بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ڪنگنا رناوت ڀارتي اليڪشن ۾ پنهنجي ڪاميابي جو اعلان ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ڪنگنا رناوت ڀارتي اليڪشن ۾ پنهنجي ڪاميابي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اداڪارا پنهنجي  انسٽاگرام پوسٽ ۾ لکيو ته تعاون، محبت ۽ اعتماد ڪرڻ تي پنهنجي اباڻي شهر منڊي جي عوام جي دل  سان شڪرگذار آهيان. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته هي توهان سڀني جي فتح آهي، هي وزيراعظم مودي ۽ بي جي پي جي فتح آهي. ڪنگنا جي هن پوسٽ کانپوءِ صارفين طرفان کيس مبارڪون ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. ياد رهي ته ڪنگنا رناوت پهريون ڀيرو ڀارتيا جنتا پارٽي ( بي جي پي ) جي ميمبر طور پنهنجي اباڻي شهر منڊي مان چونڊ ۾ حصو ورتو آهي. بالي ووڊ اداڪارا ڪنگنا رناوت اليڪشن کان اڳ اشارو ڏنو هو ته لوڪ سڀا اليڪشن ۾ ڪاميابي کانپوءِ فلم انڊسٽري ڇڏي ڏينديس. ياد رهي ته چونڊ نتيجن موجب بي جي پي جي قيادت واري اتحاد اين ڊي اي 294 سيٽن سان اڳتي آهي ۽ ڪانگريس جي قيادت واري اتحاد 231 سيٽون حاصل ڪيو آهن………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
32.4 ° C
32.4 °
32.4 °
16%
5m/s
3%
آچر
32 °
سُومر
32 °
اڱارو
31 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون