- Advertisement -
اتر عراق ۾ ترڪي جي ڊرون حملي ۾ ڪردستان ورڪرز پارٽي (پي ڪي ڪي) جا ٽي ميمبر مارجي ويا.
عراقي ڪردستان جي دهشتگردي جي خاتمي واري سروس موجب، اتر عراق ۾ ترڪ ڊرون حملي ۾ ڪردستان ورڪرز پارٽي جا ٽي ميمبر مارجي ويا.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته پي ڪي ڪي سان تعلق رکندڙ هڪ گاڏي کي سليمانيه شهر ويجهو ڊرون حملي سان نشانو بڻايو ويو.
حملي ۾ پي ڪي ڪي جو هڪ سينيئر ميمبر، سندس ڊرائيور ۽ هڪ گارڊ مارجي ويا.
واضح رهي ته 1984ع ۾ ترڪ رياست خلاف ڪردستان ورڪرز پارٽي جي هٿياربند بغاوت کانپوءِ ترڪي طرفان اتر عراق ۾ پي ڪي ڪي جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ جو سلسلو هلندو پيو اچي.- Advertisement -
