تازه ترين

اتر وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 6 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 8 زخمي

- Advertisement -
اتر وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 6 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 8 زخمي ٿي پيا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جو هڪ جوان به شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي سڪيورٽي فورسز آپريشن ڪيو. آپريشن دوران دهشتگرن ۽ سڪيورٽي فورسز وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن دوران 6 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 8 زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جو هڪ جوان شهيد ٿي ويو، 33 ورهين جي سپاهي عبدالحڪيم جو تعلق نصيرآباد سان آهي. پاڪ فوج جي ترجمان موجب مارجي ويل دهشتگردن وٽان  وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو  آهي. آءِ ايس پي آر موجب مقامي ماڻهن سڪيورٽي فورسز جي دهشتگردن خلاف آپريشن جي واکاڻ ڪئي، پاڪ فوج  دهشتگردي کي پاڙان پٽڻ لاءِ پرعزم آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
24.2 ° C
24.2 °
24.2 °
27 %
2.4kmh
81 %
سُومر
24 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
33 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون