- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ حادثن سبب هڪ عورت فوت ۽ 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
بخشاپور ويجهو ڇڻڪو وٽ انڊس هاءِ وي تي ٽرڪ جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار عورت خظمت خاتون فوت ۽ ممتاز ڀيو زخمي ٿي پيو.
بخشاپور پوليس پهچي لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڊرائيور کي ٽرڪ سميت تحويل ۾ ورتو ويو آهي.
ڇاڇرو ويجهو مبارڪ رند روڊ تي هيرار موڙ وٽ ٻن مسافر جيپن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 8 مسافر زخمي ٿي پيا آهن.
ڇاڇرو ويجهو مبارڪ رند روڊ تي هيرار موڙ وٽ تيز رفتار ٻن مسافر جيپن ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو.
حادثي جي نتيجي ۾ ٻنهي گاڏين ۾ سوار 8 مسافر زخمي ٿي پيا، زخمي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين حادثي واري هنڌ تڙپندا رهيا.
مقامي ماڻهن پهچي زخمين کي بي ايڇ يو ۽ ڇاڇرو جي اسپتال ڏانهن منتقل ڪيو.
مسافر لانگ چيچس جيپون ڳوٺ راڄوڙو ۽ عمر انڙ کان اچي رھيون هيون ته حادثو پيش آيو………- Advertisement -
