- Advertisement -
خيبرپختونخوا جي خيبر ضلعي ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي خيبر ضلعي ۾ آپريشن ڪيو ويو.
ترجمان موجب آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، جن ۾ سهيل عرف عظمتو، حاجي گل عرف زرقاوي شامل آهن.
آءِ ايس پي آر موجب آپريشن ۾ دهشتگردن جو ٿاڪ به تباهه ڪيو ويو، مارجي ويل دهشتگردن کان هٿيار ۽ بارودي مواد به هٿ ڪيو ويو آهي.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته مارجي ويل دهشتگرد علائقي ۾ دهشتگردي جي ڪيترين ئي ڪاررواين ۾ ملوث هئا.
آءِ ايس پي آر موجب علائقي جي ماڻهن سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي جي واکاڻ ڪئي.- Advertisement -
