- Advertisement -
اسرائيلي فورسز جي غزه ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ بمباري ۽ فائرنگ جو سلسلو جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 66 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
عرب ميڊيا موجب، اسرائيلي فوج جي صابره محلي ۾ بمباري سبب ٻارن سميت ڪيترائي ماڻهو شهيد ٿي ويا جڏهن ته ، المواسي پناهگير ڪيمپ تي حملن ۾ ٻار سميت 3 ڄڻن شهادت جو جام پيتو.
عرب ميڊيا موجب، غزه جي ڏاکڻي شهرن ۾ اسرائيلي ٽينڪن جي اڳرائي جاري آهي.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 66 فلسطيني شهيد ۽ 241 زخمي ٿيا آهن.
7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين اسرائيلي حملن ۾ شهيدن جو انگ 39 هزار 324 ٿي ويو جڏهن ته 90 هزار830 ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن.
ٻئي پاسي ، اٽلي ۾ غزه جنگ بندي معاهدي تي ڳالهيون جاري آهي، اجلاس ۾ اسرائيلي، امريڪي، مصري ايجنسين جا سربراهه ۽ قطري وزيراعظم شريڪ آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، پرڏيهي ميڊيا موجب، ڌرين اسرائيل جي تجويز تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
هوڏانهن ترڪ صدر فلسطينين جي حمايت ۾ اسرائيل تي حملي جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي.
ترڪيه جي صدر طيب اروان جو چوڻ آهي ته کين مضبوط ٿيڻ گھرجي ته جيئن اسرائيل فلسطينين تي ظلم نه ڪري سگھي…- Advertisement -
