- Advertisement -
خيبرپختونخوا ۾ سڪيورٽي فورسز جا ٻه ڌار ڌار آپريشن، 9 دهشتگرد مارجي ويا.
ڊي جي آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته سڪيورٽي فورسز تيره واري علائقي ۾ ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي آپريشن ڪيو.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته آپريشن دران گهربل دهشتگرد نجيب عرف عبدالرحمان ۽ اشفاق عرف معاويه سميت 7 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو، دهشتگرد سڪيورٽي فورسز تي حملن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن تي حملن ۾ ملوث هئا.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته سڪيورٽي فورسز ٻيو آپريشن لڪي مروت ۾ ڪيو، جنهن دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز هر قميت تي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي.- Advertisement -
