا وڃن. سنڌ سرڪار سي ٽي ڊي ريجنل ڪمپليڪس لاءِ 2 ڏهائي 8 ارب رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سافٽ ويئر ۽ فارنزڪ ٽولز لاءِ 400 ملين رپيا پوليس ڏنا آهن. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ آگاهي ڏيندي چيو ته سافٽ ويئر ۽ فارنزڪ ٽولز انسٽال ٿي چڪا آهن. وڏي وزير مراد علي شاهه سافٽ ويئر کي فوري طور فعال ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار جو چوڻ آهي ته دهشتگردي جي ڪيسن جي پراسيڪيوشن بهتر ٿي آهي، 2023ع جي ستن ڪيسن ۽ 2024ع جي 11 ڪيسن ۾ سزائون ٿيون آهن.

سکر بئراج جي 44 ۽ 47 دروازي کي نقصان پهچڻ بعد آبپاشي کاتي هنگامي بنيادن تي مرمت جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو

0
سکر بئراج جي 44 ۽ 47 دروازي کي نقصان پهچڻ بعد آبپاشي کاتي هنگامي بنيادن تي مرمت جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو. آبپاشي کاتي جو چوڻ آهي ته سکر بئراج مان نڪرندڙ سمورن واهن کي پاڻي جي فراهمي ٻنهي دروازن جي بحالي تائين بند رهندي. آبپاشي کاتي چيو ته نارا، روهڙي، خيرپور ايسٽ، خيرپور ويسٽ، ناردرن دادو، رائيس ۽ اين ڊبليو ڪينال ۾ پاڻي جي فراهمي روڪي وئي آهي. آبپاشي کاتي جو چوڻ آهي ته وڌيڪ نقصان کان بچڻ ۽ مرمت کي آباد بڻائڻ لاءِ اپ اسٽريم خالي ڪرڻ لاءِ سکر بئراج جا سمورا دروازا مڪمل طور تي کوليا ويا آهن. آبپاشي کاتي چيو ته بئراج جي ٻنهي دروازن جي جلد کان جلد مرمت ۽ متاثرن واهن کي پاڻي جي فراهمي بحال ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن. آبپاشي کاتي جو چوڻ آهي ته متاثر واهن ۾ پاڻي جي بحالي جي تاريخ 72 ڪلاڪن اندر ٻڌائي سگهجي ٿي، سکر بئراج جي بحالي ۽ جديد ڪاري تحت گيٽ نمبر 44 ۽ 47 سميت سمورن گيٽس کي تبديل ڪيو پيو وڃي.
Exit mobile version